مست
سينيئر رڪن
روز اخبار جي پنن تي ڪا اهڙي خبر پڙهون ٿا جيڪا هانءَ کي ڏڪائي وجهي ٿي۔۔ ذهن ڇرڪي پوي ٿو ته هي ڇا پيو ٿئي اسان جي پرامن ديس ۾۔۔۔
ڪڏهن ننڍن ٻارن کي حوس جو نشانو بڻايو پيو وڃي۔۔
ڪٿي هٿيارن جي زور تي گهرن ۾ گهڙي ڪنهن نياڻيءَ جي عزت کي پامال ڪيو پيو وڃي۔۔
ڪڏهن رت جي رشتن کي لڄايو پيو وڃي۔۔۔
معاشري جي بي حسي ايتري ته وڌي وئي آهي جو انسان جو قتل ته هاڻ ڪنهن عام جانور يا ڪيڙي ماڪوڙي جي قتل کان به آسان سمجهيو پيو وڃي۔۔۔
اڄ به هڪ اهڙي خبر پڙهي اٿم جيڪا ذهن کي تڙپائڻ لاءِ ڪافي آهي۔۔
اوٻاوڙو ۾ ماڇڪي شهر ۽ ڳوٺ گل محمد سولنگي ويجهو ڪمند جي فصل ۾ ڪم ڪندڙ هڪ بيواهه عورت کي ظالمن صرف والين جي خاطر ڪات سان ڪهي ڇڏيو۔۔ ايترو ئي نه پر انساني تقدس کي پامال ڪندي جاهليت جي دور واري روايت نڀائيندي سندس ڪنَ ڪپي هليا ويا۔۔۔ ايترا وحشي ٿي ويا آهن انسان۔۔۔؟ سو به شاهه ڀٽائيءَ جهڙي امن جي درس ڏيندڙ جي ڌرتيءَ جا ماڻهو۔۔؟
ڇا مستقبل آهي اسان جي سنڌ جو۔۔
اهڙو ئي هڪ واقعو ڪوٽڙي شهر ۾ به ڪجهه مهينا اڳ ۾ پيش آيو هو جتي 2 سالن جي معصوم نينگريءَ کي ڪن ۾ پيل سونين والين جي لالچ ۾ ڪنهن ظالم سندس مٿي کي چٿيندي ماري ڇڏيو۔۔۔