• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توهان ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو....؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪافي عرصي کان ملڪ ۾ بجلي جو بحران سنگين ٿيندو پيو وڃي۔۔ اسان جي اها بدقسمتي يا خوش قسمتي چئجي جو اسان پنهنجي روزمره جا گهڻا ڪم بجلي تي رکي ڇڏيان آهن۔۔۔ ان ڪري جڏهن بجلي نه هجي ته ڪجهه ڪرڻ کان لاچار هوندا آهيون۔۔۔ ڪي دوست پاڻ وٽ ليپٽاپ رکيو اچن جنهن کي هر وقت چارج تي رکندا آهن ته جيئن بجلي وڃڻ جي صورت ۾ ڪم کي جاري رکي سگهجي۔۔۔ پر 50 ڊگري تائين وڌندڙ هن شديد گرمي ۾ بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ ليپٽاپ تي ويهڻ پڻ ڪافي ڏکيو ڪم آهي۔۔۔ ان ڪري مون پنهنجي مصروفيت جو پراڻو پسنديده طريقو رکيو آهي۔۔۔ اهو آهي ته بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ ڪتابن جو مطالعو۔۔۔ اهو ئي سبب هوندو آهي جو هاڻي مون کي بجلي جي وڃڻ جو ايترو ڏک به نه ٿئي بلڪه سچي ڳالهه ته اها آهي ته بجلي جي وڃڻ سان منهنجي چهري تي مرڪ اچيو وڃي۔۔ ڇو ته مطالعي لاءِ مون اهڙي جڳهه به تاڙي ورتي آهي جتي ڪراچي جي ٿڌي ۽ زوردار هوا به آهي ته ڪو مصروفيت ۾ خلل وجهڻ وارو به نه۔۔۔ ها بس موبائيل وڄندي رهندي آهي جنهن ڏانهن هميشه وانگر توجه ئي گهٽ هوندي اٿم۔۔۔:)
هتي هي موضوع کولڻ جو مقصد ته هتي سنڌ سلامت جا سمورا دوست ان ڪتاب يا ڪتابن جا نالا ۽ اقتباس شيئر ڪن جيڪي سندن مطالعي هيٺ رهيا هجن ۽ اهي ڪتاب به جيڪي مستقبل ۾ پڙهڻ جو ارادو رکندا هجن۔۔۔ ان طرح اسان کي هڪ ٻئي مطالعي هيٺ مواد جي واقفيت رهندي ۔۔ ۽ اسان کي ڪجهه نون ۽ سٺن ڪتابن جي ڄاڻ به ملي سگهندي۔۔ اصل ۾ اهو خيال مون کي Shelfari ويب سائيٽ کي ڏسي آيو جيڪا ڪتابن جي مطالعي جي حوالي سان هڪ سوشل نيٽورڪنگ ويب سائيٽ آهي۔۔۔ جيئن ته سنڌ سلامت فورم ۾ اڃان اهڙو سسٽم موجود نه آهي ان ڪري في الحال ان موضوع ذريعي ڪنهن حد تائين ڪم هلائڻو پوندو۔۔
هن موضوع جو ڪو به خاص اصول نه آهي۔۔۔ جئين ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هيل تائين سليمان وساڻ طرفان ڪافي سنڌي ڪتابن کي پيش ڪيو ويو آهي ان ڪري جن دوستن انهن ڪتابن منجهان ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو آهي ته اهو بيشڪ ڪتاب بابت تفصيل، اقتباس ۽ ان جي موضوع کي لنڪ سميت شيئر ڪري سگهي ٿو۔۔۔ ان کان علاوه توهان کي کليل اجازت آهي ته پنهنجي مطالعي هيٺ انگريزي ۽ اردو ڪتابن جا تفصيل ۽ اقتباس پڻ شيئر ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان کان علاوه چاهيو ته ان ڪتاب متعلق ڪنهن ويب سائيٽ جهڙوڪ ايميزون جو لنڪ يا سرورق پڻ شيئر ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔:)

والسلام
 
اڄ ڪلهه منهنجي مطالعي هيٺ ”زندگيون تبديل ڪرڻ وارو ڪتاب“ الڪيمسٽ Alchemist آهي۔۔ هي ڪتاب پائولو ڪوئيلو جو لکيل آهي۔۔۔۔ جيڪو برازيلي آهي۔۔۔
avatar_500.png
alchemist.jpg
هي ڪتاب دراصل هڪ قسم جو مهماتي ناول آهي۔۔ ۽ سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب دنيا جي 56 ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي ۽ هن جون ڪروڙن جي تعداد ۾ ڪاپيون وڪريو ڪيون ويون آهن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ليکڪ جو نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ لکيو ويو آهي۔۔۔ اردو ۾ هن ڪتاب جو ترجمو ”ڪيمياگري“ جي نالي سان عمر الغزالي ڪيو آهي۔۔۔

images
عمرالغزالي​
الڪيمسٽ، هڪ ڇوڪري سان تياگو جي ڪهاڻي آهي۔۔۔ سان تياگو آزاد زندگي گذارڻ جو خواهش مند آهي۔۔ پنهنجي پيءِ جي رستي تي هلڻ بجاءِ هو سموري دنيا جو سير ڪرڻ چاهي ٿو۔۔ پر هن وٽ ان لاءِ پئسا ناهن۔۔ هڪ ڏينهن هن جو پيء هن کي ٽي سون جا سڪا ڏيندي مشورو ڏئي ٿو ته ان جون رڍون خريد ڪري ريڍار ٿي زندگي گذار۔۔۔ سان تياگو ائين ئي ڪري ٿو۔۔ هڪ رات هو خواب ۾ ڏسي ٿو مصر ۾ اهرامِ مصر جي ڀرسان ڪو خزانو آهي۔۔۔ پر اصل جڳهه ڏسڻ کان اڳ ئي هن جي اک کلي پوي ٿي۔۔ پنهنجي خواب جي تعبير جانچڻ لاءِ هڪ عورت سان ملي ٿو جيڪا کيس خزاني جي ڳولا لاءِ مصر وڃڻ جو مشورو ڏئي ٿي۔۔۔ ان دوران هڪ پوڙهو ساڻس ملي ٿو جيڪو پاڻ کي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو بادشاهه ٻڌائي ٿو ۽ کيس چوي ٿو ته هو هر ان ماڻهون جي مدد ڪندو آهي جيڪو منزل جي ڳولا ۾ هجي۔۔۔ بحرحال اهو ڇوڪرو پنهنجي سفر جي شروعات ڪري ٿو ۽ ان دوران کيس ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون هي ناول ان بابت آهي۔۔۔
جيئن ته هي ڪتاب اڃان مطالعي هيٺ آهي۔۔ ان ڪري ڪتاب جا اهم اقتباسات ۽ متن گاهي به گاهي پيش ڪبو رهبو۔۔۔۔
 
بهترين موضوع اوهان ونڊ ڪيو آهي۔ اتفاق سان مون به ڪالهه پنهنجي ڪٻٽ کي کوليو ته ڪجهه پراڻن ڪتابن کي ڏسي وٺجي ته منهنجي ڪٻٽ ۾ پيل ٽي چار پراڻا ڪتاب هٿ آيا جن لا سوچيندو هيس ته پڙهندس۔۔ جن مان هڪ ڪتاب آهي۔۔ ”ايشيائي لوڪ ڪهاڻيون“۔ اسلامي فتح ايران (اردو) ، سنڌي ادب جي تاريخ، ۽ هڪ پراڻو ڪتاب هو جيڪو شايد ڪهاڻين جو آهي۔ پر ان جو ٽائٽل وارو پنو غائب هيو جنهن ڪري ان ڪتاب جو اصل نالو خبر نه پئي۔۔ ان ۾ پراڻيون ڪهاڻيون آهن۔ جن مان اسلامي فتح ايران جو انتخاب ڪيم جيڪو مطالعي هيٺ آهي۔۔ جنهن ۾ خالد بن وليد جون سوڀون ۽ ڪهڙي ريت ايران طرف سوڀون کٽي ٿو ۔۔۔وڌيڪ اقتباسات پيش ڪندو رهندس۔۔انشا الله
 
اوهان جي هِن موضوع جي چونڊ جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي۔ آئون ته چوان ٿو لوڊشيڊنگ جي ناسور ۾ ورتل هِن مُلڪ ۾، جيڪو بجلي نه هوندي ڪا هوادار ڄڳهه تاڙي ڪتاب پڙهڻ جو شؤق رکي ٿو سو خوشنصيب ترين شخص آهي۔
آئون ته ننڍي هوندي کان اهڙين موقعن جي تلاش ۾ هوندو هوس جڏهن بجلي نه هُجڻ ڪري نه ڪٿي ويهي حوال ڪرڻ جو مزو هُجي نه ٽي وغيره ڏسڻ جو چسڪوپورو ٿيندو هُجي۔ اهڙي ۾ ڪتاب ئي اهڙي شئي آهي جيڪا بنا ڪُجهه وٺڻ جي بس رڳو ڏي ٿي۔
مون تازو مسڪين جهان خان کوسو پڙهي پورو ڪيو۔ (جيڪو ڪمپوزنگ جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ جلد هتي ونڊ ڪبو)۔
گذريل هفتي کان ملاحن جي زندگي تي لکيل ناول ”ساگر جي سنتان“ پيو پڙهان۔ اهو ناول تڪشي شو شنڪر پلئَي پاران مليالم ٻولي ۾ لکيو ويو جنهن کي سُندري اتمچنداڻي ترجمو ڪيو آهي۔ هي ڪتاب جيترو بهترين لکيل آهي اوترو ئي سُٺو ترجمو ٿيل آهي (سنڌي ٻولي ۾)۔ آئون چوان ٿو ناول جي صنف سان جيڪڏهن ڪنهن ناول انصاف ڪيو آهي ته اُهو هي ناول آهي۔
ناول پڙهندي ڪٿي به فڪشن جو گُمان نه ٿو ٿئي۔ ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ ته سڀ ڪُجهه اکين اڳيان آهي۔ اُهي دوست جيڪي پنهنجي ٻولي کي سادي رکندي، عام لفظن جي استعمال سان سٺو نثر لکڻ چاهين ٿا تِن لاءِ هي ڪتاب هڪ درسي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو۔
انڊيا وارو ڇاپو ته شايد ئي ڪٿي ملي۔ پر نئون نياپو وارن هن ڪتاب کي ٻي نالي سان ڇپيو اُهو به هينئر اڻلڀ آهي۔ ٻُڌو آهي ته نئون نياپو وارا ٻيو ڇاپو آگسٽ ۾ آنيندا۔
اهو ڪتاب ضرور پڙهو ۽ پڙهايو۔

jc3wq0L3QOrUo.jpg
 
بهترين موضوع اوهان ونڊ ڪيو آهي۔ اتفاق سان مون به ڪالهه پنهنجي ڪٻٽ کي کوليو ته ڪجهه پراڻن ڪتابن کي ڏسي وٺجي ته منهنجي ڪٻٽ ۾ پيل ٽي چار پراڻا ڪتاب هٿ آيا جن لا سوچيندو هيس ته پڙهندس۔۔ جن مان هڪ ڪتاب آهي۔۔ ”ايشيائي لوڪ ڪهاڻيون“۔ اسلامي فتح ايران (اردو) ، سنڌي ادب جي تاريخ، ۽ هڪ پراڻو ڪتاب هو جيڪو شايد ڪهاڻين جو آهي۔ پر ان جو ٽائٽل وارو پنو غائب هيو جنهن ڪري ان ڪتاب جو اصل نالو خبر نه پئي۔۔ ان ۾ پراڻيون ڪهاڻيون آهن۔ جن مان اسلامي فتح ايران جو انتخاب ڪيم جيڪو مطالعي هيٺ آهي۔۔ جنهن ۾ خالد بن وليد جون سوڀون ۽ ڪهڙي ريت ايران طرف سوڀون کٽي ٿو ۔۔۔وڌيڪ اقتباسات پيش ڪندو رهندس۔۔انشا الله
ٽئي ڪتاب ڀلا ٿا لڳن۔۔۔ انهن ڪتابن منجهان سنڌي ادب جي تاريخ جو ٻيو جلد ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان آن لائين موجود آهي۔۔ جڏهن باقي ٻن ڪتابن بابت جيڪڏهن وڌيڪ وضاحت ٿئي هوندر ڀلو۔۔۔
 
گذريل هفتي مون هڪ اُردو ناول پيرِڪامل پڙهيو آهي۔ هي ناول منهنجي نظر ۾ هڪ لازوال تخليق آهي۔ هن ناول جي ڪهاڻي مذهب جي چوڌاري هلي ٿي، هڪ قادياني فرقي سان تعلق رکندڙ نازڪ نفيس ڇوڪري عشقِ مصطفى صلي الله عليه وآليه وسلم ۾ ايتري ته گم ٿي وڃي ٿي جو کيس دنيا جي هر ستم کي منهن ڏيڻ جي سگهه پيدا ٿيو وڃي۔ ناول ۾ سندس ايمان جي طاقت ۽ خاندان جي مخالفت سان گڏوگڏ هڪ ٻئي نوجوان جي ڪٿا به سهڻي انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي، جنهن جي ذهني قوت ۽ آئي ڪيو ليول ته تمام گهڻي آهي پرمذهب کان دوري کيس هميشه بي آرام ۽ بي سڪوني جي ڪيفيت ۾ رکيو۔ ناول کي پڙهندي ڪيترين ئي جڳهن تي دل مان واهه واهه ۽ سبحان الله جي صدا نڪتي۔
اڄ عميره احمد جو لکيل پير ڪامل مقبوليت جا نوان ريڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي۔ سندس مقبوليت کي ڏسندي هن ناول کي انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو ويوآهي۔
سندس لکيل ٻين ڪتابن ۾ لاحاصل، امر بيل، ميري ذات زره بي نشان ۽ ٻيا به کوڙ سارا بهترين ناول شامل آهن۔ دوست سندس لکيل ڪتاب هن لنڪ تان پڙهي سگهن ٿا۔

Pir-e-Kamil.jpg
middlepeer-e-kamil.jpg
 
سائين ٻين ڳالھين کي ڇڏيو اوھان ڪراچي ۾ ڪٿي ۽ ڪھڙي ڪنڊ ۾ ويھي آرام سان پرسڪون ٿي ڪتابن جو مطالعو ڪندا آھيون، اسان ته بجلي وڃي ته جان مان ئي بيزار ٿيو ونڃون
 
هر مهيني هڪ ٻه ڪتاب پڙهي وٺندو آهيان۔ هن مصروف وقت ۾ ڪتاب پڙهڻ به غنرمت دمجهندو آهيان۔ گهڻو ڪري جڏهن ڳوٺ ويندو آهيان ته ايندي ويندي گاڏيء ۾ ڪو ڪتاب پڙهي پورو ڪندو آهيان۔

yaar-jpg.1919

تازو ئي حيدر دريا زئور جو ناول يار پڙهڻ لاء مليو هو، جنهن تي سرسري نظر وجهي هڪ ننڍو تبصرو پڻ لکيو هيم۔ ڳوٺ ويندي ڪتاب تفصيلي پڙهيم۔
سندس تازي ناول يار ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال کي خاص طور تي سامهون آندو ويو آهي. ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته سنڌ جيڪا درگاهن ۽ پيرن فقيرن جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهي اتي سنڌ جي اهم درگاهن تي ڇا وهي واپري ٿو ۽ اتي ڪهڙي قسم جو ماحول قائم ٿيل آهي . نه صرف اهو پر هن ناول ۾ سامونڊي ناکئن جو احوال ته تمام خوبصورت انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. حيدر دريا اهو ليکڪ آهي جنهن جا ڪردار اسان جي روزمرهه جي زندگيء مان ئي آهن ۽ مڪالما اهڙا ته بهترين لکي ٿو جو ڪهاڻي جو تجسس پڙهندڙ کي الڳ ٿيڻ ئي ڪونه ٿو ڏئي ۽ يڪساهي ۾ ناول پڙهي پورو ڪرڻ تي دل چوي ٿي.

جيڪڏهن اهو چئجي ته حيدر درياء جي هن ناول ۾ تصوف جي اپٽار هر جاءِ تي پسجي ٿي ته ڪو وڌاء نه ٿيندو. ليکڪ پاڻ ئي چوي ٿو ته

”منهنجو هي ناول، عشق جي اسڪول ۾ نئين داخلا وٺندڙ نوجوانن جي ٿوري ڪجهه رهنمائي ضرور ڪندو، ٿوري ڪجهه انهيءَ ڪري پيو چوان، جو خدا جي خدائي کي ڪنهن هڪ عمر ۾ مڪمل ڪرڻ ناممڪن آهي. “

اول پڙهڻ کانپوء اهو لڳي ٿو ته ليکڪ پنهنجي پاران هن سڄي ناول کي تصوف جي ڪلائمڪس اندر گهمائي ڦيرائي پيش ڪري رهيو آهي. تصوف جا واضح نقطا سموري ناول جي اندر محسوس ٿي رهيا آهن. حيدر دريا جي ڪچهري ۽ بحث ۾ به لڳندو آهي ته تصوف جا خيال مٿس حاوي آهن ۽ ساڳي شيء سندس لکڻين مان به واضح آهي. سندس ناول جو ٻيو پاسو آهي سنڌ جي ماڻهن جي سياسي وابستگي جنهن کي هن ڪمال ڪاريگريء سان ڪردارن سان نڀائيندي پيش ڪيو آهي.

سنڌ جي سامونڊي ناکئن جو احوال ۽ ڪهڙي ڏکيائن کي منهن ڏين ٿا اهڙي ته نموني پيش ڪيو اٿس ڄڻ پڙهندڙ ان ناول جو ڪردار آهي ۽ اها سندس ئي ڪهاڻي آهي۔

هڪ مڪالمي ۾ جڏهن ٻن ڀائرن جو پاڻ ۾ بحث ٿئي ٿو هڪ تي طالبان جي سوچ جو اثر آهي جڏهن ته ٻئي تي تصوف جو رنگ چڙهيل آهي۔ اتي لکي ٿو


“۽ اها حقيقت به تون چڱي طرح ڄاڻندو هوندي ته، حضرت آدم جو گناهه، حضرت آدم جي پيدائش کان چاليهه سال اڳي، اهو توريت ۾ لکجي چڪو هو ۽ حضرت آدم کي ان جو علم نه هو.
عشق ته ابليس به ڪيو، ته آدم به ڪيو ۽ غلطي به ابليس ۽ آدم ٻنهي ڄڻ ساڳي ڪئي، پر پوءِ هڪ نبي بڻيو ۽ ٻيو قيامت تائين ڪافر”

هڪ هنڌ جڏهن ملاحن سان گڏ هن ناول جو هيرو هندستان جي جيلن ۾ وڃي ٿو ته اتي کيس پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن جي ذريعي مارائڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي۔ تڏهن هن کي پنهنجي ساٿي جي اها ڳالهه ور ور ڪري ياد اچي ٿي ته :


“پنهنجي غيرت کي پارسل ڪري وڪڻندڙ، جيڪي پنهنجي پويان ڇڏي آيا آهيون، انهن جي غيرت جو آسرو نه ڪجو، انهن رهزنن جو ڪميڻو راڄ،جهڙو اُتي آهي، تهڙو هِتي آهي”

سندس هن ناول جو مک ڪردار قربان تصوف جي رنگ ۾ رچيل آهي اتي هن کي زندگيء جي امتحان ۾ ڪيترن ئي مشڪلن کي منهن ڏيندي جدوجهد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هو پنهنجي حقيقي عشق جي جستجو ماڻڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو پر تنهن هوندي به کيس پنهنجي سچي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رنڊا روڙڻا پون ٿا پر زماني جي ويرين کيس اهڙي ته ڄار ۾ ڦاسائڻ جا سانڀاها ڪن ٿا جنهن مان هن جو واپس ورڻ ئي محال بڻجي وڃي ٿو تنهن هوندي به هو پنهنجي علمي ۽ عقلي دليلن وسيلي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو.

هن ناول ۾ سندس جملن جي ادائگي ته لاجواب آهي پر ڪٿي ڪٿي دليلن ذريعي ڪيل بحث سبب ماڻهو ڪهاڻي جي اصليت کان پاڻ کي پري سمجهي ٿو۔ پر پوء به سندس دليل ۽ جملي بازيون ڇا ته ڪمال جون آهن۔

ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هي ناول سنڌ سلامت جي دوستن سان به شيئر ڪبو۔
 
آئون هينئر مولانا آزاد جو مشهور ڪتاب غبار خاطر ( جيڪو خطن تي مشتمل آهي) پڙهي رهيو آهيان۔

1-75a110035d.jpg

هن ڪتاب (لنڪ) کي پڙهڻ جي منهنجي پُراڻي خواهش هئي پر اصل ڪتاب اردو ۾ آهي ۽ اردو به تمام ڏکي هئي ڪتاب موجود هئڻ باوجود پڙهي نه سگهيو هئس،هينئر نواز زنئور طرفان هن ڪتاب جو (دل جو غبار) جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي،تمام بهترين ڪتاب آهي۔۔
 
مان ته اڄ ڪلهه۔ وري پي سي ايس جي امتحان جي تياري ۾ آهيان ته ان ڪري، پوليٽيڪل سائينس، سنڌي ادب جي تاريخ، اسلاميات ۽ ٻيا ضروري ڪتاب پڙهي رهيو آهيان۔۔
 
jbqq8HYZHz7W0e.JPG

هن سلسلي ۾ جواب ڏيڻ لاءِ لڳي ٿو وري وري اچڻو پوندو۔ ڇو ته اڄڪلهه جي اڻ کُٽ مصروفيتن باوجود به ڪتاب پڙهڻ جي ٻاڙ برقرا آهي۔ دوست پاران ڏنل ڪتاب ”ڪيئي ڪتاب“ زيرِ مطالعه آهي۔ هي ڪتاب هڪ وڏيري لکيو پر هو فقط نالي ۽ حيثيت ۾ وڏيرو هو۔ حساس طبيعت ۽ ذوقِ باوقار وارو هي شخص پنهنجي زندگي ايئن گذاري ويو جو رستي ۾ ايندڙ هزار مشڪلاتن باوجود به هن پنهنجي مقصد ۽ شوق کي پوئتي نه رکيو۔ وڏن ماڻهن سان صحبت هوندي ڪافي ڪُجهه سکيو ۽ ڏسي سگهيو۔ سائين جي ايم سيد سان پڪي ياري هئس جنهن کيس اهو ڪتاب لکڻ ۾ مدد ڪئي۔ سندس ويجهن دوستن کي افسوس رهيو ته ڪيئي ڪتاب نالي هن جي آتم ڪٿا جو ٽيون حصو ڇو نه اچي سگهيو۔
هن ڪتاب ۾ هي همراهه پنهنجي شوقين طبيعت جو ذڪر ڪري ٿو۔ ننڍي هوندي ما جي جدائي، ننڍي نيٽي وني جي ٽئين ڏينهن هلي وڃڻ، پڳ مٽ يار ۽ ساٿي جو وڇڙي وڃڻ، والد صاحب جي گذاري وڃڻ جا قصا بيان ڪري ٿو۔
پر پنهنجي شوق جو ذڪر به گڏ گڏ ڪري ٿو۔ جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ ممبئي وڃي سنڌي فلمن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪرڻ، پنهنجي سئنيما کولڻ، سير سفر، ميجب الرحمان ۽ ڀُٽي جهڙن شخصيتن سان ملڻ، مشهور پير سيد سمن سرڪار جي مجذوبي کان اڳ ۽ پوءِ واري حالت ڏسڻ ۽ انهي جي پاڻ مٿان عاشق ٿيڻ جا قصا به بيان ڪيا اٿس۔
سندس هڪ منفرد ۽ نرالو سفر جيڪو هُن سنگت سان انيڪ ڀيرا ڪيو اهو هو حيدرآباد کان ڦليلي ڪئنال ۾ ٻيڙين ۾ ويهي بار بي ڪيو ٺاهيندي کائيندي ماتلي پُهچڻ۔ ماتلي ڀرسان ڦليلي جي ڪپر تي سندس گهر جا نشان متان هاڻ مٽجي به ويا هُجن پر هي همراهه صديون ياد رکڻ جهڙو هو۔
هن ڪتاب ۾ همراهه جو ورهاڱي کان اڳ ممبئ ميل (ٽرين) ۾ ممبئي وڃڻ جو سفر يادگار آحي۔ اهو جلد سنڌ سلامت تي ونڊ ڪبو۔
ڪيئي ڪتاب جا ٻئي حصا گڏيل ناز سنائي ڇپرايا آحن۔ قيمت 700 آهي۔ ڪتاب پڙهڻ لاءِ تجويز ڪجي ٿو۔
 
ڪافي عرصي کان ملڪ ۾ بجلي جو بحران سنگين ٿيندو پيو وڃي۔۔ اسان جي اها بدقسمتي يا خوش قسمتي چئجي جو اسان پنهنجي روزمره جا گهڻا ڪم بجلي تي رکي ڇڏيان آهن۔۔۔ ان ڪري جڏهن بجلي نه هجي ته ڪجهه ڪرڻ کان لاچار هوندا آهيون۔۔۔ ڪي دوست پاڻ وٽ ليپٽاپ رکيو اچن جنهن کي هر وقت چارج تي رکندا آهن ته جيئن بجلي وڃڻ جي صورت ۾ ڪم کي جاري رکي سگهجي۔۔۔ پر 50 ڊگري تائين وڌندڙ هن شديد گرمي ۾ بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ ليپٽاپ تي ويهڻ پڻ ڪافي ڏکيو ڪم آهي۔۔۔ ان ڪري مون پنهنجي مصروفيت جو پراڻو پسنديده طريقو رکيو آهي۔۔۔ اهو آهي ته بجلي نه هجڻ جي صورت ۾ ڪتابن جو مطالعو۔۔۔ اهو ئي سبب هوندو آهي جو هاڻي مون کي بجلي جي وڃڻ جو ايترو ڏک به نه ٿئي بلڪه سچي ڳالهه ته اها آهي ته بجلي جي وڃڻ سان منهنجي چهري تي مرڪ اچيو وڃي۔۔ ڇو ته مطالعي لاءِ مون اهڙي جڳهه به تاڙي ورتي آهي جتي ڪراچي جي ٿڌي ۽ زوردار هوا به آهي ته ڪو مصروفيت ۾ خلل وجهڻ وارو به نه۔۔۔ ها بس موبائيل وڄندي رهندي آهي جنهن ڏانهن هميشه وانگر توجه ئي گهٽ هوندي اٿم۔۔۔:)
هتي هي موضوع کولڻ جو مقصد ته هتي سنڌ سلامت جا سمورا دوست ان ڪتاب يا ڪتابن جا نالا ۽ اقتباس شيئر ڪن جيڪي سندن مطالعي هيٺ رهيا هجن ۽ اهي ڪتاب به جيڪي مستقبل ۾ پڙهڻ جو ارادو رکندا هجن۔۔۔ ان طرح اسان کي هڪ ٻئي مطالعي هيٺ مواد جي واقفيت رهندي ۔۔ ۽ اسان کي ڪجهه نون ۽ سٺن ڪتابن جي ڄاڻ به ملي سگهندي۔۔ اصل ۾ اهو خيال مون کي Shelfari ويب سائيٽ کي ڏسي آيو جيڪا ڪتابن جي مطالعي جي حوالي سان هڪ سوشل نيٽورڪنگ ويب سائيٽ آهي۔۔۔ جيئن ته سنڌ سلامت فورم ۾ اڃان اهڙو سسٽم موجود نه آهي ان ڪري في الحال ان موضوع ذريعي ڪنهن حد تائين ڪم هلائڻو پوندو۔۔
هن موضوع جو ڪو به خاص اصول نه آهي۔۔۔ جئين ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ هيل تائين سليمان وساڻ طرفان ڪافي سنڌي ڪتابن کي پيش ڪيو ويو آهي ان ڪري جن دوستن انهن ڪتابن منجهان ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو آهي ته اهو بيشڪ ڪتاب بابت تفصيل، اقتباس ۽ ان جي موضوع کي لنڪ سميت شيئر ڪري سگهي ٿو۔۔۔ ان کان علاوه توهان کي کليل اجازت آهي ته پنهنجي مطالعي هيٺ انگريزي ۽ اردو ڪتابن جا تفصيل ۽ اقتباس پڻ شيئر ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان کان علاوه چاهيو ته ان ڪتاب متعلق ڪنهن ويب سائيٽ جهڙوڪ ايميزون جو لنڪ يا سرورق پڻ شيئر ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔:)

والسلام

سائين ڪتابن بابت سوشل نيٽورڪنگ جي حوالي سان مونکي وري goodreads ويب سائيٽ ڏاڍي وڻي۔۔ اوهان وزٽ ڪري ڏسو مَنَ اوهانکي به پسند اچي وڃي۔۔ goodreads کي مون پنهنجي لائبريري سان لنڪ ڪري ڇڏيو آهي۔۔
 
سائين ڪتابن بابت سوشل نيٽورڪنگ جي حوالي سان مونکي وري goodreads ويب سائيٽ ڏاڍي وڻي۔۔ اوهان وزٽ ڪري ڏسو مَنَ اوهانکي به پسند اچي وڃي۔۔ goodreads کي مون پنهنجي لائبريري سان لنڪ ڪري ڇڏيو آهي۔۔
ڪافي سٺا ڪتاب نظر مان گذريا۔۔۔ ڪجهه ته مون پڙهڻ لاءِ مارڪ به ڪري ورتا۔۔۔ بهترين سائيٽ
 
اڄ ڪلهه منهنجي مطالعي ۾ هڪ بهترين ڪتاب موجود آهي جيڪو علامه سيد سليمان ندوي رح جو تصنيف ٿيل آهي۔۔ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم۔۔۔ هن ڪتاب جا ڪيترا ئي جُلد موجود آهي مان ان جو پنجو جُلد پڙهي رهيو آهيان۔۔ هڪ ته پنهنجي امتحان جي تياري لا هن ۾ بهترين مواد موجود آهي ٻيو هن ڪتاب جي پڙهڻ سان دين اسلام جي سڀني ارڪانن بابت ڀلي ڀت ڄاڻ به ملي رهي آهي۔۔
 
1238072_665228646844610_1694476972_n.jpg

هاڻي منهنجي مطالعي هيٺ هي ڪتاب آهي جيڪيو منهنجي ننڍڙي ذوفشان منظور کنيون ويٺي آهي، اوهان به پنهنجن ٻارڙن اڳيان سنڌي ڪتابن جو مطالعو ڪندا رهو ته جئين ٻارڙا اهو سڀ ڏسي پنهنجي دلسچسپي ظاهر ڪن۔۔۔۔ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ بابت جامع ڄاڻ موجود آهي۔ هن وقت ايندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان جي تياري لا بهترين ڪتاب آهي ۔ اميد ته لاڀ حاصل ڪندا۔۔
 
اڄ ڪلھ مان سيد سليم شهزاد (جنهن کي دهشتگردن ماري ڇڏيو هو) جو ڪتاب انسائيڊ القاعده پڙهي رهيو آهيان۔
25fhguw.jpg
 
Back
Top