• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توهان ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو....؟

اهيا حقيقت آهي ته ڪتاب هڪ بهترين دوست آهي، خاص ڪري مون جهڙي اڪيلي ماڻهون لاء،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪتاب پڙهڻ جو شوق مون کي تڏهن کان آهي جڏهن مان پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس، ۽ ان وقت کان وٺي مان ڪتاب رسالا پڙهندو پيو اچان، هت (سنڌ سلامت جي فورم ) تي هن عنوان (توهان ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو....؟ ) واري سيڪشن ۾ هر دوست پنهنجي پنهنجي مطالعي هيٺ آيل ڪتاب جو ذڪر ڪري رهيو آهي، ۽ اهيا به حقيقت آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن مان هڪ ٻه کي هٽائي ڪري باقي سڀ ڪتاب منهنجا پڙهيل آهن، ۽ اهو به ڪافي عرصو پهرين،
باقي مان توهان دوستن کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته مان هڪ ئي وقت ٻه ٽي ڪتاب پڙهندو آهيان، ۽ الحمدالله مون وٽ هڪ ننڍي لائبريري پڻ آهي، ۽ انهيء لائبريري مان ڪجهه ته ڪتاب منهنجي ڪمپيوٽر جي ڀرسان ۽ مٿان پڻ پيل هوندا آهن ۽ تازو مان ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ لڳل ڪتابي ميلي مان به ڪجهه ڪتاب خريد ڪري آيو آهيان، مثلن ۔۔۔ شاهه جي رسالي جو مطالعو۔ تحرير عبدالجبار جوڻيجو،ــــــــــــ سنڌ جي تاريخ مقالا ۽ مضمون تحرير ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي رح ــــــــــــــــــ حيات عمر فاروق رضه مصنف محمد حسين هيڪل سنڌيڪار مولانه محمد انس راڃپر ــــــــــــــــ حيات ابو بڪر صديق رضه مصنف محمد حسين هيڪل سنڌيڪار محمد حسين شاهه سجاولي ــــــــــــــــ حيات عثمان ذوالنورين رضه مقنف مولانه سعيد اڪبر الهه آبادي سنڌيڪار محمد حسين شاهه ــــــــــــــــــــــــ حيات علي مرتضه رضه مصنف مولانه ابو الحسن ندوي سنڌيڪار دادا سنڌي ــــــــــــــ سنڌي ٻولي جو پڻ بنياد مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانه ـــــــــــــــــ ڪاميابي جا سونهري اصول مصنف جيڪ ڪئن فيلڊ سنڌيڪار وقار احمد راهمون ـــــــــــــ تاريخ سنڌ مصنف سيد سليمان ندوي سنڌيڪار محمد اسماعيل پٺاڻ ــــــــــــــ تصوف جي تاريخ مصنف پروفيسر يوسف سليم چشتي سنڌيڪار عبدالجبار عبد ــــــــــــــــــــ ڪيمياء سعادت مڪمل مصنف امام محمد غزالي سنڌيڪار مرزا قليچ بيگ رح ــــــــــــــــــــ قصص القرآن مصنف مولانه حفظ الرحمن سيوهاروي سنڌيڪار پروفيسر نثار احمد نوراني ــــــــــــ لطيف جا ٿر تان ڀيرا معمور يوسفاڻي ــــــــــــــ سچل جو پيغام مصنف ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي رح ـــــــــــ فلسفه محبت تحرير الطاف حسين بابي و قائد متحده قومي مومينٽ ــــــــــــــ هي ڪتاب انهيء سياستدان جو لکيل آهي جيڪو محبت جي م مان به واقف ڪونهي، هن ڪتاب جو نالو اگر فلسفه محبت جي جڳهه تي جنس جي ( سيڪس ) جي ڄاڻ رکيو وڃي هان ته بهتر هو، هن ڪتاب ۾ محبت جي ته ڪا به ڳالهه نظر ڪانه ٿي اچي، هن ڪتاب ۾ ته صرف ۽ صرف بي حيائي بي حيائي آهي، هن ڪتاب جي قيمت 250 رپيا رکي وئي آهي مگر ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ هن ڪتاب جي تعارفي قيمت آهي صرف 50 رپيا۔ افسوس هن ڳالهه جو آهي ته اگر اهڙو ڪتاب ڪو ٻيو لکي هان ته هي اردو ڳالهائيندڙ ان جو رت پئي وڃن هان،مگر هت خاموش آهن
526187_3127877354266_858773769_n.jpg

4491_1089892445917_2154757_n.jpg

190735_1705743561810_2316605_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مان تازو ذاكتر محمد حميدالله جو كتاب ‏Introdiction to Islam‏ بزهيو آهي اسلام جي اصل تعليمات كهي هن دؤر مطابق سمجهن لاء هي كتاب انتهائي اهم آهي آئون جاهيان تو ته ان كهي سندهي م ترجمو كريان جيئن اسان جي سندهي بزهن وارن كهي به ان مان فائدو حاصل تئي .
 
آئون تُرڪ ليکڪ عمر عطيلا ايرگيءَ جو لکيل ڪتاب ”تخليق خالق کان سواءِ“ پڙهي رهيو آهيان. جيڪو مظفر بخاري ترجمو ڪري سنڌيڪا پارن کان ڇپرايو آهي. اڄڪلهه ٿورو پڙهي دهريو ٿيڻ جي روش کي روڪڻ لاءِ ڪافي سُٺا دليل منجهس موجود آهن. ڪا به بهترين تخليق خالق کان سواءِ ناهي، ان لاءِ ڪافي مظبوط دليل ڏنل آهن.
 
اڄڪلھ منهنجي ورد ۾ دلائل الخيرات ڪتاب آهي ، جيڪو سليمان جزولي رحمت الله عليه جن جو لکيل آهي ، درود پاڪ جو شاهڪار ڪتاب آهي

Eq8hVe.jpg

موبائيل ۾ پڙهڻ لاءِ هن جي اينڊرائيڊ ايپليڪيشن پڻ موجود آهي جيڪا هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا
 
اڄڪلهه سيرت الرسول صلي الله عليه وآله وسلم تي لکيل هڪ عظيم علمي ۽ تحقيقي ڪتاب زير مطالعه آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب جو مصنف "محمد عيسى قادري رضوي" آهي پر اصل تحقيق حضرت امام احمد رضا خان رحمته الله عليه جي آهي ڇاڪاڻ جو اعلى حضرت جي مختلف تصنيفات جي روشني ۾ هي ڪتاب لکيو ويو آهي. هي ڪتاب چئن جلدن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ تاريخ اسلام جي شروعاتي دور بابت تمام بهترين ڄاڻ ڏني وئي آهي.
19436616012_37fe7fb4ea_o.jpg

هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته محبوبن ڪريمن سان جڙيل مختلف اهم شخصيتن بابت اهم تاريخي ۽ مستند ڄاڻ پڻ پهچائي وئي آهي. ڪتاب جي افاديت فهرست ۾ شامل مختلف عنوانن سان ظاهر ٿئي ٿي.
DSC01069.jpg

DSC01069.jpg

DSC01073.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top