قرب جنين جو قلب تحرير نارائڻ شيام

'سنڌي ادب' فورم ۾ اي جي شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2013۔

  1. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڊوڙندڙ چنڊ ۽ ڪن ڀورين ڪڪرين جي اُسڙي ڇانوڙيءَ ۾ سامهون شهر جون اوچيون عمارتون هنئر چتيون،هينئر ڌنڌليون پيون لڳن. دل جي حالت به ڪجهه اهڙيائي آهيم.ڊوڙندڙ وقت ۽ فاصلن جي وچ ۾ ماضيءَ جون ڪي چٽيون ڪي ڌنڌليون ساروڻيون آهن.ذهن۾ڪي ٽٽيون تاريخون ڪين اٿم.فقط ڪي هلڪا نقشا آهن.
    تن ڏينهن شڪارپور ۾ انٽرآرٽس پڙهندو هوس.شڪارپور موتئي جي ڪنٺين مٺاين ۽ سنگيت جي هانڊن کان مشهور هئو.ماڻهو ملوڪ ،مٺو ڳالهائيندڙ ۾ قربائتا .پر منهنجو ڪن ٿورن سان اٿڻ ويهڻ هوندو هئو.ادو لعل محمد لعل،شفيع محمدعلوي،جڳت ڪيسواڻي مهراج پيتانبرڀاوناڻي ۽ ٻيا به چار سڄڻ جن جا مهانڊا اکين آڏو ڦرنم پيا پر نالا دل تان لهي ويا اٿم.ادي لعل محمد جي معرفت ئي مرحوم غلام علي مسرور،جناب لطف الله بدوي ۽ ان جي فرزند احسان احمد مرحوم سان واقفيت ٿيم.احسان تن ڏينهين اڃا اسڪول ۾ پڙهندو هيو.
    ڪاليج ۾ ڪوفنڪشن ٿيو هو .هال ۾ هڪ سنهڙو سيپڪڙو جوان ڇاتي تاڻي اڳڀرو وڌي رهيو هئو.ڪڻڪ رنگو،ڊگهڙو منهن جنهن تي ماتا جا ڇڊيرا نشان،گهڻن جون ڏانهنس اکيون هيون.ڀر ۾ ويٺل لعل محمد ٻڌايو ته شيخ مبارڪ اياز آهي.سندس باري ۾ ٻيو به ڪي ڏسيائين.اجهو ائين پهرئين لڱا اياز کان واقف ٿيس.
    شڪارپور ۾ پڙهندي ساڻس وڌي ويجهو نه ٿي سگهيس. شڪارپور پڙهڻ کان ويو هوس پيءُ جي نوڪريءَ سانگي.سندن اتان بدلي ٿي ته مون به ٻئي سال وري ڪراچيءَ جا وڻ وسايا.اتي بي اي ۾ شيخ عبدالرزاق”راز“سان آشنائي ٿي.اياز به ڪراچي ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي.راز،اياز سان ويجهو ٿي چڪو هو .اياز سنڌ مدرسي هاسٽل ۾ رهندو هيو.سندس طبيعت ناساز ٿي پيئي.راز سان گڏجي وٽس ويندو هوس.ياد اٿم ته ڪيئن نه ان بيماريءَ جي بستري تي ڳالهيون ڪندي چيو هيائين ته هي پارسي بحر و وزن سنڌي زبان جي ڏانوَ جا نه آهن.انهن ۾ سنڌي لفظ پنهنجن اچارن سان پوريءَ طرح موزون ٿي نٿا سگهن. ان طرح شعر و ادب تي خيالن جي ڪافي ڏي وٺ ٿيندي رهي .ڀلجان نٿو ته بي.اي . فلاسافيءَ ۾ ڪري رهيو هئو. وسيع مطالعي جو شوق ٿيس.
    ان کانپوءِ سگهو ئي ماترائن تي جڙيل سندس نظم ”او باغي ، او راج دروهي .ڀارت ۾ بلوي جا جا باني“ ظاهر ٿيو جو دريا جهڙي رواني ۽ ان وقت جنتا جي جذبات جي آسان لفظن ۾ عڪاسيءَ سبب نهايت مقبول ۽ مشهور ٿيو.انائيت هئا يا ٻنهي تي پنهنجي پنهنجي ڌن سوار هئي پر حقيقت اها اهي ته ڪاليج جي سنڌي سرڪل خواه ترقي پسند اديبن جي ڪلاسن ۾ گڏ وهندي به پاڻ ۾ بي تڪلف ٿي نه سگهيا سين.انهيءَ هوندي به دل هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ محبت سان سرشار هئيسين.
    ايم.اي فائينل جا پويان مهينا هئا جو ڪنهن زرچڪ اچڻ تي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي نوشهري فيروز مدرسي ۾ وڃي ماستري ڪيم.انهن ڏينهن ۾ اياز ”اڳتي قدم“ رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو هيو. ان لاءِ هڪ نظم ” تون نه وڃجانءِ ڇڏي“ موڪيو هئم.ان نظم تي جا نئين پيرائي ۾ مختصر مگر جامع تنقيد ڪئي هئائين اها اڃا تائين دل ۾ هريم پيئي.
    محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت هلي آءُ
    سندم هوت هلي آءُ
    ٽڙي آهه رتن جوت نه ڳڻ ڳوت هلي آءُ
    سندن هوت هلي آءُ

    وارو گيت به سندس ”اڳتي قدم“ ۾ شايع ٿيو هيو. سنڌيءَ جي نجي لئه کيس حاصل ٿي چڪي هئي .
    نوڪريءَ ڪئي اڃا سوا سال مس ٿيو هئو جو وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا.جنوري 1948ع جوپهريون هفتو هئو.ڪراچيءَ گاڏي کاتي ۾سوٽ وٽ لٿل هوس ناخوشگوار واقعن ٿيڻ سبب ميٺارام هاسٽل ۾ ڊي ڪي منشاراماڻيءَ وٽ وڃي رهيس.هڪ ڏينهن رستي ويندي اياز گڏجي ويو.حال اوريوسين.پاڻ وٽ هلي وڃڻ جي آڇ ڪيائين پر هتان جو ان پاڻي ڇڪي رهيو هئو .منهن ملاقاتون ائين بند ٿي ويون.جهاز ۾ چڙهي اندر اڌما ۽ آنڌ ماند سانڍي آسمان جي ويڳاڻي ميراڻ هيٺيان ۽ اٿاه ساگر جي لوچ مٿان لڙهندو بمبئي پهتس. بمبئي مان نڪري اجمير کان ڦرندو آخر دهليءَ اچي ٿانئيڪو ٿيس.ڪجهه پڄاڻان سنڌي مخزنن دوران هڪٻئي کي ڏسڻ ٿيو.مان ته موٽي سنڌ وڃي نه سگهيو آهيان پر هو قربائتو ڪنهن حيلي هڪ ڀيرو هتي اچي گڏجي ويا آهي ۽ موٽ جي ميار رکي ويو آهي. ان ملاقات جي ياد اڄ به اکين ۾ آب آڻي ٿي.ان زماني ۾ گهڻيئي سياسي هوڙهٻايون ٿيون.
    ”هي سنگرام سامهون آـ نارائڻ شيام“
    ان دور جو آواز آهي جنهن جي باعث کيس گهڻائي عتاب سهڻا پيا.
    ”شاگرد“ مخزن جي هڪ شماري ۾ سندس هڪ غزل شايع ٿيو هيو،
    شب تاريڪ کان تاريڪ تر آ زندگي منهنجي
    ڪٿي آهين اڙي او روشني او روشني منهنجي؟
    ڪيڏي نه بيچارگي !روشنيءَ جي تلاش ۾ نه پر روشني جو ماتم آهي.
    اها ويلا هئي،جڏهن کان سوز سندس شاعريءَ ۾ پيهي آيو.
    روح رهاڻ ۽ مهراڻ ذريعي اڻ ڏٺو ڏسڻ ٿيندو رهيو.اياز جي زندگيءَ موڙ ڇا کاڌو هئو سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ مليو هئو.
    غالب جو شعر
    سب کہاں کچھ لال وگل میں نمایاں ہوگئیں
    خاک میں کیا صورتیں ہونگی کہ پہچان ہوگئیں
    جي عظمت مسلم مگراياز جي شعر
    سوين خاڪ ۾لال و گل ڇپي ويا
    صبا کي لنوائي ويا ڪير سمجهي؟
    جي تهه ۾ ته ڪو ليو پائي ڏسي صبا کي لنوائي وي جي اشاريت ته ڪو پرکي!
    هلائي ويا روح۾شهد شيرين
    مٽيءَ سان مچائي ويا ڪير سمجهي
    سوين لعل و گوهر گداگر اوهان جي
    لبن مان لڪائي ويا ڪير سمجهي
    پڙهندي احساس منهن ۾ ائين بکڻ لڳن ٿا جيئن سج جي تڙڪي ۾ پاڻي.
    ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو 1962ع ۾ پڌرو ٿيو.جمالياتي شاعريءَ جون خوب جهلڪيون آهن ان ۾.ڪنهن ڏس ڏانهن وڌڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا ان ۾ ”ڪنول پاڙون پاتار “ وانگر سندس ساعري سنڌيت جون اونهيون جڙون هڻندي ڳائجي ٿي.
    ”ڪلهي پاتم ڪينرو“کان ڪي جو ٻيجل ٻوليو،جلجل مشعل جل....هي گيت اڃايل مورن جا.
    رت آهي ڳاڙهن ٻيرن جي...
    تائين جوتڪڙيون وکون وڌائيندي اياز جي شاعري لڄانان ڪيترا مرحلا طئي ڪري آئي آهي.سرهين چانڊوڪين،ٻيڙي ڀريءَ ڀيڄ ڀنئي ۽رنگ رتي باک ڦٽيءَ جون گهريون گهاري ڌرتيءَ جو رڻ جي راهن تان هلندو رهيوآهي.اڄ سندس شاعري فن فڪر۽ زبان جي عظمت جي نشاندهي ڪري رهي آهي.
    نوان مفهوم ،نيون علامتون،نيون ترڪيبون،نيون تشبيهون،نوان رخ،نوان موڙ اڃا به گهڻو ڪجهه ڏيئي سنڌي شاعريءَ سان ڪي وڙ ڪيا اٿس.سندس ڪلام سنڌي وجود جو ضامن آهي.
    ”هي گيت اڇايل مورنجا“ مجموع ۾ هڪ نظم آهي،
    پهريون پهريون
    لفظ خدا جو ”ڪن فيڪون“
    شاعر،موسيقار،مصور
    سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون
    ڪن فيڪون!
    ڏات خزانو آهي
    ڀل ته وراهي
    موتي هيرا،
    نيلم هيرا!
    دل ڪري سينگار صدين جا
    روڪ نه تن کي
    ٽوڪ نه تن
    هن جي سرجڻهار صدين جا
    شاعر،موسيقار ۽ مصور کي صدين جا سرجڻهار ڪري سڏي ٿو”سچ ته پاڻ به صدين جو سرجڻهار آهي
    .(11-11-1975 تي لکيل )
    ٽه ماهي سپون بمبئي ”نارائڻ شيام نمبر اپريل ـجون 1992 تان ورتل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل شير احمد ڀلائي

    گل شير احمد ڀلائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪيبل آپريٽر
    ماڳ:
    جده سعودي عرب
    دل ڪري سينگار صدين جا
    روڪ نه تن کي بھترين
     
  3. گل شير احمد ڀلائي

    گل شير احمد ڀلائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2011
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪيبل آپريٽر
    ماڳ:
    جده سعودي عرب
    دل ڪري سينگار صدين جا
    روڪ نه تن کي بھترين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    شيخ اياز ۔۔۔ ڌرتيء جيڏو شاعر ۽ هي لکڻي به وڻي۔۔۔

    اوهان جي سهڻي چونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو