ڪڇي رابط ڪميٽي .................ايم ڪيو ايم جي بي ٽيم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2013۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    لياري ۾ امن جي بگاڙڻ وارا خود ڪڇي رابط ڪميٽِي وارا آهن ، جن کي ايم ڪيو ايم سپورٽ ڪري رهي آهي، ڪڇي ڪميٽي جا پيٽ پرست اڳواڻ لياري جي ڪڇين ۽ سنڌين لا آزار بنجي ويا آهن، لياري امن ڪميٽي وارا عذير بلوچ ۽ ٻين هنن کي چيو ته ايم ڪيو ايم جي پٺڀرائي ڇڏيو ، اسان سان گڏجي لياري جي امن لا ڪوشش ڪيو۔ پر هنن کي ايم ڪيو ايم پنهنجي لالچ ۾ قيد ڪري ڇڏيو هاڻ اها ڪميٽي پوري لياري جي سنڌين ، بلوچن ۽ ڪڇين لا آزار بنجي ويئي ، لساني تنظيم جي بي ٽيم بڻجي ويئي
    وڌيڪ اڄ جي ڪاوش ۾ نامياري ليکڪ دستگير ڀٽي جي ڪالم جو هي چونڊ ٽڪرو ضرور پڙهو

    ڪڇي رابطه ڪميٽي جا اڳواڻ لياري امن ڪميٽي جي اڳواڻن کي پنهنجي سڄي برادريءَ جو دشمن سمجهي، هتي شهري ويڙهاڪ تنظيم جي هٿياربندن کي پنهنجي حفاظت لاءِ آڻيندا رهن ٿا. کين پنهنجن گهرن ۽ ماڙين مٿان مورچا ٺاهي ويهاريو اٿن، جنهن تي لياري امن ڪميٽي وارن کي سخت ڪاوڙ لڳي آهي ته ٻاهرين ماڻهن کي لياري ۾ ڇو ٿا آڻين. جمعي واري ڏينهن زبردست فائرنگ ۽ مقابلو ڪري، جڏهن شهري ويڙهاڪ تنظيم ۽ ڪڇي رابطه ڪميٽي جي گڏيل هٿياربندن کي پنهنجا مورچا ڇڏي پوئتي هٽڻ ۽ مٿيان چارئي علائقا خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ته مقامي ماڻهن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ٿيو ۽ ڪيترن خاندانن اتان لڏ پلاڻ به ڪئي. ڊپ ۽ هراس ۾ ورتل عورتن ۽ ٻارڙن جي آهه زاري، دانهون ۽ ڪيهون ظاهر آهي ته ڏکوئيندڙ منظر هو، پر ڇا انهيءَ افسوسناڪ صورتحال جي سڄي ذميواري امن ڪاميٽيءَ وارن مٿان عائد ٿئي ٿي يا اهي مقامي بلڊر مافيائون هن ڏوهه ۾ ڏوهاري آهن، جن هاٿين کي هندستان ڏيکاري پنهنجي ماڙين مٿان کين مورچا ٺاهي ڏنا ته جيئن ٻاهريان ماڻهو اچي لياريءَ تي قابض ٿين؟
    دستگير ڀٽي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    اھو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو اھا ڳالھ ڪيتري قدر سھي ۽ سچ آھي اھا معلومات ڪرڻي پوندي، باقي ته ڪراچي جا صورتحال ۽ ڪراچي جي سياست کان ماڻھون ڏاڍو تنگ اچي ويا آھن، ڪراچي جي عوام کي سڪون جي تلاش آھي۔
    2 ڏينھن ڪڇين ۽ بلوچن ماڙيپور روڊ پڻ بند ڪيو ھيو، ان جو فائدو چورن کي ٿيو خوب لوٽا ماري ڪيون عام بسين مان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو