اڄوڪو ڏينهن 7 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان

'جولائي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 7 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    7 جولاءِ 1889ع سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزاديء جي ويڙهه جي اڳواڻ شيخ عبد المجيد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1899ع اسڪالر لال سنگهه اجواڻي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت (خيرپور/ دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1937ع ڪهاڻيڪار ۽ دراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1940ع نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي.

    7 جولاءِ 1942ع گلوڪار ليلو جهانگياڻي (ڪراچي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1942ع ليکڪ ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1943ع شاعر ۽ گلوڪار موتي رام سائل (سنڌ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1947ع ليکڪ شوڪت راهي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1947ع قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1949ع ليکڪ ڍولڻ راهي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1949ع صحافي مشتاق علي ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1961ع گلوڪار رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 جولاءِ 1981ع ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    7 جولاءِ 1825ع سيد رستم علي بکري جو لاڏاڻو ٿيو.
    7 جولاءِ 1846ع سنڌ جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جو انتقال ٿيو.
    7 جولاءِ 1950ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
    7 جولاءِ 1973ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا ديهانت ڪري ويو.
    7 جولاءِ 1986ع لوڪ گلوڪاره مائي ڀاڳي لاڏاڻو ڪري وئي.
    7 جولاءِ 2000ع شاعر ۽ اديب نثار بزميءَ جو لاڏاڻو ٿيو.
    7 جولاءِ 2005ع اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليبر مير نور احمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو.
    7 جولاءِ 2007ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو.
    7 جولاءِ 2012ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جي وفات ٿي.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 7 جولاءِ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    وڪيپيڊيا

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 جولائي 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو