• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 7 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 7 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 جولاءِ 1889ع سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزاديء جي ويڙھ جي اڳواڻ شيخ عبد المجيد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1899ع اسڪالر لال سنگهہ اجواڻي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت (خيرپور/ دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1940ع ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار
علي بابا جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1942ع گلوڪار ليلو جهانگياڻي (ڪراچي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1942ع ليکڪ ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1943ع شاعر ۽ گلوڪار موتي رام سائل (سنڌ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1947ع ليکڪ شوڪت راهي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1947ع قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1949ع ليکڪ ڍولڻ راهي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1949ع صحافي مشتاق علي ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1961ع گلوڪار رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1981ع ڪرڪيٽر مهندرا سنگهہ ڌوني جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

7 جولاءِ 1825ع سيد رستم علي بکري جو لاڏاڻو ٿيو.
7 جولاءِ 1846ع سنڌ جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جو انتقال ٿيو.
7 جولاءِ 1950ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
7 جولاءِ 1973ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا ديهانت ڪري ويو.
7 جولاءِ 1986ع لوڪ گلوڪارہ مائي ڀاڳي لاڏاڻو ڪري وئي.
7 جولاءِ 2000ع شاعر ۽ اديب
نثار بزميءَ جو لاڏاڻو ٿيو.7 جولاءِ 2001ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جولاءِ 2001ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو.

7 جولاءِ 2005ع اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليبر مير نور احمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جولاءِ 2012ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جي وفات ٿي.
7 جولاءِ 2021ع باليووڊ انڊسٽري جو نامور اداڪار
دليپ ڪمار (يوسف خان) لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جولاءِ 2025ع ٽنڊي الھيار سان تعلق رکندڙ اڳوڻو وزير ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ عبدالستار بچاڻي لاڏاڻو ڪري ويو.



حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
وڪيپيڊيا
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top