• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جي روم ڊرائيور سي.ڊي ۽ ڊي.وي.ڊي نٿو پڙي ۽ لکي سگھي ته؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
جي روم ڊرائيور سي.ڊي ۽ ڊي.وي.ڊي نٿو پڙي ۽ لکي سگھي ته؟
جي توهانجي ڪمپيوٽر ۾ وِڌل سي. ڊي. يا ڊي. وي.ڊي، نه ڊيٽا پڙهي سگھي ۽ نه ئي لکي سگھي ته يا ڪا فلم ڏسي نه سگھجي، ته اُن جو مطلب ٿيو ته توهان جي سي.ڊي. يا ڊي. وي.ڊي، مٽيءَ جي ڪري ڪرپٽ ٿي وئي آهي، يا مڪمل ڪرپٽ آهي، يا ڊرائور مس ڪنفگرڊ ٿيل اهي، يا ڊرائور جو هڪ يا اُن کا وڌ ريڊ ۽ رائيٽ ليزر خراب ٿي چُڪا آهن.
جي مٽيءَ ڪري خراب آهي ته هي قدم کڻو:
ڊسڪ کي هڪ خشڪ ، نرم، ريشم موافق ڪپڙي سان مرڪز کا وٽي ٻاهريئٿ ڇيڙي تائين، بلڪل سڌائيءَ ۾ صاف ڪريو.
ڊسڪ کي گولائي ۾ هرگز صاف نه ڪريو، نه ته ائين صاف ڪرڻ سان به ڊسڪ خراب ٿي ويندي.
جي ڊسڪ ۾ هٿ جا نشان، ڪي سخت ٻوڙ وغيره جا نشان هُجن ته هڪ سُٺي قسم جو نرم ڊيٽرجنٽ کڻي ڌئو ۽ پوءِ استعمالک ڪرڻ کان پهرين پڪ ڪريو ته ڊسڪ مُڪمل خُشڪ ٿي چُڪي آهي.
، پر پهرين هڪ سُٺي سي.ڊي وجھي ٽيسٽ ضرور ڪري ڇڏجو ۽ جي اُها هلي ٿي ته ِ پوءِ به جي استعمال نه ٿئي ته پڪ سان مڪمل خراب ٿي چُڪي آهي، اُن کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
 
جواب: جي روم ڊرائيور سي.ڊي ۽ ڊي.وي.ڊي نٿو پڙي ۽ لکي سگھي ته؟

سائين اوهان جي ڪارآمد انفارميشن آهي هڪ عرض آهي ته ڪي وڊيو سي ڊيون 98 ۾ ڪائي ٿين ٿيون ليڪن ايڪس پي ڪاپي نه ٿيون ٿين ان جي متعلق ڪا معلومات هجي ته عنايت ڪندا۔
 
Back
Top