• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمپيوٽر نه مليو

جميل احمد

سينيئر رڪن
ڪمپيوٽر نه مليو
خميس،27 ڊسمبر 2007 ع ،سج لٿي جي وقت،طيب ڪمپليڪس،حيدرآباد سنڌ ۾ ڪمپيوٽر جي خريداري لاءِ هڪ دڪان تي ويٺا هئاسين،مون سان گڏ منهنجي عزيز پريشاني مان ٻڌايو ته هڪ دوست ميسيج ذريعي ٻڌايو آهي ته محترمه بينظيرڀٽو شهيد ٿي ويئي آهي.ان ڳاله جي تصديق لاءِ جيئن ئي دڪاندار ٽي وي کوليو ته ان تي اها ئي خبر هلي رهي هئي،بس ان لمحي ۾ ئي اتي گوڙ شروع ٿي ويو ۽ سڀني دڪاندارن دڪان جي شٽرن کي تيزي سان هيٺ ڪرڻ شروع ڪيو.اسين پهرين منزل تي هئاسين،سڀني سان گڏ تڪڙو هيٺ ڊوڙياسين ۽ اچي ڳوٺان پاڻ سان گڏ آندل ٽيڪسي ۾ سوار ٿياسين.ڊرائيور به گاڏي تڪڙي ڊوڙائي پر ٽريفڪ به جيم ٿي ويو.

وڌيڪ پڙهو
 
Back
Top