اڄ سموري ڏينهن ميڊيا جي ڪجهه چينلز تي هڪ دٻيل دٻيل خبر هلندي رهي۔۔۔ هي خبر ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين تي برطانيه جي نجي چينل بي بي سي طرفان هڪ ڊاڪيومينٽري وڊيو بابت هئي۔۔ پاڪستاني ميڊيا جيڪا الطاف حسين خلاف ڪو به بيان يا وڊيو جاري ڪندي 100 دفعا سوچيندي آهي ۽ جي غلطيء سان ڪو پروگرام ٿي به وڃي ته ان پروگرام اينڪر خلاف ڪيس ڪيو ويندو آهي۔۔۔ ۽ ڌمڪيون ان کان علاوه۔۔ پر هتي ڳالهه ڪجهه مختلف آهي۔۔
بي بي سي جي ان ڊاڪيومينٽري مطابق ۔۔ ايم ڪيو ايم جي هڪ سابق رڪن مطابق ۔۔ ايم ڪيو ايم هڪ مسلح جماعت آهي۔۔ ۽ ان ڪراچيء ۾ سوَن جي تعداد ۾ ماڻهو قتل ڪيا آهن۔۔۔
فاروق ستار ان ڊاڪيومينٽري بابت بيان ڏنو آهي ته۔۔ هوئن ته بي بي سي هڪ نيوٽرل چينل آهي۔۔ پر هي ڊاڪيومينٽري ڏسي لڳي ٿو ته بي بي سي تي طالبان پنهنجو اثر رکن ٿا۔۔
ياد رهي ته الطاف حسين خلاف ڊاڪيومينٽر هلڻ دوران ڪراچي جي مختلف هنڌن تي بي بي سي جي نشريات کي بند ڪيو ويو هو۔۔۔
دوستن جي معلومات ۽ دلچسپي خاطر وڊيو کي سڌو سئون پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔