سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
جيڪا قوم جيتري پست ۽ جاهل هوندي آهي، ان قوم ۾ عورت جي حيثيت انتهائي گھٽيا هوندي آهي. ۽ جيڪا قوم جيتري بلند خيال ۽ تعليم يافته هوندي آهي، ان قوم ۾ عورت جي حيثيت ۽ رتبا اوترا بلند هوندا آهن. اهي ٻئي حقيقتون لازم- ملزوم آهن. هي هڪ اهڙو اصول آهي جنهن جو اسين روزانو مشاهدو ڪندا رهون ٿا. تاريخ پڻ ان اصول جي تائيد ڪري ٿي. جديد تحقيقات ثابت ڪيو آهي ته آڳاٽي دؤر ۾، جڏهن ماڻهن پاڻ ۾ رَلي ملي رهڻ شروع ڪيو ته انهن وٽ عورت جي حيثيت، ڪنهن به لحاظ کان هڪ غلام کان گھٽ نه هئي. يونان ۽ روم جو دستور هيو ته شاديءَ کان پهريان ڇوڪري، پنهنجي پيءُ جي حڪمرانيءَ هيٺ رهندي هئي. شاديءَ کان پوءِ، مڙس ان جو مالڪ بڻبو هيو. جيڪڏهن مڙس مري ويندو هيو ته وڏو پٽ پنهنجي ماءُ تي حڪمران بڻجي ويندو هيو. ان زماني ۾ ڪٽنب جو جيڪو سربراهه هوندو هيو، ان کي پنهنجين عورتن تي مالڪاڻا حق حاصل هوندا هيا. اهو انهن کي وڪڻي سگھندو هيو، ڪنهن ٻئي کي گفٽ ڪري سگھندو هيو. جيڪڏهن چاهي ته ان کي مورڳو ماري ختم به ڪري سگھندو هيو. هڪ سربراهه جي مرڻ کان پوءِ عورتون، ان سربراهه جي وارث مرد کي ورثي ۾ ملنديون هيون ۽ اهو به انهن تي ساڳيءَ طرح مالڪاڻا حق رکندو هيو. عربن ۾ پڻ اهو رواج هيو ته پيءُ نياڻيءَ کي قتل ڪري سگھڻ جو مجاز هيو. مردن کي اها به اجازت هئي ته هو جيتريون عورتون، کين وڻن، اوتريون بغير ڪنهن قانون جي پابنديءَ جي پاڻ وٽ رکي سگھندا هيا، انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان استعمال ڪري سگھندا هيا. افريقه ۽ امريڪه جي پراڻن وحشي قبيلن ۾ ته اڃا سوڌو عورت سان اهو سلوڪ هلندو اچي. ايشيا جي به ڪن قومن جو اڃا اهو ئي خيال آهي ته: ”موت کان پوءِ عورت جو روح به فنا ٿيو وڃي“. انهن جو اهو به عقيدو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري وڃي، ڀلي اها پوءِ ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي ڇو نه هجي، ان کي زنده رهڻ جو ڪوئي حق ڪونهي“! اهڙين قومن وٽ اڃا سوڌو اهو رواج به هلندو اچي ته هو پنهنجن مهمانن کي، مهمانيءَ ۾ ٻين شين سان گڏ پنهنجون عورتون به پيش ڪندا آهن.
اهي ڳالهيون انهن معاشرن ۾ هونديون آهن جن جو بنياد، ڪنهن نظام جي بجاءِ خاندانن ۽ قبيلن جي تعلقات تي بيٺل هوندو آهي. اهڙن معاشرن ۾ نظام ۽ قانون جي جاءِ تي طاقت کي تسليم ڪيو ويندو آهي. طاقت ئي قانون هوندي آهي. موجوده دؤر ۾ به انهن ملڪن جي اهڙي حالت آهي جتي ماڻهن جي مٿان ڏاڍ جي حڪومت آهي، جتي قانون جي بجاءِ طاقت جو سِڪو رائج آهي. ان جي برعڪس، اهي ملڪ، جيڪي تهذيب ۽ ترقيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهن. اتي اسين ڏسؤن ٿا ته اتان جون عورتون پستين مان نڪري بلندين ڏانهن وڌي رهيون آهن. اتي مردن ۽ عورتن ۾ جيڪي وٿيون هيون. اهي گھٽبيون پيون وڃن.
نوٽ: (هي حصو ڪتاب جي ليکڪ جي ملڪيت آهي)