هڪ کان وڌيڪ گھر واريون ڪرڻ جو اهو به نتيجو ٿيندو آهي ته، هڪ مرد کي مختلف گھروارين مان جيڪو اولاد ٿيندو آهي، اهو شروع کان ئي نا اتفاقين ۽ جھيڙن جھٽن ۾ پرورش پائيندو آهي، اولاد ويچاري کي محبت ۽ پيار ڀريو ماحول ئي نه ملي سگھندو آهي. بلڪه ويچاري اولاد کي گھر ۾ ڏينهن رات جنهن ماحول سان پالو پوندو آهي ان سان هن جي اندر ۾ موجود فطري پيار به ماٺو ٿي پوندو آهي. منجھن بجاءِ محبت جي بغض ۽ حسد جي اوسر ٿيڻ لڳندي آهي. هو پنهنجي گھر ۾، پنهنجين مائرن جي ڄُنڊا پٽ ڏسي ڏسي، اندر ئي اندر ۾ گھائجڻ لڳندا آهن. بلڪه گھڻي قدر گھر جا اهڙا اختلاف سندن ذهنن ۾ منفي رجحانن جو زهر اوتي ڇڏيندا آهن، عمر سان گڏوگڏ اهو زهر به وڌندو ويندو آهي ۽ هڪ ڏينهن اهو پنهنجو اثر ڏيکاري وجھندو آهي. يعني سندن اندر ۾ گھريلو نا اتفاقين سبب جيڪو لائو پچندو رهندو آهي اهو نيٺ ڦاٽي پوندو آهي ۽ وڏو نقصان ڪري وجھندو آهي.
ائين به ناهي اگر نفرتون آهن ته سڳن ڀائرن ۾ به آهن اڪثر مال ملڪيت جي معاملي ۾ سڳا ڀائر هڪ ٻئي جا ويري بنجيو وڃن اگر محبت آهي ته ٻن مائرن وارن ڀائرن ۾ به آهي اهڙا مثال اسان جي شهر ۾ موجود آهن بلڪه هر هنڌ موجود هوندا۔
سائين معاف ڪجو اسان کي علم ناهي پر جيئن توهان ٿا چئو ائين به ناهي ، توهان جو پهريون موضوع به هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ خلاف هيو ۽ هي به اڻ سڌي طرح ان جي خلاف آهي۔۔۔ سائين رهي اولاد جي ڳاله ته اهو توهان تي آ ته توهان اولاد کي ڪهڙي تربيت ٿا ڏيو ۽ سڀن (ٻين گهر وارين توڙي انهن جي اولاد) سان ڪيئن ٿا هلو۔
ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ادا جو دوست اهڙي حساس موضوع تي بهترين خيالن سان پنهنجي را جو اظهار ڪن ٿا۔ اسان جي ڳالهه به ادا پٿر تي لڪير وانگر نه سمجهو انسان آهيان عدنا سمجهه اٿم۔ جيڪي زندگي مشاهدا ڏيکاريا ۽ جن جن تجربن جي روشني ۾ اهي خيال تحرير جو سنگم وٺي ذهن کان اولاپ وٺي ٻاهر نڪتا اهي معاشرتي اڻبرابري جي اثر کي بيان ڪرڻ لا هئا۔ مهرباني!!