سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
هڪ کان وڌيڪ گھر واريون ڪرڻ جو اهو به نتيجو ٿيندو آهي ته، هڪ مرد کي مختلف گھروارين مان جيڪو اولاد ٿيندو آهي، اهو شروع کان ئي نا اتفاقين ۽ جھيڙن جھٽن ۾ پرورش پائيندو آهي، اولاد ويچاري کي محبت ۽ پيار ڀريو ماحول ئي نه ملي سگھندو آهي. بلڪه ويچاري اولاد کي گھر ۾ ڏينهن رات جنهن ماحول سان پالو پوندو آهي ان سان هن جي اندر ۾ موجود فطري پيار به ماٺو ٿي پوندو آهي. منجھن بجاءِ محبت جي بغض ۽ حسد جي اوسر ٿيڻ لڳندي آهي. هو پنهنجي گھر ۾، پنهنجين مائرن جي ڄُنڊا پٽ ڏسي ڏسي، اندر ئي اندر ۾ گھائجڻ لڳندا آهن. بلڪه گھڻي قدر گھر جا اهڙا اختلاف سندن ذهنن ۾ منفي رجحانن جو زهر اوتي ڇڏيندا آهن، عمر سان گڏوگڏ اهو زهر به وڌندو ويندو آهي ۽ هڪ ڏينهن اهو پنهنجو اثر ڏيکاري وجھندو آهي. يعني سندن اندر ۾ گھريلو نا اتفاقين سبب جيڪو لائو پچندو رهندو آهي اهو نيٺ ڦاٽي پوندو آهي ۽ وڏو نقصان ڪري وجھندو آهي.