نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌوءَ کي ٿا ڪريون سلام
جيئن ته سائين نثار ابڙو اها ڳالهه ڇيڙي هُئي ته شايد دريا شاهه جو ڏهاڙو وڏي اڪثريت نه ملهايو ويو ان ڪري ان سلسلي ۾ ڪو اکين ڏٺو احوال ، ڪا تقريب ڪانه ٿي هوندي ادا نثار ابڙي کي ٻُڌائيندو هلان ته ڀائڙا نثار ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو ته اسان جا سنڌي سُورما ۽ سنڌي سورميون سنڌوءَ سان اظهار يڪجهتي نه ڪري سگهن، مٺا نثار باقائده اسان جا سنڌي سٻاجهڙا، سنڌو دريا جي ڪنڌيءَ تي لکن جي تعداد ۾ هڪ آواز ٿي گڏجي پهتا ۽ منفرد نموني احتجاج ڪري سنڌ جي دريا شاهه کي گُلڙن ۽ لُڙڪن جي ڀيٽا ڏئي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هاڻي دنيا جي ڪابه طاقت سنڌ جي وسيلن تي راتاهو نٿي هڻي سگهي اهو ٻيو سبب آهي ته دوستن ان سلسلي ۾ اکين ڏٺي معلومات سنڌ سلامت سان شيئر ڪانه ڪئي، دوست مان پوڙهو مڙس هي اکين ڏٺو احوال انهيءَ وينتي سان پيش پيو ڪريان ته متان دل لاهيو سنڌيو، اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي متان ائين سمجهو مُئا مور سارا۔۔۔۔۔۔ مٺا نثار جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان آهي۔۔۔ڪافي ڏينهن پهرين سنڌ ڌرتي جي مشهور ميڊيا چينل ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جي سرپرست اعلى محترم علي قاضي سنڌ جي جياپي جي وڏي ۾ وڏي وسيلي سنڌوءَ ۾ پاڻي جي کوٽ، ان جي پاڻيءَ تي هڪڙي صوبي جي پاران راتاها، ۽ ڌاڙا هڻڻ جي خلاف 24 جنوري 2010ع آچر جو ڏينهن سنڌو دريا جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو...... جنهن وقت اهو اعلان ٿيو ان وقت کان سنڌي ماڻهن اهو پڪو وچن ڪري ڇڏيو، ته بلڪل اهو ڏينهن احتجاج، طور، سنڌي ٻار، سنڌي نوجوان، سنڌي ٻُڍڙا ۽ سنڌي عورتون ٻڌي ۽ ايڪي طور هڪ آواز ٿي ملهائينداسين، جيئن جيئن اهو ڏينهن ويجهو ٿيندو ويو، ڪاوش ، ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جي آواز ۾ سموري سنڌ هڪ ٿي آواز ملائيندي وئي، ۽ اهي علائقا جتان جتان سنڌ جي دريا شاهه جو گُذر ٿيو پي ان علائقيءَ ۾ وڃي شاهه دريا جي سُڪل ۽ واري اُڏامندڙ هنج ۾ وڃي گُلن جا نذرانا، ڀيٽا طور ڏيندا رهيا، ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا ۽ چوندا رهيا ته......
ويڙهه تنهنجي وهڪري لئه ، هر گهڙي هر پل ڪيون!
معاملو مهراڻ تنهنجو سرِ ڏئي سڀ حل ڪيون!
آ مياري سنڌ واسِي سِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم
جا ورِي ناهي ورهين کان وِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم،
پيٽ بُکئي هُنَ مُهاڻي مِيرَ تُنهنجي جو قسم،
لُڙڪ لاڙي ٿي ڏکڻ کان هِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم
سامراجن سان ته جهيڙي آخري ڪا مَلِهه ڪيون!
معاملو مهراڻ تنهنجو سِر ڏئي سڀ حل ڪيون!
آ ٽنگيل خالِي پَلي کان تنهن ته کارِيءَ جو قسم
رت رُنِي آ هُوءَ مُهاڻِي تنهن ڏُکارِيءَ جو قسم،
ٿي اُڏامي تو ۾ سنڌو روز وارِيءَ جو قسم،
۽ سُڃاتا ٿا وڃون تنهن سنڌ سارِيءَ جو قسم،
خُونَ جِي ڀيٽا ڏئِي اڄ ريت تنهنجي شَلِ ڪيون!
معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون !
ڄامشوري جي ته اُجڙيل سڀ نظارن جو قسم،
ڪوٽڙيءَ جي غمزده تن ٻن ڪنارن جو قسم،
بيٺلن خالي بتيلن جِي قطارن جو قسم،
۽ اُجهاميل وقت کان اڳ ديپ سارن جو قسم،
ڳاٽ اونچِي هٿ هٿن ۾ ڪا وڏِي مشعَلِ ڪيون!
معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون !
شل وهي سنڌو سدائين خُوب پاڻيءَ جو قسم،
”ناز“ المنظر ۾ پليل هر ڪهاڻِيءَ جو قسم،
ديس مهڪي سنڌ مُنهنجو رات راڻِيءَ جو قسم،
۽ تماچِي تڙ ڌڻِي نُورِي نِماڻِيءَ جو قسم،
هڪ ڪنڌي مهراڻ گُلَ ۽ ٻي چنبيلي وَلِ ڪيون!
معاملو مهرڻ تُنهنجو سِر ڏئي سڀ حل ڪيون !
معاملو مهراڻ تنهنجو سرِ ڏئي سڀ حل ڪيون!
آ مياري سنڌ واسِي سِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم
جا ورِي ناهي ورهين کان وِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم،
پيٽ بُکئي هُنَ مُهاڻي مِيرَ تُنهنجي جو قسم،
لُڙڪ لاڙي ٿي ڏکڻ کان هِيرَ تُنهنجِيءَ جو قسم
سامراجن سان ته جهيڙي آخري ڪا مَلِهه ڪيون!
معاملو مهراڻ تنهنجو سِر ڏئي سڀ حل ڪيون!
آ ٽنگيل خالِي پَلي کان تنهن ته کارِيءَ جو قسم
رت رُنِي آ هُوءَ مُهاڻِي تنهن ڏُکارِيءَ جو قسم،
ٿي اُڏامي تو ۾ سنڌو روز وارِيءَ جو قسم،
۽ سُڃاتا ٿا وڃون تنهن سنڌ سارِيءَ جو قسم،
خُونَ جِي ڀيٽا ڏئِي اڄ ريت تنهنجي شَلِ ڪيون!
معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون !
ڄامشوري جي ته اُجڙيل سڀ نظارن جو قسم،
ڪوٽڙيءَ جي غمزده تن ٻن ڪنارن جو قسم،
بيٺلن خالي بتيلن جِي قطارن جو قسم،
۽ اُجهاميل وقت کان اڳ ديپ سارن جو قسم،
ڳاٽ اونچِي هٿ هٿن ۾ ڪا وڏِي مشعَلِ ڪيون!
معاملو مهراڻ تُنهنجو سر ڏئي سڀ حل ڪيون !
شل وهي سنڌو سدائين خُوب پاڻيءَ جو قسم،
”ناز“ المنظر ۾ پليل هر ڪهاڻِيءَ جو قسم،
ديس مهڪي سنڌ مُنهنجو رات راڻِيءَ جو قسم،
۽ تماچِي تڙ ڌڻِي نُورِي نِماڻِيءَ جو قسم،
هڪ ڪنڌي مهراڻ گُلَ ۽ ٻي چنبيلي وَلِ ڪيون!
معاملو مهرڻ تُنهنجو سِر ڏئي سڀ حل ڪيون !
سنڌ جي ٻنين ، سنڌ جي باغن، سنڌ جي وستين واهن کي سيراب، سکيو ستابو ۽ سائو ڪندڙ سنڌو دريا جيڪو وقت جي ظالمن جي ستم ظريفي جي ڪري ، پنهنجي روانِي، پنهنجي لهرن، پنهنجي موجن ۽ پنهنجي جواني جي بدران صرف واري ۽ ڌُوڙ اُڏائي رهيو آهي،
بلڪل ائين جيئن موت جو ڪو منظر هُجي، بلڪل ائين جيئن سنڌ جي سُهاگڻين جا ور مري ويا هُجن، جيڪو هن وقت جهيڻو، جهور ۽ بلڪل نٻل نستو آهي، اهو سنڌو جنهن جي وشال ڇولين تي سوين بتيلا، سوين ٻيڙيون، هلنديون هُيون انهن ٻيڙين ۽ بتيلن جا مانجهي ملاح ۽ مُهاڻا خُوب سنڌو دريا جِي روايتي سوکڙي پلا ماري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گُذر ڪندا هُئا جو اڄ ان سنڌوءَ جي پاڻي جي صورتحال اها آهي، جو چند بتيلن جو بار به سهي نٿو سگهي. ۽ سنڌوءَ مير مهاڻا، فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آهن.
اڄ چووهين (24) جنوري آهي، اڄ سنڌ جِي هر واهڻ وستي ۾ سنڌوءَ جي آجپي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، جيجل سنڌ جي هر ماءَ، هر نياڻِي، هر سنڌي سُورمو، هر سنڌي سُورمي، هر ٻارڙو هر ٻُڍڙو، سنڌ ۽ دريا شاهه جي بقا جا نعرا هڻندو، پيادل، سائيڪلن، گڏهه گاڏين، ڍڳي گاڏين، ڪارن، ٽرڪن، بسن، الغرض هر سُوارِي جنهن جوخرچ سنڌي ماڻهو پنهنجي پنهنجي وس آهر برداشت ڪري پي سگهيو ان تي چڙهي دريا شاهه ڏانهن روانا ٿين پيا، سڀني جو رستو هڪڙو آهي، سڀني جِي منزل هڪڙي آهي، ، سڀني جو رستو اهو وشال سنڌو آهي، سڀني سنڌين جي هٿن ۽ جهولين ۾ گُلَ وري اکڙين ۾ لُڙڪ آهن، سنڌوءَ جي خالي ٿيل پيٽ ۾ سنڌو کي ڀيٽا ڏئي احتجاج رڪارڊ ڪرائيڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ سنڌوءَ جِي هر ڪنڌيءَ تي پهچن پيا .......
جيئن ته ٽنڊو محمد خان شهر کان سنڌو دريا تقريبن 17 ڪلوميٽر پري جي مفاصلي تي اولهه طرف تاريخي مُلاڪاتيار شهر جي پاسي کان وهندو آهي اُتي پهچي اسان سڀني سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان وارن پڻ سموري سنڌ سان هڪ آواز ٿي پنهنجي هٿن ۾ گُل ۽ اکين ۾ لڙڪ کڻي سنڌو کي عقيدت سان ڀيٽا ڏئي احتجاج ڪيو، اسان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ شهر جي شاهه لطيف سنگيت ڪلب وارن گڏجي هن دفعي ساري دنيا سان هم آواز ٿي دريا شاهه جي ڪنڌيءَ تي” سنڌو کي ٿا ڪريون سلام“ جي عنوان سان هڪ ادبي مشاعرو ۽ راڳ رنگ جي محفل ، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب جي راڳي ميمبر شاعر دوستن سنڌوءَ کي پنهنجي گيتن پنهنجي نظمن وسيلي ڀيٽا ڏني، ان کان علاوه بدين شهر کان ڪهي آيل” مهان راڳي مرحوم اُستاد مٺو ڪڇيء“َ جو نوجوان راڳي ڀائيٽو ڪريم ڪڇي پڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان مشترڪه خاص دعوت تي شهر ملاڪاتيار َ پهتو، جنهن دريا شاهه جي حوالي سان تمام خوبصورت گيت سنڌوءَ جِي ڪُن وارِي ڪنڌيءَ (ڪناري)، تي دريا شاهه کي ڀيٽا جِي صورت ۾ پيش ڪيا ۽ اُتي پهتل سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سنڌوءَ جِي محبت ويتر وڌائي ڇڏي.
پيش آهن سنڌوءَ جي ڪناري تي ڪيل سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران پيش ڪيل مشاعرو، ۽ راڳ رنگ جِي محفل، ۽ سنڌوءَ کي گُلن جي ڀيٽا سان دُعا گهرڻ جا منظر تصويري روپ ۾
سنڌو جو ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان طرفان ڇپايل بينر جو تصويري عڪس
سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان جا ميمبر پنهنجي سواري موٽر سائيڪل تي دريا شاهه کي ڀيٽا ڏيڻ جي تيارين ۾
دريا شاهه جي بيٺل پاڻيءَ کي سڪ منجهان گُلن جي ڀيٽا ڏني پئي وڃي