هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ بابت قرآن پاڪ ۾ جيڪي آيتون آهن انهن تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هڪ طرف ان عمل جي اجازت آهي ته اها به ايترن سخت شرطن سان مشروط آهي جو انهن تي عمل ڪري سگھڻ سؤ فيصد نه سهي بهرحال گھڻي قدر قطعًا محال آهي. بلڪه ٻين لفظن ۾ قرآن پاڪ ۾ جهڙوڪر اڻ سڌيءَ طرح هڪ کان وڌيڪ شاديءَ کان منع ڪيل آهي: وَإِن خِفتُم أَلاَ تُقسِطُوا فِي اليَتَامَى فَانكِحُوا مَا طَابَ لَكُم مِنَ النِسَاء مَثنَى وَثُلاَثَ وَرُبَاعَ فَإِن خِفتُم أَلاَ تَعدِلُوا فَوَاحِدَة أَو مَا مَلَكَت أَيمَانُكُم ذَلِكَ أَدنَى أَلاَ تَعُولُوا ترجمو: ۽ جيڪڏھن ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نه ڪندؤ ته (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻيو، پوءِ جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته اوھان کان انصاف ٿي نه سگھندو ته ھڪ (پرڻيو) يا اوھان جا ھٿ جنھن جا مالڪ ٿيا (سا ٻانھي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ڪريو.‘(النساء: 03) هنن آيتن مان صاف واضح آهي ته هڪ کان وڌيڪ زالن سان انصاف نه ڪري سگھڻ جي خوف تتئون هڪ مرد کي هڪ ئي زال تي اڪتفاء ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، ڏسو ته ڪيئن نه قرآن پاڪ ۾ انسان جي فطرت کي سامهون رکي واضح ڪيو ويو آهي ته: ’جيڪڏهن توهين هڪ کان وڌيڪ زالن ۾ انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندؤ به ته اها توهان جي وس جي ڳالهه ئي ناهي‘. هاڻي ڪير ٿو سچي اعتماد سان اها دعوىٰ ڪري سگھي ته هو هڪ کان وڌيڪ زالن ۾ انصاف قائم رکي سگھندو؟! مان سمجھان ٿو ته موجوده حالات ۾ جيڪڏهن هنن ٻن آيتن جي روشنيءَ ۾ اجتهاد ڪري هڪ کان وڌيڪ شادين کي حالات پٽاندڙ ممنوع قرار ڏئي ڇڏجي ته اها ممانعت قياس کان مٿانهين نه ٿي چئي سگھجي. قرآن جي هن حڪم مان ته واضح اشارو ملي ٿو ته هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ نهايت اڻائو قدم آهي بهرحال اها به حقيقت آهي ته رسول الله ﷺ جي سنت ۽ صحابه ڪرام جو عمل هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جي جواز ۾ آهي. هنن ٻنهي مسئلن کي پاڻ ۾ ڀيٽائڻ کان پوءِ نتيجو اهو سامهون ايندو ته: قرآن پاڪ جي هنن ٻن آيتن جي روشنيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جائز ته آهي، پر هن صراحت کانپوءِ الله پاڪ ان معاملي کي ماڻهن جي مرضيءَ تي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو پاڻ تي ايترو ڀروسو آهي ته هو هڪ کان وڌيڪ زالون رکي ساڻن انصاف ڪري سگھندو ته ان جي لاءِ ائين ڪرڻ جائز آهي ۽ اهو معاملو ان ماڻهوءَ ۽ الله جي وچ ۾ اچي ويندو. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻ تي هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ کانپوءِ پاڻ تي انصاف ڪرڻ بابت ڀروسو ناهي ته پوءِ ان لاءِ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ ممنوع آهي. قرآن پاڪ جيڪو اهو ٻڌايو آهي ته هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ جي صورت ۾ ساڻن انصاف ڪرڻ اوکو آهي ته ان جو مطلب اهو ٿو بيهي ته قرآن پاڪ هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ کان ڊيڄاريو آهي. مطلب ته قرآن پاڪ ۾ جيڪا هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ جي اجازت جي گنجائش نڪري ٿي ته ان اجازت مان ڪو مرد تڏهن ئي فائدو وٺي سگھي ٿو جڏهن کيس يقين هجي ته هو، سڀني گھر وارين سان پورو پورو انصاف ڪري سگھندو. نوٽ: ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن۔
هڪ ته اوهان مضمون جو نالو بلڪل غلط ڏنو آهي ڇو ته قرآن هدايت جو ڪتاب آهي، قرآن ۽ حديث مطلب ته اسلام ڪڏهن ڪٿي به ٻي شادي نه ڪرڻ جي هدايت يا تنبيھ نه ڪئي آهي، اهو سراسر بهتان آهي، ڇو ته اسان غيرن جي تهذيب کان ايڏو خوفزده ۽ متاثر ٿي ويا آهيون جو اسان هاڻي قرآن مجيد ۾ به پنهنجو من پسند اجتهاد ڪري غلط را هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون۔ مون کي افسوس آهي هن اڱڻ جي سينيئر ميمبر دوستن تي جن اهڙي غلط ڳالھ کي لائيڪ ڪيو آهي!! ۽ حيرت اٿم انهن سينيئر دوستن تي جن هن وقت تائين اهڙي غلط ڳالھ کي رد ناهي ڪيو جيڪا قرآن جي غلط تشريح آهي سراسر!!! افسوس صد افسوس!!! دنيا وارن جي ڏيکاو لا بنا سوچي سمجهي ڪفر کي خوش ڪندڙ عملن تي اسان اهڙي نموني لهي پيا آهيون جو ضمير به مردھ ٿي چڪو آهي۔۔۔ دوستو! اوهان قرآن ۽ حديث کي پڙهو ته سهي!! ان ۾ ته ٻي شادي ڪرڻ لا همٿايو ويو آهي مسلمان کي!! توهان کي غلط اجتهاد ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟!!
افسوس ٻي شادي بابت منهنجي ڄاڻ نه هئڻ برابر آهي۔ ايتري خبر اٿم ته هر مسلمان کي هڪ ئي وقت ۾ 4 شادين جي اجازت ڏنل آهي۔ اها رسول پاڪ جي سنت به آهي پر ٻي شادي فقط ان صورت ۾ جائز آهي جڏهن مسلمان ان قابل هجي ته سڀني زالن ۽ ٻارن جا خرچ وغيره بغير پريشاني جي هلائي سگهي ۽ سڀني گهر وارن جا حق پورا ڪري سگهي۔ اهڙي صورت ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي۔ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي حق پورا ڪرڻ واقعي ۾ تمام مشڪل آهن پر ان مان اهو جواز وٺڻ ته اسلام ۾ اڻسڌي طرح ٻي شآدي کان ئي روڪيو ويو آهي اها ڳالهه به مڃڻ جوڳي نه آهي۔ هن موضوع جي عنوان مان ( نه ڪرڻ ) وارا لفظ ڪڍي ڇڏجن ته بهتر ٿيندو ۽ جنهن آيت جو حوالو ڏنل آهي اها اصل ۾ سورت النساء جي آيت 4 آهي۔ باقي موضوع ۾ ڪا قابلِ اعتراض ڳالهه مون کي نه پئي لڳي۔ والله علم۔
ادا طاهر سائين بهترين اعتراض آهي اوهان جو، مگر جي اسان ان کي لفظ تنبيهه جو پهلو ڏسون ته ان مان مراد جهلڻ يا روڪڻ نه آهي مگر مٿئين آيت سڳوري مان اسان کي مفهوم سادگي سان سمجهه اچڻ گهرجي۔ اسان جو مقصد هتي انسان ذات کي عقائد جي برعڪس عمل ڪرائڻ جي نه آهي بلڪه انسان کي پنهنجي مذهبي ۽ سماجي اقدارن ۾ رهندي ان عمل جو عڪس ڏيکارڻو آهي جنهن مان اسان جي معاشري ۾ اهڙا بدترين واقعا رونما ٿين ٿا۔ وڌيڪ اسان جو عقل ۽ علم ڪامل نه آهي قبلا جو اسان قوي دعوى ڪيون. وسلام