سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ بابت قرآن پاڪ ۾ جيڪي آيتون آهن انهن تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هڪ طرف ان عمل جي اجازت آهي ته اها به ايترن سخت شرطن سان مشروط آهي جو انهن تي عمل ڪري سگھڻ سؤ فيصد نه سهي بهرحال گھڻي قدر قطعًا محال آهي. بلڪه ٻين لفظن ۾ قرآن پاڪ ۾ جهڙوڪر اڻ سڌيءَ طرح هڪ کان وڌيڪ شاديءَ کان منع ڪيل آهي:
وَإِن خِفتُم أَلاَ تُقسِطُوا فِي اليَتَامَى فَانكِحُوا مَا طَابَ لَكُم مِنَ النِسَاء مَثنَى وَثُلاَثَ وَرُبَاعَ فَإِن خِفتُم أَلاَ تَعدِلُوا فَوَاحِدَة أَو مَا مَلَكَت أَيمَانُكُم ذَلِكَ أَدنَى أَلاَ تَعُولُوا
ترجمو: ۽ جيڪڏھن ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نه ڪندؤ ته (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻيو، پوءِ جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته اوھان کان انصاف ٿي نه سگھندو ته ھڪ (پرڻيو) يا اوھان جا ھٿ جنھن جا مالڪ ٿيا (سا ٻانھي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ڪريو.‘(النساء: 03)
هنن آيتن مان صاف واضح آهي ته هڪ کان وڌيڪ زالن سان انصاف نه ڪري سگھڻ جي خوف تتئون هڪ مرد کي هڪ ئي زال تي اڪتفاء ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي، ڏسو ته ڪيئن نه قرآن پاڪ ۾ انسان جي فطرت کي سامهون رکي واضح ڪيو ويو آهي ته: ’جيڪڏهن توهين هڪ کان وڌيڪ زالن ۾ انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندؤ به ته اها توهان جي وس جي ڳالهه ئي ناهي‘. هاڻي ڪير ٿو سچي اعتماد سان اها دعوىٰ ڪري سگھي ته هو هڪ کان وڌيڪ زالن ۾ انصاف قائم رکي سگھندو؟! مان سمجھان ٿو ته موجوده حالات ۾ جيڪڏهن هنن ٻن آيتن جي روشنيءَ ۾ اجتهاد ڪري هڪ کان وڌيڪ شادين کي حالات پٽاندڙ ممنوع قرار ڏئي ڇڏجي ته اها ممانعت قياس کان مٿانهين نه ٿي چئي سگھجي. قرآن جي هن حڪم مان ته واضح اشارو ملي ٿو ته هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ نهايت اڻائو قدم آهي بهرحال اها به حقيقت آهي ته رسول الله ﷺ جي سنت ۽ صحابه ڪرام جو عمل هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جي جواز ۾ آهي. هنن ٻنهي مسئلن کي پاڻ ۾ ڀيٽائڻ کان پوءِ نتيجو اهو سامهون ايندو ته: قرآن پاڪ جي هنن ٻن آيتن جي روشنيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جائز ته آهي، پر هن صراحت کانپوءِ الله پاڪ ان معاملي کي ماڻهن جي مرضيءَ تي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو پاڻ تي ايترو ڀروسو آهي ته هو هڪ کان وڌيڪ زالون رکي ساڻن انصاف ڪري سگھندو ته ان جي لاءِ ائين ڪرڻ جائز آهي ۽ اهو معاملو ان ماڻهوءَ ۽ الله جي وچ ۾ اچي ويندو. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻ تي هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ کانپوءِ پاڻ تي انصاف ڪرڻ بابت ڀروسو ناهي ته پوءِ ان لاءِ هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ ممنوع آهي. قرآن پاڪ جيڪو اهو ٻڌايو آهي ته هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ جي صورت ۾ ساڻن انصاف ڪرڻ اوکو آهي ته ان جو مطلب اهو ٿو بيهي ته قرآن پاڪ هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ کان ڊيڄاريو آهي.
مطلب ته قرآن پاڪ ۾ جيڪا هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ جي اجازت جي گنجائش نڪري ٿي ته ان اجازت مان ڪو مرد تڏهن ئي فائدو وٺي سگھي ٿو جڏهن کيس يقين هجي ته هو، سڀني گھر وارين سان پورو پورو انصاف ڪري سگھندو.
نوٽ: ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن۔