تعزير واري سزائن جو تحقيقي جائزو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

    تعزير واري سزائن جو تحقيقي جائزو

    جنهن سماج ۾ ڏوهه ۽ ڏوهاري وڌيڪ هوندا اهو سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ کان پٺتي پيل هوندو. پر جنهن سماج، ملڪ، صوبي، علائقي ۾ ڏوهه ۽ ڏوهاري گهٽ هوندا اتي ماڻهو آرام ۽ سڪون واري زندگي گذاريندا ۽ اهي وڏي شان ۽ مرتبي وارن مان هوندا.
    ڏوهن تي ضابطي آڻڻ لاءِ تعليم، شعور توڙي اخلاقي قدرن کي اجاگر ڪرڻ فائديمند آهي پر ڏوهن کي ختم ڪرڻ يا انهن کي گهٽائڻ لاءِ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ لازمي آهي. قرآن ڪريم ۾ پڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي:
    ﴿ولکم فی القصاص حیاۃ یا اولی الالباب﴾ (1)اي عقلمند ماڻهو! قصاص واري سزا ۾ توهان لاءِ حياتي آهي.
    اسلام ڏوهارن لاءِ ٽن قسمن جون سزائون مقرر ڪيون آهن:
    1. حدود
    2. قصاص
    3. تعزير.
    حدود واري سزائون جيئن الله تعاليٰ طرفان مقرر ٿيل آهن، ائين ئي ڏوڻيون آهن. انهن سزائن ۾ نه ڪنهن کي معاف ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي ۽ نه ئي ڪو انهن کي گهٽ وڌ ڪري سگهي ٿو. جيئن چوري جي سزا، زنا جي سزا، شراب پيئڻ واري جي سزا ۽ ڦر لٽ ڪرڻ واري جي سزا.
    قصاص (بدلي) واري سزا ۾ ماڻهوءَ کي اختيار آهي، جيڪڏهن هو چاهي ته عضوي کارڻ واري جو عضوو کاري يا قاتل کي قتل ڪري. پر جيڪڏهن هو گهري ته کيس معاف ڪري يا قتل ڪرڻ توڙي عضوي کارڻ بجاءَ انکان قتل يا عضوي جي بدلي ۾ پيسا ڀرائي وٺي.
    سزا جون ٽيون قسم تعزير آهي، جنهن جو تحقيقي جائزو هن مقالي ۾ پيش ڪجي ٿو.

    تعزير جي لفظي ۽ اصطلاحي معني:
    تعزير جي لفظي معنيٰ آهي مجرم کي ذليل ۽ بيعزتو ڪرڻ. جيئن علامه سيد سابق لکيو آهي:
    "ویاتی بمعنی الاھانۃ: یقال عزر فلان فلانا، اذا اھانہ زجرا وتادیبالہ علی ذنب وقع منہ" (2) يعني، (تعزير) بيعزتي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جيئن چئبو آهي ته فلاڻي ماڻهو فلاڻي کي بيعزتو ڪيو. اهو بيعزتو ڪرڻ جڏهن ڪنهن گناهه ڪرڻ واري کي جهڙڪ ڏيڻ ۽ ادب سيکارڻ لاءِ هجي.
    ۽ تعزير جي اصطلاحي معني آهي: جنهن جرم جي سزا الله تعاليٰ طرفان مقرر ٿيل نه آهي انکي تعزير واري سزا چئبو آهي. جيئن علامه محمد بن علي حصڪفي لکي ٿو:
    "ان التعزیر عقوبۃ غیر مقدرۃ حقا اللہ تعالیٰ اوالعبد" (3) يعني، تعزير اهڙي سزا آهي جيڪا ماڻهن لاءِ الله تعاليٰ طرفان مقرر ٿيل نه آهي.
    علامه سيد سابق رحه انجي وضاحت ۾ لکي ٿو:
    "والمقصود بہ فی الشرع: التادیب علی ذنب لاحد فیہ ولاکفارۃ" (4) يعني،اسلام ۾ انجو مطلب آهي، ڏوهه ڪرڻ تي تاديب واري سزا ڏيڻ جنهن لاءِ حد مقرر نه آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪفارو آهي.

    تعزير جو حڪم ۽ حيثيت:
    امام ابوحنيفه رحه، امام مالڪ رحه ۽ امام احمد بن حنبل رحه وٽ حدود ۽ قصاص کان سواءِ تعزير واري ڏوهن ۾ سزا ڏيڻ واجب آهي. جڏهن ته امام شافعي وجوب جو قائل نه آهي.
    "وقال الائمۃ الثلاثۃ: انہ واجب۔ وقال الشافعی : لیس بواجب" (5) يعني، ٽنهي امامن جو چوڻ آهي ته تعزير واجب آهي ۽ امام شافعي جو چوڻ آهي ته اها واجب نه آهي.

    حوالا ۽ سمجهاڻيون:
    (1)
    (2) علامه سيد سابق، فقھ السنة، جلد 2 صفحو 531، ناشر درالڪتاب عربي بيروت، ڇاپو اٺون سال طبع 1987
    (3) علامه محمد بن علي حصڪفي، الدر المنتقي في شرح الملتقي، (حاشيه مجمع الانهار)، جلد 2 صفحو 371، مڪتبه غفاريه ڪوئٽه
    (4) علامه سيد سابق، فقھ السنة، جلد 2 صفحو 532، ناشر درالڪتاب عربي بيروت، ڇاپو اٺون سال طبع 1987[
    ؂(5) ايضا جلد 2 صفحو 532، 533

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻي شيئرنگ

    ڄاڻ وارو مضمون
     
  3. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    علامه عبدالحي چاچڙ پنهنجي ابي ڊاڪٽر عبدالقادر عرف جمال ناصر چاچڙ جص مضمون حوالن سميت ڪمپوزنگ ڪرڻ تي مبارڪون
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين ڊاڪٽر صاحب جن جو اسلامي سزائن جي باري ۾ جامع ۽ مختصر ليک،،، لک ٿورا۔۔۔ ان ميدان ۾ امت مسلمه تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، خاص طور عرب اسڪالر ته ان ميدان ۾ سڀ کان اڳرا آهن، جن جون بيشمار قيمتي لکڻيون ان مد ۾ موجود آهن۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو