• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

نثارابڙو

نائب منتظم
bananass.jpg

ڪيلو ؛ هڪ بهترين غذا ۽ بهترين سگهه

ڪيلو هڪ اهڙو ميوو آهي جو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عام ۽ سستي اگهه ۾ مهيا آهي ... سيارو هجي يا انهارو، بهار هجي يا سرءَ ڪيلو مڙئي بازار ۾ مليو وڃي ... سستي هجڻ ڪري عام ۽ خاص سڀني جي قوت خريد ۾ هوندو آهي ... غريب ڪيلي سان اها ويڌن آهي جو آسانيءِ سان ملي وڃڻ ۽ سستي هجڻ سبب گهڻن ماڻهن جي مٿس اک ئي ڪونه پوي ... انڪري ويچاري ڪيلي تي تمام گهٽ بحث ڪيو ويندو آهي ۽ انجي طبعي فائدن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي ...
ڪيلو، سنڌ ۽ هند، ڏکڻ اوڀر ايشيا، آفريڪا ۽ دنيا جي ٻين ميهوڳي وارن ۽ گرم علائقن ۾ ٿيندو آهي ... کائڻ ۾ سولو، پيٽ ڀرڻ ۾ مفيد ۽ سگهارو ميوو آهي انکان علاوه ڪيترن بيمارن جو بچاءَ، اپاءُ ۽ انهن خلاف ويڙه جي سگهه ڏيڻ جو ڪم پڻ ڪندو آهي ... ڪيلو قدرتي کنڊ، سگهه اي، بي 6، ۽ بي 12، فائيبر، لوهه، پوٽاشيم، ميگنيشم، ٽرائپٽوفان ۽ پروٽين سان ڀريل هوندو آهي ...

ڪيلي اندر موجود قدرتي کنڊ (گلوڪوس) رانديگرن ۽ جسماني ڪرتب ڪندڙن کي تڪڙي سگهه ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندو آهي، ڪيلا کائڻ سان راند کيڏڻ جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو آهي، گوشت ۽ ڏورن ۾ پئدا ٿيندڙ ڇڪ کي آرام پهچندو آهي، ڪيلي ۾ پوٽاشيم، سوڊيم ۽ ميگنيشم جهڙا ڌاتو خون جي ڦيري ۾ مدد ڏين ٿا ۽ دل جي رفتار کي پڻ قابو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪنٿا. دل جي دوري ۽ بي ترتيبي ڌڙڪي کان بچاءَ جو سبب ٿين ٿا ...

طبيبن جي تحقيق مطابق روزاني هڪ ڪيلي کائڻ سان دل جي دوري پوڻ کان 40 فيصد بچي سگهجي ٿو ... ڪيلي ۾ موجود پوٽاشيم پڻ جسماني ڇڪتاڻ تي قبضو ڪري دل جي ڌڙڪي کي قابو رکڻ ۾ ڪارائتو ڪم ڪري فشار خون ۾ مناسب هوا (آڪيسجن) پهچائي خون جي درجي کي ماٺيڻو ۽ مناسب رکندو آهي ...

ڪيلو ذهني سگهه وڌائڻ ۾ پڻ ڪارآمد آهي، اسڪولي ٻارن جي حافظي وڌائڻ ۽ انهن کي پنهنجن مقابلن ۾ ڀڙ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي ... تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ڪيلو جسم سان گڏ ذهني صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ٿو، ياداشت وڌائي ٿو، ڦڙتي ۽ حاضر دماغي پئدا ڪري ٿو ... صبح جي ناشتي ۾ خاص ڪري کير يا ڌوئنري سان ملائي يا مانيءَ سان گڏائي کائڻ يا وري اڃان به سڪي ميوي سان ملائي کائڻ سان فائديمند ٿئي ٿو ... ذهني بيمارين کان بچاءَ طور پڻ ڪم ڪري ٿو ...

ڪيلي کي حاضمي جي مضبوطي ۽ سگهاري ڪرڻ لئه طبيبن طرفان صلاحيو وڃي ٿو ... دستن ۽ پيچس جهڙين بيمارين ۾ تمام فائديمند ٿئي ٿو ... ڪيلي جي نرم تهه پيٽ جي هوائن تي اثرانداز ٿي پيٽ جا هوائي سور ۽ مسئلا ختم ڪري ٿي ... سيني جي ساڙي ۽ پيٽ جي السر ختم ڪرڻ ۾ پڻ فائديمند آهي ... صبح جو سوير ڪيلو مستاڪا گم Mistaka Gum ۾ ٻوڙي کائڻ سان هوائي سور ۽ پيٽ جي السر ۾ فائديمند آهي ...

اهڙن ڪراڙن ۽ ننڍڙن ٻارن کي جيڪي چٻاڙي نه سگهندا آهن، ڪيلو چٿي کارائبو آهي ته جيئن کين جسم ۾ سگهه پهچي ... ڪيلي ۾ لوهه ۽ بي 12 توانائي هوندي آهي جيڪا خون ۾ ملي خون جي ڳاڙهن جزن کي وڌائڻ ۾ ڪارآمد هوندي آهي ...

دماغي پريشاني ختم ڪرڻ لئه ۽ ننڊ کي مسلسل ڪرڻ خاطر پڻ ڪيلي جو استعمال ٿئي ٿو ... ڪيلي ۾ موجود ٽرائپٽوفان جسم ۾ وڃي سيروٽانن ۾ تبديل ٿيندو آهي، جيڪو انساني رويي ۾ تبديليءَ جو سبب ٿيندو آهي ۽ ان سبب آرام ملندو آهي ۽ ننڊ ايندي آهي ...

ڪيلي جي کل پڻ ڪارائتي آهي، انساني کل تي نڪتل داڻن يا ڦٽن کي يا ڪنهن جيت جي کاڌل زخم کي فائدو ڏيندي آهي ... ڪيلي جي کل جي اندرئي حصي کي ان زخم تي گهمائبو ته زخم جي خارش ۽ سوڄ ۾ فائدو ٿيندو آهي ...

آخر ڪار ڀولا ايترا ڦڙت ۽ چالا ڪ هوندا آهن، ڪا ڳالهه ته آهي جو سندن ڪيلو پسنديده کاڌو آهي ...؟؟
هدايت؛ ڪجهه خطرناڪ بيماريون اهڙيون هونديون آهن جن ۾ ڪيلي کائڻ جي ممانعت ٿيل هوندي آهي سو مهرباني ڪري پنهنجي بيمارين تي نظر رکو جي اهڙي ڪا بيماري هجي ته پرهيز ڪجو ...

باقي آخري ڳالهه ته ؛ هو الشافي هو الڪافي ... شفا ... الله جي طرفان هوندي آهي ۽ فَقيون به تڏهن فرق ڪنديون آهن جڏهن کين امر ٿيندو آهي ... باقي علاج ضرور ڪجي ۽ فائدي ٿيڻ جا نتيجا رب تي رکجن ...
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

مطلب ته ڪيلو به ايترو قيمتي آهي اسان جهونن کي ڏند ته ائين ڪونهن سو پاڻ کائيندا ئي ڪيلو آهيون پر پاڻ غذا سمجهي کائيندا هئا سي هاڻي علاج ۽ غذا ٻئي سمجهي ڪري کائيندا سي سائين اسان جهونن جي پسنديدو غذا جا فضائل ٻڌائڻ جي مهرباني اڄ ته اوهان جهونن جي غذا جي تعريف ڪري جهونن کي ٽيڪي ڇڏيو سائين لک ' مهربانيون
 
ادا جي تو جهڙن سڀني جهونن ڪيلن تي زور ڏنو ته بس پو ڪيلا مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ هوندا ۔۔hall chari۔ اڳي ئي 40 روپين جو ڊزن ٿا ملن پو وري اهي 100 روپئي ۾ به ڪونه ملندا ۔۔۔ رحم ڪر پوڙها ۔۔۔ ڏند وجهرائي اچ ته ڪيلا سستا ٿين ۔۔۔ چانورن جي ماني کائيندو ڪر، اها به سڪي ٻه ڏينهن پراڻي ته ڪا خبر پوئي ۔۔۔ hatt-pare
ڪيلا کائن اسانجهڙا جوان ۔۔۔ ته ڪو مزو به ٿئي ۔۔۔
asul matt
 
سائين اسان دنيا جو هر ميوو اوهان جوانن جي حوالي ڪيو آهي۔ بس اسان کي ڪيلي تي گذارو ڪرڻ ڏيو مان ڏندن وجهرائڻ لاء ٻه ٽي دفعا تيار به ٿيم ته جهوني ناراض:D ٿي پئي ٻه ڏينهن ته ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنائين ۔احتجاج ڪندي چيائين ته جي ڏند وجهرائيندين ته ضرور اهو به چوندين ته ابهي تو ميڻ جوان هون ابهي تو مين جوان هو سو اها ڳاله ان کي اصل ڪونه وڻي ته مان جوان ٿيان يا جوان سڏرايان :Dhall chari تنهن ڪري مون کي فل پرميشن ڏني اٿائين ته جي ڪيلا سو رپئي به درجن ملن ته به وٺي کاء ليڪن ڏندن جي باري ۾ ڪڏنهن نه سوچجان سائين هاڻي اوهان انهن مسائلن کي سمجهو ٿا ته اهي مجبوريون ڪيڏيون۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔:D:D:D
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

سائين ڪيلي متعلق مفيد معلومات آهي اوهان جا لک لائق سائين پوڙهن کي به ڪيلي جي اجازت هجڻ گهرجي جو عاشق ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

ادا رحيم بخش، مٺڙا! ڪيلي جي تعريف ڏسي، مون ته هر روز ڪيلي کائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، ڏسجي ته اڳتي نتيجا ڇا ٿا نڪرن، پوڙهن ۽ ٻارن لئه ته بس تحفو آهي پر اوهان عاشق طرف اشارو ڪري چپ ٿي ويا ۔۔۔ ڇا ڪيلو عاشقن لئه به مفيد آهي ڇا؟ جي اهڙي ڳالهه آهي ته جلدي ٻڌايو جو اصل ڪيلو هاڻ امر ٿيندو پيو وڃي ۔۔۔
واه ڙي ۔۔۔ ڪيلا شاه بادشاه ۔۔۔ تنهنجا رنگ ۔۔۔ کاڌو به علاج به ۽ عاشقن ۔۔۔ ؟؟؟
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

سائين اسان دنيا جو هر ميوو اوهان جوانن جي حوالي ڪيو آهي۔ بس اسان کي ڪيلي تي گذارو ڪرڻ ڏيو مان ڏندن وجهرائڻ لاء ٻه ٽي دفعا تيار به ٿيم ته جهوني ناراض:D ٿي پئي ٻه ڏينهن ته ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنائين ۔احتجاج ڪندي چيائين ته جي ڏند وجهرائيندين ته ضرور اهو به چوندين ته ابهي تو ميڻ جوان هون ابهي تو مين جوان هو سو اها ڳاله ان کي اصل ڪونه وڻي ته مان جوان ٿيان يا جوان سڏرايان :Dhall chari تنهن ڪري مون کي فل پرميشن ڏني اٿائين ته جي ڪيلا سو رپئي به درجن ملن ته به وٺي کاء ليڪن ڏندن جي باري ۾ ڪڏنهن نه سوچجان سائين هاڻي اوهان انهن مسائلن کي سمجهو ٿا ته اهي مجبوريون ڪيڏيون۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔:D:D:D

ادا علي علي! اوهانکي ڪيلي کائڻ جو پورو پورو حق آهي جو ڪراڙيءَ جي مار کائڻ جي عمر ته اوهانجي آهي ڪونه، پر ڀاڄائيءَ جي ڌڪن ۾ به اهو زور نه هوندو جيڪو اوهان جوانيءَ ۾ محسوس ڪندا هئا ۔۔۔ ڀاڄائيءَ ويچاري کان هاڻ ته سوٽي کنئي به نه پڄندي هوندي ۔۔۔؟؟؟ انڪري هاڻ بس ڪاوڙ تي گذارو ڪندي هوندي، ٻه ڏينهن نه ڳالهائيندي هوندي، اوهان کيس چوندا هوندا هڪ ڪم ته ڪندي ٻيو هوندي ۔۔۔ خئير آهي ۔۔۔ اوهان ڪيلا کائيندا رهو ۔۔۔ چوريءَ ڇپيءَ هڪ عدد ڏندن جو جوڙو ٺهرائي رکو ۔۔۔ گهر کان نڪرڻ وقت وات ۾ ۽ گهر ۾ وڃڻ وقت ليپ ٽاپ واريءَ پيتيءَ ۾ ۔۔۔ ڪيئن صلاح سهي آهي نه ؟؟؟
ڀاڄائيءَ کي نه ٻڌائجو ته مون صلاح ڏني آهي ۔۔۔ ابا، تو واري پٺيءَ جي نشانن کي ڏسي پاڻکي به ڊڄ وٺي ويو آهي ۔۔۔
asul matt
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

بس نثار ابڙا 1983ع ۾ اسان هڪڙي ننڍڙي پتڪڙي جاب ڪندا هُئاسين ان وقت اسان جو پگهار هوندو ساڍا چار سئو، مان انهي ڪُرسيءَ تي هوندو هُئس جنهن ۾ ڪابه سيٽ نڪو ٻانهون هونديون هُيون، ۽ نه وري ان ڪُرسي کي ٽيڪ هوندي هُئيماني جي وقفي ۾ هڪڙي جهوپڙا هوٽل هوندي هُئي اتان پنجين روپي جا ڇولا وٺي گهران آندل رومال ۾ ٻڌل ماني ڇوڙي کائيندا هُئاسين ماني کائي پوءِ اٺ آني جا ٻه ڪيلا هوٽل جي پاسي ۾ بيٺل فروٽ واري کان وٺي کائيندا هُئاسين مون سان گڏ منهنجو اُستاد جنهن جي ڪُرسي تي صرف سيٽ هُئي باقي نه ان کي ٽيڪ هُئي نڪو ان ڪُرسيءَ ۾ ٻانهون هُيون هڪ دفعي اسان عادت موجب ماني کائڻ کان پوءِ ڪيلا هٿن ۾ جهلي سر عام کائيندا وياسين ته ان وقت ويجهو اسڪول مان شاگردياڻين جو ٽولو نڪتو، ان مان هڪڙي سيپٽ سنهڙي ڇوڪري نڪتي اسان جي سامهون اچي چيائين ته ”ڪيلي تو بندر کاتي هين“ سو واقعي ڪيلو باندر ن کي سونهين ٿو۔۔۔۔۔۔وڌيڪ ڪيلي جي ڊيفينيشن محترما رفيعا ملاح جي هڪ معلوماتي ڪتاب عورت فطرت ۽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔وڌيڪ نالو ڪونه ٿو لکان پڙهي ڏسو توهان جا طاق لڳي ويندا۔۔۔۔۔
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

سائين ڪيلي جي قباحت ۾ ڪتاب لکيو اٿس يا فضائل ۾ ؟
بس سائين توهان اهو ڪتاب جيڪڏهن حيدرآباد توهان جو وڃڻ ٿئي ته ضرور وٺجو، منهنجي خيال ۾ ان ڪتاب جو پورو نالو آهي ” عورت مرد ۽ فطرت“ آهي ته معلوماتي ڪتاب پر توهان پڙهي ضرور لاحول ولا قوت چوندا۔۔۔۔۔ محترما رفيعا ملاح ايجوڪيشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر آهي۔۔۔۔۔۔۔ اهو ايجوڪيشن کاتو جتان پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن ٿيندي آهي، پاڻ ايم انگلش آنر آهن
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

بس نثار ابڙا 1983ع ۾ اسان هڪڙي ننڍڙي پتڪڙي جاب ڪندا هُئاسين ان وقت اسان جو پگهار هوندو ساڍا چار سئو، مان انهي ڪُرسيءَ تي هوندو هُئس جنهن ۾ ڪابه سيٽ نڪو ٻانهون هونديون هُيون، ۽ نه وري ان ڪُرسي کي ٽيڪ هوندي هُئيماني جي وقفي ۾ هڪڙي جهوپڙا هوٽل هوندي هُئي اتان پنجين روپي جا ڇولا وٺي گهران آندل رومال ۾ ٻڌل ماني ڇوڙي کائيندا هُئاسين ماني کائي پوءِ اٺ آني جا ٻه ڪيلا هوٽل جي پاسي ۾ بيٺل فروٽ واري کان وٺي کائيندا هُئاسين مون سان گڏ منهنجو اُستاد جنهن جي ڪُرسي تي صرف سيٽ هُئي باقي نه ان کي ٽيڪ هُئي نڪو ان ڪُرسيءَ ۾ ٻانهون هُيون هڪ دفعي اسان عادت موجب ماني کائڻ کان پوءِ ڪيلا هٿن ۾ جهلي سر عام کائيندا وياسين ته ان وقت ويجهو اسڪول مان شاگردياڻين جو ٽولو نڪتو، ان مان هڪڙي سيپٽ سنهڙي ڇوڪري نڪتي اسان جي سامهون اچي چيائين ته ”ڪيلي تو بندر کاتي هين“ سو واقعي ڪيلو باندر ن کي سونهين ٿو۔۔۔۔۔۔وڌيڪ ڪيلي جي ڊيفينيشن محترما رفيعا ملاح جي هڪ معلوماتي ڪتاب عورت فطرت ۽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔وڌيڪ نالو ڪونه ٿو لکان پڙهي ڏسو توهان جا طاق لڳي ويندا۔۔۔۔۔

ادا سائين جيڪو اوهان قصو ٻڌايو آهي سو ته پنهنجي جڳهه تي اوهانکي ان ڇوڪري جا لفظ ياد ڪيئن رهجي ويا ڪٿي اوهين انهن لفظن تي اعتبار ته نه ڪري ويٺا آهيو ۽ ڪيلا کائڻ ڇڏي ڏنا آهن؟ اصل ۾ ڇوڪريون ڀولڙن کي پسند ڪنديون آهن ۔۔۔ ۽ اوهان به ان وقت جوان هئا ۽ آثار ٻڌائن ٿا ته سهڻا به هئا ۔۔۔ سو ايئن ته ناهي ته ڪٿي ڀولڙي جي آڙ هجي !!!
shal judy hujeen
 
ڪيلا کائيندا به آهيون ۽ کارائيندا به آهيون، پر جڏهن به ڪيلا ڏسندا آهيون ته اُن ڇوڪِرِيءَ جِي ڳالهه ضرور ياد ايندي آهي، باقي توهان جو تجربو مونکان وڏو آهي، جو چئو ٿا ته ڇوڪريون ڀولڙن کي پسند ڪنديون آهن، باقي ان وقت اسين ماڻهو هُئاسين ، ڪاش ان وقت باندر هُجون ته ڪانه ڪا، ان وقت جي ليڊي ڊائنا اسان کي شهزادو چارلس سمجهي باندر واري آڙ ۾ لنئون لڳائي اسان کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ها، يار ابڙا هڪڙي ٻي به ڳالهه توکي ٻُڌايان ته مان اڄ به ماڻهو آهيان متان سمجهين ته باندر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ڪوشش ڪريان پيو ته محترما رفيعا ملاح جو ڪتاب توهان ڏي گفٽ ڪري موڪليان، پوءِ ان ۾ ڪيلي جي ڊيفينيشن ڇا پر ڪيلي جي باري ۾ قديم يوناني شاعرن جي شاعري به سهيڙيل آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پليز پي ايم ذريعي پنهنجي مڪي پاڪ واري ائڊريس ڏياري موڪليو ته جيئن اهو ڪتاب توهان ڏانهن موڪلي سگهان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڪيلو کاڌو به علاج به!!!

Note: Diabetic patients have to be careful and moderate in using this fruit
Two Bananas a Day Keep all Doctors Away

Depression:
According to a recent survey undertaken by MIND amongst people suffering from depression , many felt much better after eating a banana. This is because bananas contain tryptophan, a type of protein that the body converts into serotonin, known to make you relax, improve your mood and generally make you feel happier.
PMS:
Forget the pills - eat a banana. The vitamin B6 it contains regulates
blood glucose levels , which can affect your mood.

Anemia:
High in iron, bananas can stimulate the production of hemoglobin in the
blood and so helps in cases of anemia.

Blood Pressure:
This unique tropical fruit is
extremely high in potassium yet low in salt, making it perfect to beat
blood pressure. So much so, the US Food and Drug Administration has
just allowed the banana industry to make official claims for the
fruit's ability to reduce the risk of blood pressure and stroke.

Brain Power:
200 students at a Twickenham (Middlesex) school were helped
through their exams this year by eating bananas at breakfast, break,
and lunch in a bid to boost their brain power. Research has shown that
the potassium-packed fruit can assist learning by making pupils more
alert.

Constipation :
High in fiber, including bananas in the diet can help
restore normal bowel action, helping to overcome the problem without
resorting to laxatives.

Hangovers :
One of the quickest ways of curing a hangover is to
make a banana milkshake, sweetened with honey. The banana calms the
stomach and, with the help of the honey, builds up depleted blood sugar
levels , while the milk soothes and re-hydrates your system.

Heartburn:
Bananas have a natural antacid effect in the body, so if you
suffer from heartburn, try eating a banana for soothing relief.

Morning Sickness :
Snacking on bananas
between meals helps to keep blood sugar levels up and avoid morning
sickness .

Mosquito bites:
Before reaching for the insect bite cream, try
rubbing the affected area with the inside of a banana skin. Many people
find it amazingly successful at reducing swelling and irritation.

Nerves:
Bananas are high in B vitamins that help calm the nervous
system.

Overweight
and at work? Studies at the
Institute of Psychology in Austria found pressure at work leads to
gorging on comfort food like chocolate and crisps. Looking at 5,000
hospital patients, researchers found the most obese were more likely to
be in high-pressure jobs. The report concluded that, to avoid
panic-induced food cravings, we need to control our blood sugar levels
by snacking on high carbohydrate foods every two hours to keep levels
steady.

Ulcers:
The banana is used as the
dietary food against intestinal disorders because of its soft texture
and smoothness. It is the only raw fruit that can be eaten without
distress in over-chronicler cases. It also neutralizes over-acidity and
reduces irritation by coating the lining of the stomach.

Temperature control :
Many other cultures see bananas as a "cooling"
fruit that can lower both the physical and emotional temperature of
expectant mothers. In Thailand, for example, pregnant women eat bananas
to ensure their baby is born with a cool temperature.

Seasonal Affective Disorder (SAD):
Bananas can help SAD
sufferers because they contain the natural mood enhancer tryptophan.

Smoking & Tobacco Use:
Bananas can also help people trying to
give up smoking. The B6, B12 they contain, as well as the potassium (K)
and magnesium (Ma) found in them, help the body recover from the
effects of nicotine withdrawal .

Stress:
Potassium is a vital mineral, which helps normalize the heartbeat,
sends oxygen to the brain and regulates your body's water balance. When we are stressed, our metabolic rate rises, thereby reducing our
potassium levels. These can be rebalanced with the help of a
high-potassium banana snack..

Strokes:
According to research in "The New England Journal of Medicine, 'eating
bananas as part of a regular diet can cut the risk of death by strokes
by as much as 40%!

Warts:
Those keen on natural alternatives swear that if you want to kill off a
wart, take a piece of banana skin and place it on the wart, with the
yellow side out. Carefully hold the skin in place with a plaster or
surgical tape !

Shine your face J Mix banana with honey and a bit of lemon juice, make
paste, apply on your face (beware of skin allergy- so make a test doze
first), keep for half an hour every day before sun-rise and wash out...
and Your face will shine like fresh banana....

Amazing fruit, really the banana, bringing consolation to
the whole humanity.... .....and rather cheap.....So get going....
Wishing you sound health...​
 
Back
Top