تمام مفيد معلومات بهترين بحث سان ملي ويئي ،ڪم ته الائي ڪاٿي وڃي پهتو پر الله ڪيو خير ٿي ويو، باقي توهان جي معلومات ۾ هڪ اضافو ڪرڻ ٿو گهران، ته ڪيلو اهو ماڻهو شوق سان ۽ اڳ۾ کائيندو جيڪو ان مهل طبعي طرح خوش هوندو،اهيا ڪيلي جي هڪ خاصيت آهي مثال اگر توهان فروٽ جي دڪان تي بيٺا آهيو اگر توهان جي احساسن ۾ خوشي جي لهر آهي ته اوهان ٻين فروٽن کان پهرين ڪيلي کي کائڻ پسند ڪندو۽ جيڪڏهن اوهان ڏکايل آهيو ته اوهان کي ڪيلو نه وڻندو، ( ٻين ڪيترين ئي مفيد معلومات سان گڏ اهيا معلومات به سن ۾ سائين جي ايم سيد جي تعزيتي پرگرام ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڏني هئي،جتي آء پاڻ موجود هيس ۽ تقريبن 20 منٽ ڪيلي جي فائدن تي مرحومه ڳالهايو هو،ان ڪيلي جي کل بابت ٻڌايو ته اگر ڪيلي جي کلن کي کڏ کوٽي ان ۾ اڇلايو وڃي ۽ ان مٿان مٽي وجهي ڇڏجي اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن کان پوء جڏهن اهي کلون مٽي ۾ ضم ٿي وڃن ته توهان پنهجي زمينن ۾ اها کلن واري مٽي وجهو ته توهان کي ڪاري ڀاڻ جو استعمال نه ڪرڻو پوندو جيڪو تمام مهانگو به آهي۔)
محترم دوست عتيق الرحمان صاهٻ، اوهانجي ڳالهه ڪيلي بابت نفسيات سان تعلق رکي ٿي ۔۔۔۔ جنهن مان ڪيلي جي اڻ کٽ خاصيتن مان هڪ اهم خاصيت ظاهر ٿئي ٿي ۔۔۔۔ مٿان وري هارين لئه ڪاري ڀاڻ جي سهولت الڳ سا به سنڌ جي شهيد ڏاهي ڀيڻ جي لفاظي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ڪيلي جي کل بابت ٻڌي اٿم ته: ڪيلي جي کل جو اندريو حصو ڏندن تي روزاني ملڻ سان ڏند صاف ۽ چلڪڻا ٿي پون ٿا ۔۔۔۔ واه ڙي ڪيلا تنهنجا ڪم ۔۔۔