عتيق الرحمان
سينيئر رڪن
تمام مفيد معلومات بهترين بحث سان ملي ويئي ،ڪم ته الائي ڪاٿي وڃي پهتو پر الله ڪيو خير ٿي ويو،
باقي توهان جي معلومات ۾ هڪ اضافو ڪرڻ ٿو گهران،
ته ڪيلو اهو ماڻهو شوق سان ۽ اڳ۾ کائيندو جيڪو ان مهل طبعي طرح خوش هوندو،اهيا ڪيلي جي هڪ خاصيت آهي
مثال اگر توهان فروٽ جي دڪان تي بيٺا آهيو اگر توهان جي احساسن ۾ خوشي جي لهر آهي ته اوهان ٻين فروٽن کان پهرين ڪيلي کي کائڻ پسند ڪندو۽ جيڪڏهن اوهان ڏکايل آهيو ته اوهان کي ڪيلو نه وڻندو،
( ٻين ڪيترين ئي مفيد معلومات سان گڏ اهيا معلومات به سن ۾ سائين جي ايم سيد جي تعزيتي پرگرام ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڏني هئي،جتي آء پاڻ موجود هيس ۽ تقريبن 20 منٽ ڪيلي جي فائدن تي مرحومه ڳالهايو هو،ان ڪيلي جي کل بابت ٻڌايو ته اگر ڪيلي جي کلن کي کڏ کوٽي ان ۾ اڇلايو وڃي ۽ ان مٿان مٽي وجهي ڇڏجي اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن کان پوء جڏهن اهي کلون مٽي ۾ ضم ٿي وڃن ته توهان پنهجي زمينن ۾ اها کلن واري مٽي وجهو ته توهان کي ڪاري ڀاڻ جو استعمال نه ڪرڻو پوندو جيڪو تمام مهانگو به آهي۔)