سنڌي پهاڪا چوڻيون

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سيد اياز علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2013۔

  1. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب
    اڇي ڏاڙھي ٿيڻ: وار اڇا ٿيڻ، عمر وڏي ٿيڻ. کائي پي چڙھڻ.
    اٽو خراب ھئڻ: ڪم ڀُڏا ھئڻ. بي اعتباري جھڙا ڪم ڪرڻ.
    وڏي عمر ۾، سوا حرص ۽ لالچ، عقل ۽ تجربي جي، باقي ھر شي پوئتي پئجي ويندي آھي. نظر گھٽ، لڱ ڪمزور، ڏند ڀڳل، آنڊا بي طاقتا، مڙسي کان ويٺل ھئڻ سبب ڪراڙي مان ھر ڪو بيزار. ان عمر ۾ ڪراڙي ماڻھو کان، سندس تجربي جي آڌار، فقط عقل جي صلاحن وٺڻ جي، ٻيو ڪم نه وٺجي.
    مطلب:
    پنھنجي معاملي ۾، اڇي ڏاڙهيءَ وارو، پاڻ تي کلائڻ جھڙا ڪم ڪري ته پوءِ سندس عقل لاءِ ائين ئي ٽوڪ طور چئبو آهي. پيريءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ؛ اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ٿيڻ برابر آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب

    سنڌ جا ٻه نواب، جي دنگئي پَلئي هئا، تن مان هڪڙي، هڪ اڇي ڏاڙهي وارو ماڻهو مقرر ڪيو، جو ٻئي نواب جي دِڳي مان ڳَرٽ ڳَرٽ ڇوڪرا برغلائي ايندو هو، جن کان ڍڳن ڍورن چارڻ ۽ ٻي خدمت چاڪري جو ڪم ورتو ويندو هو. ٻِئي نواب، وري هڪ چالاڪ ڳڀرو ڇوڪرو پاڻ وٽ رکيو هو، جو وري هُن نواب جي حد مان، اڇي ڏاڙهي وارن کي ڏٽا سٽا ڏيئي، کين مقرر سَراءِ ۾ آڻي ڪڍندو هو، جتي انهن کان چَڪي پيهڻ جو ڪم ورتو ويندو هو.
    هڪڙي ڏينهن پوڙهي ۽ ڇوڪري جو هڪ ٻئي سان پَلئه پيو. پوڙهي پَههُ پچايو ته، ”آئون، هن ڇوڪري کي هيٺاهيون مٿاهيون ڏئي، پنهنجي حد ۾ وٺي وڃان.“ ڇوڪري خيال ڪيو ته ”آءُ، هن پوڙهي کي پاڻ سان وٺي وڃان.“
    ٻئي پنهنجي پَهن گَهن ۾ مست ۽ مگن!
    نيٺ جڏهن هڪ ٻئي جي ڊهَه بَڊهَه (روبرو) ٿيا، تڏهن ڇوڪرو ٽاڙهه ڏيئي، رئندو رئندو، چاچا سائين، چاچا سائين، ڪندو، اچي پوڙهي جي پيرن تي پيو. روئي جو روئي پيو زارو زار! پوڙهي کي هن جي روئڻ تي رحم آيو. سو ڳراٽڙي پائي، پڇيائينس ته، ”ابا، روءُ نه، خبر ڪر ته روئين ڇو ٿو؟“ . ڇوڪري ڏاڍي ڍنَگَ پيچ ۽ ڦَند سان ڇَند ڪري، چيو ته ”بابو ويچارو راه رباني وٺي ويو، اما ۽ ٽي ڀينرون ڇڏي ويو آهي. ڏوڪڙ پيسو، ۽ ٻني ٻارو به آهي، پر سنڀالي ڪير؟ امان چيو ته، ”پٽ، تنهنجو چاچو هتان رُسي ويو آهي، اُن کي ڳولي ڦولهي اچ. ڏَسَ پَنڌَ ۽ پار پَتا، جيڪي ڏنا اٿس، سي سڀ چاچا، تو ۾ آهن، سو مهرباني ڪري هاڻي هَل، ۽ هلي سار سنڀال لَههُ. ، مطلب ته ڇوري، اهڙا ته حيلا هلايا، جو پوڙهو فريب ۾ ڦاسي ويو. ڇوڪري کي چيائين ته، ”پُٽ، ماٺ ڪر، روءُ رڙ نه، مون سڀ ڪاوڙ ڇڏي، هل ته هاڻي ئي هلون ٿا.“ ڇوڪر اڳيان، پوڙهو پويان. جڏهن مقرر سراءِ جي ڀرسان آيا، تڏهن ڇوڪري، پوڙهي کي چيو ته، ”چاچا، تون هل، انهيءَ جاءِ ۾، ته آئون جھنگ جو خيال لاهيو ٿو اچان.“ پوڙهو خوشيءَ سان سراءِ ۾ گهڙيو. اُتي ته اڳيئي جوان انتظار ۾ ويٺا هئا، جن پوڙهي کي پهچندو ڏسي، جھلي، چَڪَيءَ (جنڊ) تي ويهاري، ڪاسو اَن جو ڏيئي، چيائونس ته، ”پيھُ اَنُ، نه ته سِر جو خير نه ٿيندءِ“ . اتي پوڙهي سمجھيو ته، ”مار، ڇوڪرو راند هڻي ويو !“.

    ڀلا هڪ پيرسن، ٻيو جنڊ ڳورو ۽ اَن گهڻو، ويچارو سو ڪري به ڪري ڇا! جي تڪڙو ٿو هلائي ته اَنُ ڏارو پيو ٿئي، جي هوريان ته اَٽو نه پيو نِبري، اچي ويو سورن ۾! مٿانئس بيٺل ماڻهو، ٿورو ۽ ڏڏريل اَٽو ڏسي، کيس چون ته، ”پوڙها، هي ڇا ٿو ڪرين؟ اَڇي ڏاڙهي ۽ اَٽو خراب!“.

    مطلب: جڏهن ڪو ڪم، ڪنهن لياقت مطابق ڪيل نه ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    بس ڙي ابا ۔۔۔! اڄڪلهه پنهنجو اٽو به خراب لڳو پيو آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ اهو پهاڪو تمام گهڻو عام آهي پر پو به انجي پويان جي حقيقت معلوم ڪري سٺو لڳو ۔۔۔ سنڌ سلامت تي ادي سليمان جو ونڊ ڪيل ڪتاب ” پهاڙن جي پاڙ“ به پڙهڻ وٽان آهي۔
    لک قرب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    يعني انسان کي پنهنجي ڄمار جو ڪم ڪرڻ گهرجي جاءِ اعمر گهر ۾ ويهڻ جي هجي سا ٻاهر نه وڃائجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو