سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب
اڇي ڏاڙھي ٿيڻ: وار اڇا ٿيڻ، عمر وڏي ٿيڻ. کائي پي چڙھڻ.
اٽو خراب ھئڻ: ڪم ڀُڏا ھئڻ. بي اعتباري جھڙا ڪم ڪرڻ.
وڏي عمر ۾، سوا حرص ۽ لالچ، عقل ۽ تجربي جي، باقي ھر شي پوئتي پئجي ويندي آھي. نظر گھٽ، لڱ ڪمزور، ڏند ڀڳل، آنڊا بي طاقتا، مڙسي کان ويٺل ھئڻ سبب ڪراڙي مان ھر ڪو بيزار. ان عمر ۾ ڪراڙي ماڻھو کان، سندس تجربي جي آڌار، فقط عقل جي صلاحن وٺڻ جي، ٻيو ڪم نه وٺجي.
مطلب:
پنھنجي معاملي ۾، اڇي ڏاڙهيءَ وارو، پاڻ تي کلائڻ جھڙا ڪم ڪري ته پوءِ سندس عقل لاءِ ائين ئي ٽوڪ طور چئبو آهي. پيريءَ ۾ نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ؛ اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ٿيڻ برابر آهي.