سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ دوستو جيڪو نظامِ هستي هلائي پيو اسين سڀ انهي مالڪ رب ستار جي وس آهيون، جياري تڏهن به هُو وسَ وارو جيڪر ماري تڏهن مالڪ مهربان جي مرضي، دنيا جي هن بحر ۾ ٻوڙي تڏهن سائين وس وارو جيڪڏهن تک جي تار مان پار اُڪاري تڏهن به هوڪريم قادر آهي، اسان سڀ انهي غفار جي رحم جا طلبگار آهيون ۔ هڪڙي تمام غريباڻي وائي تخليق ٿي آهي بلڪل نڪور ۽ نئين آهي اميد ته پسند ايندي۔ پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون !وائينثاراحمدنازواڳ مِٺا جنهن پاسي وارين ،جيارين چاهي مارين !پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون. بَحرِ جهان ۾ بُرد ڪرين يا،تک مان تار اُڪارين !پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون. نفرت ساڻ نهارين يا تون ،اُلفت ساڻ اُجارين!پاڻ هڪيا حاضر آهيون . رحم رتِيءَ جا طالب آهيون ،والِي ڪيمَ وسارين !پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.
رحم رتِيءَ جا طالب آهيون ،والِي ڪيمَ وسارين !پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون. دعا جو شاندر انداز۔۔ شل قبول پوي۔۔۔
نفرت ساڻ نهارين يا تون ، اُلفت ساڻ اُجارين! پاڻ هڪيا حاضر آهيون . رب پاڪ ٻاجهارو آهي ۔۔۔ سندس در دعا آهي ته اسان کي معاف ڪري ۽ پنهنجي مهر ڪري ۔۔۔۔ اوهان لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون، شال سدا سلامت هجو