پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون وائي نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ دوستو جيڪو نظامِ هستي هلائي پيو اسين سڀ انهي مالڪ رب ستار جي وس آهيون، جياري تڏهن به هُو وسَ وارو جيڪر ماري تڏهن مالڪ مهربان جي مرضي، دنيا جي هن بحر ۾ ٻوڙي تڏهن سائين وس وارو جيڪڏهن تک جي تار مان پار اُڪاري تڏهن به هوڪريم قادر آهي، اسان سڀ انهي غفار جي رحم جا طلبگار آهيون ۔ هڪڙي تمام غريباڻي وائي تخليق ٿي آهي بلڪل نڪور ۽ نئين آهي اميد ته پسند ايندي۔

پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون !​
وائي​
نثاراحمدناز​
واڳ مِٺا جنهن پاسي وارين ،​
جيارين چاهي مارين !​
پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.​
بَحرِ جهان ۾ بُرد ڪرين يا،​
تک مان تار اُڪارين !​
پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.​
نفرت ساڻ نهارين يا تون ،​
اُلفت ساڻ اُجارين!​
پاڻ هڪيا حاضر آهيون .​
رحم رتِيءَ جا طالب آهيون ،​
والِي ڪيمَ وسارين !​
پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.​
1001291_10151725785408216_792487516_n.jpg
 
رحم رتِيءَ جا طالب آهيون ،
والِي ڪيمَ وسارين !
پاڻ هَڪِيا حاضر آهيون.
دعا جو شاندر انداز۔۔ شل قبول پوي۔۔۔
 
نفرت ساڻ نهارين يا تون ،
اُلفت ساڻ اُجارين!
پاڻ هڪيا حاضر آهيون .

رب پاڪ ٻاجهارو آهي ۔۔۔ سندس در دعا آهي ته اسان کي معاف ڪري ۽ پنهنجي مهر ڪري ۔۔۔۔ اوهان لاء دعائون ۽ نيڪ خواهشون، شال سدا سلامت هجو
 
Back
Top