ٻڌل کٽهڪڙي ڏينهن ٻنيءَ تي منهنجي هاريءَ طرفان رکيل کٽ تي وڃي ويٺس،ته اوچتو منهنجي نظر وڃي هڪڙي عجيب شيءَ تي پيئي،حيران به ڏاڍو ٿيس ته هيتري عرصي کان مون کي اها شيءِ نظر نه آئي.هاري جڏهن اتي اچي مون سان مليو ته اها حقيقت پڇي مانس ته چيائين ته” سائين! شيءِ پنهنجي قابو ڪجي،ڏوه ٻئي جو نه ڏجي،منهنجو اڳي هتان هڪڙو دلو کڄي ويو هو،تنهڪري حفاظت لاءِ اهو بندوبست ڪيو اٿم“.مون جيڪا ڳاله نئين ڏٺي سا اها هئي ته کٽ وڻ جي ٿڙ سان سنگھر ۽ تالي ذريعي ٻڌي پيئي هئي. وڌيڪ پڙهو
ادا هتي اسان وٽ ته مسجد ۾ لڳل پاڻي جي ڪولر سان پهريان ته گلاس ملندو نه پر جي ملندو به ته زنجير سان بڌل هوندو آهي هاڻي جي مسجد جو هي عالم آهي ته مسافر خانن ۾ ڇا حال هوندو ۔ سو سائين نانگ جو کاڌل رسي کان ڊڄي اها چوڻي ائين ته ناهي ۔ وسلام