ٻڌل کٽ
هڪڙي ڏينهن ٻنيءَ تي منهنجي هاريءَ طرفان رکيل کٽ تي وڃي ويٺس،ته اوچتو منهنجي نظر وڃي هڪڙي عجيب شيءَ تي پيئي،حيران به ڏاڍو ٿيس ته هيتري عرصي کان مون کي اها شيءِ نظر نه آئي.هاري جڏهن اتي اچي مون سان مليو ته اها حقيقت پڇي مانس ته چيائين ته” سائين! شيءِ پنهنجي قابو ڪجي،ڏوه ٻئي جو نه ڏجي،منهنجو اڳي هتان هڪڙو دلو کڄي ويو هو،تنهڪري حفاظت لاءِ اهو بندوبست ڪيو اٿم“.مون جيڪا ڳاله نئين ڏٺي سا اها هئي ته کٽ وڻ جي ٿڙ سان سنگھر ۽ تالي ذريعي ٻڌي پيئي هئي.وڌيڪ پڙهو