پيار سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو، سنڌوءُ واري ڏينهن تي اسان جو مرڪزي فوٽو گرافر عبدالغفور سمون منهنجي هدايتن تي پنهنجي ويب ڪئم سميت دريا سنڌ جي المنظر ڪنڌي تي سنڌ سلامت لاءِ پنهنجون مڪمل ذميواريون پوريون ڪيون، پاڻ دريا سنڌ تي جمع ٿيندڙ سڀني سنڌي ۽ سنڌياڻين جا ويوز سنڌو ڏينهن جي حوالي سان ورتا، ان سلسلي ۾ هڪڙي سنڌي سورمياڻي محترما، فخرِ ڪريم صديقي صاحبه اِي ڊي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو سنڌ جنهن المنظر تي سنڌو ڪناري پنهنجي طرفان سنڌوءَ کي سلامي ڏيڻ جي سلسلي ۾ هڪڙي تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ پوري ضلعي جا سمورا اُستاد ۽ ڪافي سارا سنڌي ڀائر ۽ سنڌي ڀيڻون شريڪ ٿيون اسان جي مرڪزي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون محترما فخرِ ڪريم صديقي صاحبه جا سنڌو ۽ سنڌ متعلق خوبصورت جذبا رڪارڊ ڪيا، ان کان وڏي ڳالهه ته محترما فخرِ ڪريم صديقي صاحبه پنهنجي تقرير ۾ باقائده سنڌ سلامت جا ٿورا پڻ مڃيا آهن۔۔۔۔ ان مان ثابت ٿيو ته اسان جي سنڌ سلامت جو هرڪو نمائندو پنهنجون ذميواريون سنڌ سلامت جي اڱڻ کي جرڪائڻ لاءِ دل و جان سان ادا ڪري رهيو آهي۔۔۔۔۔۔۔ آئون شاباس ڏيندس ادا عبدالغفور سمون صاحب کي جيڪو سنڌ سلامت جي اڱڻ لاءِ ساري دنيا جي سنڌين کي نت نيون ۽ نڪور ونڊون ونڊي پيو۔۔۔۔۔ محترما فخرِ ڪريم صديقي صاحبه اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو سنڌ پنهنجي تقرير ۾ سنڌ، سنڌو ۽ سنڌ سلامت لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪري رهي آهي
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب سائين قبلا توهان جي مهرباني توهان جو ٿورا جو اوهان پنهنجون ڪوششون ڪري اسان کي هر وقت نئين معلومات فراهم ڪندا رهو ٿا محترمه فخر ڪريم جو خطاب به پراثر آهي محترمه سنڌ سلامت جو اعلان ڪري اسان جو مانُ مٿاهون ڪري ڇڏيو آهي.۔
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب تمام بهترين ونڊ آهي سائين . محترمه جو خطاب به پنهنجي جا۽ تي پر توهان جي محنت سڀ کان اعلا آهي بهترين محنت ۽ شيئرنگ تي جس لهڻو ماشاء الله
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب سائين محترم نثار ناز صاحب سلام آهي انهن سنڌي سٻاجهڙن کي جي حقن جي ويڙهه ۾ پاڻ پتوڙن ٿا ۽ خلوص ۽ سچائيءَ سان سنڌين جو آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائين ٿا ۔۔۔ اوهانکي ۽ اوهانجي ساٿي عبدالغفور سمون کي مبارڪون هجن جن تمام سٺو انٽرويو محترمه ڀيڻ صديقي صاحبه جو اسان تائين پهچايو ۔۔۔ دعا آهي ته؛ اديءَ جون چيل ڳالهيون ساڀيان ٿين ۽ سنڌي متحد ٿي پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ واري هلچل ۾ سوڀ حاصل ڪن ۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت ۔ ڪام جو هي اڱڻ پڻ سنڌ سنڌيت جي هلچل ۾ واڌو ڪردار ادا ڪري پاڻ ملهائيندو رهي ۔۔۔ آمين sindhsalamatsaathsal
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب سائين نثار ناز ۽ ادي عبدالغفور صاحب کي جس هجي ته ايتري محنت سان سنڌ سلامت جي لاءِ نواڻ آڻڻ ۽ ان جي تشهير جو ڪم ڪري رهيا آهن... تمام عمدو ڪم آهي...
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب دوستو اوهان سڀني ڀائرن کي ايترو ٻڌائيندو هلان ته محترمه فخرِ ڪريم صديقي صاحبه جو تعلق به اسان جي سهڻي سنڌ ڌرتي جي دادلي ڊسٽرڪٽ دادو جي من مهڻي ، تاريخي ۽ تعليمي ڳوٺ (شهر) پاٽ شريف سان تعلق آهي۔۔۔۔
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب اهڙي پروگرام کي ڪوريج ڪرڻ تي هڪ دفعو ٻيهر مان سائين نثار ناز ۽ ادا عبدالغفور سمون جو شڪريو ادا ڪريان ٿو۔۔۔ ڀيڻ صديقي صاحبه جي پڻ مهرباني جن اتي آيل ساٿين کي سنڌ سلامت بابت ٻڌايو۔۔۔ سندس پيغام مان مون کي لڳو ته ڀيڻ نيٽ گهٽ استعمال ڪندي آهي ان ڪري ئي کيس ٽيڪنيڪل Url يعني سنڌ سلامت جي ايڊريس چوندي ڏکيائي پيش آئي ۔۔۔۔ دعا آهي ته اڳتي هلي هر سنڌي جي زبان تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام بغير هٻڪندي جاري رهي۔۔۔
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب جي ادا زاهد اها معلومات ونڊڻ جي مهرباني
جواب: محترما فخرِ ڪريم صديقي اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو جو سنڌو ڏينهن تي خطاب سائين مهرباني ونڊڻ جي الله اتحاد قائم ڪري اسان سنڌين ۾