نثارناز
سينيئر رڪن
پيار سنڌ سلامت جا ساٿيو، ۽ ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو، سنڌوءُ واري ڏينهن تي اسان جو مرڪزي فوٽو گرافر عبدالغفور سمون منهنجي هدايتن تي پنهنجي ويب ڪئم سميت دريا سنڌ جي المنظر ڪنڌي تي سنڌ سلامت لاءِ پنهنجون مڪمل ذميواريون پوريون ڪيون، پاڻ دريا سنڌ تي جمع ٿيندڙ سڀني سنڌي ۽ سنڌياڻين جا ويوز سنڌو ڏينهن جي حوالي سان ورتا، ان سلسلي ۾ هڪڙي سنڌي سورمياڻي محترما، فخرِ ڪريم صديقي صاحبه اِي ڊي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو سنڌ جنهن المنظر تي سنڌو ڪناري پنهنجي طرفان سنڌوءَ کي سلامي ڏيڻ جي سلسلي ۾ هڪڙي تقريب منعقد ڪئي جنهن ۾ پوري ضلعي جا سمورا اُستاد ۽ ڪافي سارا سنڌي ڀائر ۽ سنڌي ڀيڻون شريڪ ٿيون اسان جي مرڪزي ڪئميرا مين عبدالغفور سمون محترما فخرِ ڪريم صديقي صاحبه جا سنڌو ۽ سنڌ متعلق خوبصورت جذبا رڪارڊ ڪيا، ان کان وڏي ڳالهه ته محترما فخرِ ڪريم صديقي صاحبه پنهنجي تقرير ۾ باقائده سنڌ سلامت جا ٿورا پڻ مڃيا آهن۔۔۔۔ ان مان ثابت ٿيو ته اسان جي سنڌ سلامت جو هرڪو نمائندو پنهنجون ذميواريون سنڌ سلامت جي اڱڻ کي جرڪائڻ لاءِ دل و جان سان ادا ڪري رهيو آهي۔۔۔۔۔۔۔ آئون شاباس ڏيندس ادا عبدالغفور سمون صاحب کي جيڪو سنڌ سلامت جي اڱڻ لاءِ ساري دنيا جي سنڌين کي نت نيون ۽ نڪور ونڊون ونڊي پيو۔۔۔۔۔
محترما فخرِ ڪريم صديقي صاحبه اِي ڊِي او ايجوڪيشن ضلع ڄامشورو سنڌ پنهنجي تقرير ۾ سنڌ، سنڌو ۽ سنڌ سلامت لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪري رهي آهي