سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
اسان جو موضوعِ بحث فطرت آهي. فطرتي بحث هڪ لحاظ کان فلسفي جي بحث ۾ ٿو اچي. حقيقت ۾ فلسفي جا اهم موضوع ٽي آهن.
خدا
ڪائنات
انسان
اسان جي هيءَ بحث انسان جي مطعلق آهي. هڪ لحاظ کان اهو به چئي سگھجي ٿو ته انسان ۽ خدا جي مطعلق آهي. موضوع جي هڪ طرف انسان آهي ٻئي طرف خدا آهي. قرآن ۽ سنت ۾ فطرت جو ڪافي ذڪر آيو آهي.
گفتگو جو محور اهو رکندس ته،
ڇا قرآن انسان جي لاءِ فطرت جو قائل آهي؟
انسان جي لاءِ هڪ خاص نقطئه نظر آهي، لفظ فطرت مان مراد ڇا آهي؟ يا اها اهڙن پهلوئن مان هڪ آهي جنهن جو قرآن ئي پهريون دفعو انسان مطعلق ذڪر ڪيو آهي؟
بظاهر قرآن کان پهرين ان لفظ جي استعمال جو ڪو مثال موجود نه آهي ته چئي سگھجي ٿو ته قرآن ئي پهرين دفعا انهي کي انسان جي لاءِ استعمال ڪيو آهي.
اچو ته پهريان لفظ فطرت جي لغوي معنى جو جائزو وٺون ۽ گھري نظر سان ڏسون ته ان جي لغوي بنياد ڇا آهي.
ٻيو مسئلو جنهن جي لاءِ اسان کي گفتگو ڪرڻ گھرجي اهو ته ڇا انسان اصولي طور تي فطريات جي هڪ سلسلي جو حمل آهي يا نه؟ يا اهو ته ڇا انسان هر قسم جي فطرت کان عاري آهي.
ان کان بعد اسان جو ٽيون بحث خاص طور تي دين جي باري ۾ هوندو ته ڇا دين فطري آهي يا نه؟ قرآن ظاهر ظهور بيان ڪيو آهي ته دين دينِ فطري آهي. اسان کي انسان ۽ دين جي باري ۾ هڪ علمي بحث ڪرڻ گھرجي ۽ ڏسڻ گھرجي ته ڇا دين بنيادي طرح فطري آهي يا نه.
لفظ فطرت جو لغوي مفهوم؛
سوال هي آهي ته لفظ فطرت جيڪو قرآن ۾ آيو آهي ان مان ڇا مراد آهي؟
ارشاد خداوندي آهي ته؛ ( فطرت الله التي فطر الناس عڪيها) (روم 30 )
ماده فطر (ف-ط-ر) قرآن ۾ ڪافي دفعا استعمال ٿيو آهي ڪڏهن (فطر هن) (انبيا-56 ). ڪڏهن انفطرت ته ڪڏهن منفطر به(مزمل-18 ).
هر مقام تي انهئ لفظ جي معنى ابداع آهي جنهن جي معنى ڪنهن پهرين نموني کي پيشِ نظر رکيءَ بنا پيدا ڪرڻ جي آهي.
قرآن ۾ لفظ فطرت انسان ۽ دين سان گڏ ان جي رابطي جي باري ۾ آيو آهي. (اها خاص خلقت جيڪا اسان انسان کي ڏني. مطلب انسان هڪ خاص انداز ۾ پيدا ٿيو آهي. اهو جيڪو اڄ ڪلهه عام چيو ويندو آهي ته انساني امتيازات ته ان مان فطرت جو ئي مفهوم نڪري ٿو. ۽ اهو ان صورت ۾ جڏهن اسان انسان جي اصل خلقت ۾ ڪجھ امتيازات ۽ خصوصيتن جا قائل هجون،.