• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته توهان جي گهر ۾ يا آفيس ۾ ڪجهه ماڻهون توهان جي غير موجودگي ۾ نيٽ استعمال ڪري رهيا آهن۔۔۔۔ ۽ ڪا ناپسنديده سائيٽ کولي رهيا آهن جنهن ڪري بعد ۾ ڪنهن غلطي سبب هسٽري ۾ موجود اهڙي سائيٽ گهر ۾ ڪنهن ٻار جي اڳيان يا آفيس ۾ باس جي اڳيان کلي وڃڻ جو انديشو هجي جنهن سان يقينن توهان جي اميج تي اثر به پئجي سگهندو هجي ته توهان کي گهرجي ته انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔ ياد رهي ته انٽرنيٽ ايڪسپلورر جو 8 ورجن اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاسورڊ لڳائڻ جي سهولت ڏيندو آهي۔۔۔
هيٺين ڪجهه آسان عملن سان مان توهان کي سيکاريندس ته انٽرنيٽ ايڪسپلورر 8 کي ڪهڙي طرح پاسورڊ لڳائي پروٽيڪٽ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔
ان لاءِ توهان انٽرنيٽ ايڪسپلورر کوليو ۽ Tools مينو تي ڪلڪ ڪري Internet Options کوليو ۔۔۔ توهان جي اڳيان هڪ ونڊو کلندي جنهن مان Content ٽيب سليڪٽ ڪريو۔۔۔ ۽ هتان Content Advisor سيڪشن ۾ موجود بٽڻ Enable تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

ie01.jpg

هاڻي توهان جي اڳيان Content Advisor ونڊو کلندي جتان General ٽيب سليڪٽ ڪريو۔۔۔ هتي موجود اختيار Supervisor can type a password to allow users to view restricted content کي چيڪ لڳايو هاڻي Supervisor password سيڪشن ۾ موجود بٽڻ Change Password تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

ie02.jpg

نئين کلندڙ ونڊو ۾ پنهنجو پاسورڊ سيٽ ڪريو۔۔۔۔ پاسورڊ ياد رکڻ لاءِ ڪو Hint پڻ شامل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔

ie03.jpg

Ok ڪرڻ کان پوءِ توهان Rating ٽيب کوليو ۽ ريٽنگ سلائيڊر کي None تي آڻيو ته جيئن ڪابه ويب سائيٽ کلڻ کان اڳ پاسورڊ گهري۔۔۔

ie04.jpg

هاڻي جڏهن به ڪو توهان جي غير موجودگي ۾ ڪا سائيٽ کولڻ جي ڪوشش ڪندو ته اڳيان کائنس پاسورڊ پڇيو ويندو۔۔۔۔ ۽ پاسورڊ ته صرف توهان ئي ڄاڻيو ٿا۔۔۔۔ :D

ie05.jpg

توهان کي هي ٽيوٽرل ڪيئن لڳو ۔۔۔۔ اهو ته توهان جا جواب ٻڌائيندا۔۔۔۔
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

واه رشيد صاحب واه.. بس گرافڪس توهانجي حوالي ٿينڪ يو
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

ادا تمام سٺو ونڊ آهي
مهرباني
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

ادا رشيد صاحب توهان جو ونڊ مڙئي ڪارائتو هوندو آهي، ادا سنڌ سلامت جو پليٽ فارم اسان جهڙن اڻ گهڙيلن کي شايد گهڙي تيار ڪري ڪارائتو بڻائيندو ۽ اسان به ڪم ڪرڻ جهڙا بڻباسين
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

واقعي ادا بهترين ٽپ توهان سنگت سان شيئر ڪئي آهي لاجواب


سدائين گڏ
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

مطلب ته آءُ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ٪ گنجي تيونسيءَ کي پنهنجي ڪمپيوٽر کان پري رکي سگهانٿو ۔۔۔
وڏا وڙ ادي رشيد جا ۔۔۔
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

واهه ادا واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي۔

فقير تنهنجا ته هاڻي مزا ٿي ويا۔
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

السلام عليڪم ادا رشيد صاحب ۔۔۔۔

تمام بهترين معلومات ڏني آهي۔۔۔ الله پاڪ توهان جي علم ۾ اڃان به اضافو عطا فرمائي ۔۔۔ آمين ثم آمين
 
جواب: انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي پاسورڊ لڳايو۔۔۔

سائين رشيد تمام بهترين ٽپ آهي
ڇا انهي قسم جو فيچر فائرفوڪس ۾ موجود آهي ؟
 
Back
Top