مون سي ڏٺا ماءِ تحرير سحر امداد

'سنڌي ادب' فورم ۾ اي جي شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2013۔

  1. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213

    شيخ اياز سان منهنجي ڏيٺ ويٺ تڏهن ٿي هئي.جڏهن مان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندي هيس.تڏهن اسين سکر ۾ رهندا هئاسين.لائيڊ بئراج جي کاٻي پاسي،ابل واهه ۽ سنڌو درياهه جي وچ تي.ٽالهيءَ جي اچن وڻن جي جهڳٽن آڏو اسان جو گهر هو.سرينهن ۽ املداس جي کٽي مٺي خوشبوئن سان واسيل گهر.اتان روز سنڌو درياهه تان لائيڊ بئراج جا 66 دروازا پار ڪري.اسڪول وڃڻ ۽ 66 دروازا پار ڪري اسڪول کان موٽڻروز جو نيم هو.هڪ اهڙو نيم جيڪو ايڊونچر ۽ ٿرل سان ڀرپور هو.بندرروڊ سان لڳو لڳ بيٺل وڏيون وڏيون ٻيڙيون،موٽر بوٽس ۽ لانچون درياهه جي وچ تي ساڌ ٻيلي جا سنهڙا ۽ سهڻا مندر،درياهه ۾ ٻلهڻ جي کوج ۾ مسلسل نهاريندڙ اسان جا نيڻ ،جي ڪا ٻلهڻ نظر اچي ويئي ته ان کي توڙ تائين تاڙڻ ۽ پوءِ ٻلهڻ جي هر ٽٻيءَ سان اسان جون رڙيون،درياهه جي هن پار ستين جي ٿان تي آڪاس کي ڇهندڙ کجين جاجهڳٽا، لائيڊ بيراجکي آمهون سامهون خوبصورت لينس ڊائون برج ۽ پوءِ ايوب پل ان سموري منظر کي ڳچ مچ ڪري ڇڏيو هو.اسڪول کان واپسيءَ تي معصوم شاهه جو منارو،ان کان پوءِ ور وڪڙ کائيندڙ خوبصورت چاڙهي،ان ڇاڙهي سان لڳو لڳ رنگ برنگي مڻين جون مالهائون ۽ رليءَ جيان رنگين ٽڪرين جون ٽوپيون پاتل ملنگ فقيرن جا ديرا،ٽاور اڪري بئراج ڪالونيءَ جي سوئمنگ پول تي سوئمنگ ڪاسٽيوم ۾ سهڻين انگريزياڻين ۽ انگريزن جون ٽاڪ منجهند جو سکر جي ڪاڙهي ۽ گرمي کان بچڻ جو اڪيلو علاج،سوئمنگ پول جو ٿڌو شفاف پاڻي،پوءِ وري منهنجي نهار ۾ دروازا نه پر جوڳيءَ جي چٽائن جيان وهندڙ سنڌوءَ جو وهڪرو هوندو هو.
    اهي ٻئي منظر ڪيڏا نه مختلف ۽ ڪيڏا نه سهڻا هئا،لڳندڙ هئم درياهه آسمان مان ڦٽندو،آسمان۾ گم ٿي ويندوهجي.پر ڇا سکر رڳو انهن ئي منظرن جو نالو آهي؟پر نه.انهن منظرن ۾ ڪجهه آهي جو اڃا کٽل آهي.هاءِ اسڪول جو ذڪر شيخاياز کان سواءِ اڌورو ئي ته آهي.اهو ئي شيخ اياز،جنهن جو ذڪر سکر جا ماڻهو،سکر جي انهن منظرن کان وڌيڪ ڪندا هائ.دوست توڙي دشمن ،اياز سڀني جو ڪامن موضوع هو ۽ تڏهن ڪلاس ۾،فري پيرڊ ۾،هڪ جيڏي سان ڪچهرين دوران،اياز جي ذات سان وابستا ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ،جيڪي سکر جي رجعت پرست طبقن پاران پکيڙيون ويون هيون.سي مون تائين پهتيون هيون.”اياز هيئن آهي ..................اياز هيئن آهي.“
    انهن مڙني ڳالهين ٻڌڻ کانپوءِ منهنجو اهو ويساهه پڪو ٿي ويو ته اياز يقينن ٻين کان مختلف۽ هڪ ان يويل(un-usual)انسان آهي.۽ مون سوچيو هو ته جيئن ولين ۽ درويشن جي ڏات مان ڪيترائي ڪرامتن جا اڻ وسرندڙ قصا،عام ويساهه وسوڙل ماڻهن ۾ جلدي جڙ ڪري ويندا اهن.تيئن ئي هڪ ذهين،مختلف،منفرد ۽ مشهور شخص يا قلمڪار جي ڏات ۾،عام ماڻهن جي دلچسپي هن متعلق ڪيترن ئي ماورائي ڳالهين کي جنم ڏيندي آهي.ڪڏهن هن جي مخلافت ۾،ته ڪڏهن هن جي موافقت ۾ سوچيم:حقيقت کي فئنٽيسيءَ جو روپ ڏيڻ جي انساني جبلت کي اسان چاهيون به ته روڪي نٿا سگهون.
    ان شخص اياز کان پوءِ ئي،شاعراياز سان منهنجو تعارف ٿيو هو.سندس ڪتابن”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“۾ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ وسيلي مون اياز کي ”شاعر اياز“لکيو آهي.جيتوڻيڪ انهن ٻنهي ڪتابن مان هڪڙو ڪتاب اياز جي نثر جو آهي.جيڪو ڪلهه به ته اڄ وانگيان ئي مون کي ڪلهي پاتم ڪينرو جي شاعريءَ کان وڌيڪ سگهارو لڳو هو.وڌيڪ آرٽسٽ،وڌيڪگهرو،احساسن جي اونهائيءَ کي ڇهندڙ،پر اياز بنيادي طور شاعر ئي آهي.هن نثر ۾ جا شاعري ڪئي آهي.سا احساس کي ايڏي سولتا سان ڇهي ٿي.گنڀيرتا سان جاڳائي ٿي.هڪ اهڙو ڪم جيڪو ڪم ڪڏهن ڪڏهن شاعري به نه ڪري سگهندي آهي۽ائين اياز جون سٽون مون کي پنهنجي جادوءَ ۾ بت ـ ڪيئن جي اٿيل ريشم جيان ويڙهجي ويون هيون.مان انهن سٽن کي بار بار پڙهندي هيس۽ هر بار پڙهي هڪ نئون اتساهه ماڻيندي هيس.لڳندو هئم،اياز جو ڪجهه به لکيو آهي،اهو سڀ ڪجهه منهنجو ئي سوچيل،محسوس ڪيل۽تۡليق ڪيل آهي.اياز ڪوري ڪاڳر تي لفظن جي صورت انڊلٺي رنگ،اوتي ڇڏيا هئا.۽ انهن رنگن جي ڦهلاءَ۽ انهن جي هڪ ٻئي سان رلمل ٿيڻ سان هڪ نئون رڌم،هڪ نئون احساس،هڪ نئون تصور،هڪ نئين تصوير ۽ هڪ نئون منظر ڄمجندي محسوس ٿيندو هو/آهي۽ پوءِ اهي سمورا رنگ نه رڳو منهنجي تخيل ۾ هڪ نئين رنگ روپ وٺي بيٺا.پر منهنجي ”اسڪريپ بوڪ“۾ به انيڪ رنگ ڀري ڇڏيائون.۽ مون اياز جي انهن سڳڻين،سڳنڌسٽن کي پنهنجي ڪاپيءَ جي پني پني ۾ گلاب جي پنکڙين جيان پکڙي ڇڏيو هو.۽ ائين ان شاعر سان جنهن جو مذهب فقط شاعري آهي جو شاعر ٿيڻ کي.فرشتي ٿيڻ تي ترجيح ٿو ڏئي.۽ جنهن اڻ ڳاتي کي ڏٺو۽ اڻ ڏٺي کي ڳاتو آهي ۽ جو ماضيءَ جو ماضيءَ ۽ مستقبل جو شاعر آهي.ان سان منهنجي اندر ۾ ويٺل ،تۡخليق جو نرالو تصور رکندڙ ناستڪ جوڳيءَ جي دوستي ٿي ويئي ۽ اها دوستي ان مهل وڌيڪ پختي ٿي.جڏهن مون اياز جي چڪايل مڌ مان چُڪي چکي ڏٺي.۽ ان راهه تي رميس.جنهن جو اياز به هڪ پانڌيئڙو هو.اها راهه هئي تخليق جي راهه جيڪا امرو کان اياز تائين ،اياز کان امداد تائين ،امداد کان انور تائين،انور کان اڄ تائين ،اڄ کان سڀاڻي تائين اڳتي وڃي رهي آهي.
    ان کانپوءِ هڪ ڀيري ان ئي سکر جي رستي تان،مان ۽ منهنجا ڀائر،ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ جيل کان اسٽيڊيم وڃڻ لاءِ پنڌ پيا هئاسي.شاليمار سئنيما جي سائيڊ مان،سوڙهيءَ ڪچي گهٽيءَ مان سامهون سول اسپتال جي پاڙ وٽ،پڪي رستي تي پياسين.ته اسان جي پويان تيز قدمن جو آواز ٿيو.منهنجي ڀاءُ ٻڌايو ته پويان شيخ اياز پيو اچي.ساڻس گڏ سندس پٽ انيس به آهي.اسان جي اسڪول ۾ پڙهندو آهي.اسان کان اڳين ڪلاس ۾.
    جيڏيءَ مهل انهن اسان کي ڪراس ڪيو.ان مهل منهنجي دل اڇل کائي ڄڻ ڳلي ۾ اٽڪي پئي.۽ هو تيز هوا جي جهوٽي جيان ڀرسان لنگهي ويو.مون ڏٺو ته اهي ٽي ڄڻا هئا.ڀاءُ کان پڇيم”پر انهن ۾ اياز ڪهڙو هو؟“او اهو هن پاسي پر تيسين هو منهنجي ڏسڻ جي رينج کان باهر ٿي چڪو هو.۽ مان چاهيندي به هن کي روڪي اهو نه چئي سگهيس ته”مان توکي سڇانان ٿي ،مون تنهنجون ڳالهيون ٻڌايون آهن.مون تنهنجا شعر پڙهيا اهن.مان تولاءِ اجنبي هجان ته هجان ،تون مون لاءِ اجنبي نه آهين.“
    بابا جي سروس دوران هڪ ئي هنڌ رهڻ جو اهو ڊگهي ۾ ڊگهو عرصو هو.پورا چار سال .۽ هاڻ مان ميٽرڪ پاس ڪري چڪي هيس.پر پوءِ ترت ئي بابا جو ٽرانسفر ٿيو ۽ اسين حيدرآبادهليا آياسين.ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران ئي مان ريڊيو حيدرآباد کان ڊراما ۽ ڪمپيئرنگ ڪرڻ لڳي هيس ۽ اتان ئي هڪ ڀيري مون کي ”جشن روح رهاڻ“ جو ڪارڊ مليو۽اسان :مان۽ بابا ،نارا جيل کان ”جشن روح رهاڻ“ اٽينڊ ڪرڻ پهتاسين ۽ ڀنل رات جو اياز کي لاڳيتو ڪلاڪ کن ٻڌوسين.اياز جون سٽون ڪڏهن ماڪ جيان،ته ڪڏهن وڏڦڙي جيان ٿي وسيون،ته ڪڏهن کنوڻين جيان ٿي کنوئيون،ته ڪڏهن گهنگهور گهٽائن جيان ٿي گجيون،ته ڪٿي شبنمي اهساسن جيان ٿي ڇهي ويون ۽ ائين اسان آڌيءَ لڙيءَ جو فنڪشن جي پڄاڻيءَ تي نارا جيل تائين وڃڻ لاءِ پنڌ پيا هئاسين(۽اڄ اهو وقت آهي جو ماڻهو پنهنجي گهٽيءَ مان گذرندي خوف ٿوکائي ته ڪٿي ڪو ٻوٿاڙو ٻڌل برشت هڻي پروڻ ڪري ڇڏي)اها رات اج به منهنجي چت تي چٽي آهي.جڏهن مان آڌيءَ جو انهن گجندڙ گوندڙ شبنمي احساسن جي پالوٽ ۾ پُسندي،ماڪ ڀنل سنسان اڪيلي رستن تان اڳيان وڃي رهي هيس.اڳيان اڃا به اڳيان ۽ پوءِ مون انهن احساسن کي لفظن۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.اهو جو ڪجهه به مان سوچيندي هيس،محسوس ڪندي هيس،اهي مون ٻين سان به شيئر ڪرڻ چاهيو هو ۽ ياد اٿم امي ان جي سخت مخالفت ڪئي هئي پر مون ڌرتي تي پير کپايا ۽ ان مخالفت کي آڏو ٿي بيٺس.ان ئي ليک ۾ مون اياز کي پنهنجو محبوب شاعر لکيو هو.جيڪو لفظ شايد گهڻن کي ئي هضم نه ٿي سگهيو هجي.شايد خود اياز کي به نه.پر ان لفظ لکڻ کان اڳ ۾مون سؤ ڀيرا ان تي سوچيو هو ته شايد ائين مون کي لکڻ نه کپي.هڪ هيڏي Orthodox Society۾.هڪ ننڍي نيتي ڪنواري ڇوڪريءَ جو ائين لکڻ شايد ٺيڪ نه آهي.پر منهنجي اندر جي ان انوکي سوچ رکندڙ ڇوڪريءَ مون کي قائل ڪيو هو ته اهو شاعر جنهن جون سٽون منهنجي روح ۾ رچيل آهن.ان لاءِ ان کان وڌيڪ مناسب ٻيو ڪو لفظ نه آهي.”حب،محب،محبوب،حبيب“ڇا انهن لفظن جي اهائي هڪڙي معنيٰ آهي.اڇاتري ۽ سطحي بلڪ ائين ئي جيئن انگريزيءَ جي لفظ رومانس جي اها معنيٰ ناهي جيڪا عام طور اسان وٽ سمجهي ۽ مڃي وڃي ٿي.
    ان کان پوري هڪ سال کانپوءِ ميرپور خاص ۾ ملهايل ”سنڌي شام“ (اها شام يوسف لغاري جي محنتن جو ثمر هئي)جي موقعي تي آيل گهڻي ڀاڱي ليکڪ،رات جي مانيءَ لاءِ اسان جي گهر هلي رهيا هئا.تڏهن مان پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ گس تي سڀني کان اڳيان اڳيان هيس.اياز ۽ مان هڪ پوروڇوٽ تي گڏ هلي رهيا هئاسين ۽ چپ هئاسين.ٻاهر هيڏي سامت ۽ سندس اندر”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جيئن ماٽيءَ منجهه مهيءَ واري ڪار هئي.سوچيم:هو منهنجو مهمان آهي.منهنجي گهر هلي رهيو آهي.ڳالهه ٻولهه جي شروعات مون کي ئي ڪرڻ کپي.مون کي ڳالهائڻ کپي.ڪجهه به اجايو ۽ رسمي ئي سهي.پر منهنجي چپن تي مهر لڳل هئي ۽ مان چاهيندي به ان کي ٽوڙي ڪيئن سگهيس ۽ نيٺ اياز ئي چک کي ٽوڙيو هو”روح رهاڻ“۾ ڇپيل منهنجي پهرئين تحرير جو ڇيڙو جهلي.مون کان منهنجي پڙهائيءَ بابت ،مستقبل۾ منهنجي ڪجهه بڻجڻ بابت مون سان ڳالهايو هو.بس چند وکون ۽ منهنجي آڏو منهنجي گهر جو درهو.گهر جي چائنٺ ٽپندي ئي اياز ۽ ٻيا سمورا ليکڪ اوطاق ۾ هليا ويا ۽ مان ورانڊو اڪري پنهنجي ڪمري ۾ تڏهن مون پنهنجو پاڻ تي ڏاڍا جک کاڌا هئا.پنڊال کان وٺي گهر تائين ڳالهين جو هڪ نه رڪجڻ وارو سلسلو نه ٿي جوڙي سگهيس.چند سؤ وکن جي ان پنڌ کي ڇا صدين جو ڦهلاءُ نه پئي ڏيئي سگهيس؟جڏهن ته ان اگهور چپ انهن صدين کي منهنجي ذات ۾ سموهي ڇڏيو هو.هڪ ٽٻڪي جي صورت.
    ان سام کانپوءِ سرڪار بابا کي ميرپور خاص ۾ ترسڻ نه ڏنو ۽ بابا کي خيرپور ٽرانسفر ڪيو ويو.سزا طور.پر بابا جي اها سزا به مون لاءِ جهروڪو جزا بڻجي آئي.اتي تنوير عباسيءَ جي فيملي سان دوستي،گهاٽي دوستي ۾ بدلجڻ لڳي.ڇو هڪ الڳ واقعو آهي.هتي مان خيرپور ۾ گذاريل کوڙ ڏينهن مان،فقط ان هڪڙي ڏينهن جو ذڪر ڪنديس.جڏهن اياز اسان جي گهر آيو هو.
    خيرپور۾ ڏوڪن جي مند هئي ۽ مان بي اي جو امتحان فارم ڀري امتحان جي تياري ۾ رڌل هيس.ته ان ڏينهن اوچتو بابا بي ٽائيمو گهر آيو.مون بابا جو ڳالهائڻ ٻڌي سوچيو ته ”اڄبابا جو سوير گهر آيو آهي؟“ته ڪيڏي مهل بااب منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ چيائين ته ”شيخ اياز آيو آهي.“
    ”ڇا؟“مون کي محسوس ٿيو ته منهنجي اها؟ڇا“ الاهي ڊگهي ٿي وئي هئي.”ڪٿي آهي؟“ڊرائنگ روم ۾“
    مان ٽپ ڏيئي اٿيس.ٻئي ڪمري ۾ پير ڌريم ته اياز منهنجي آڏو هو.اياز ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪنهن اصيل سان ملڻ آيو هو۽ جيل تان ٿيو پيو اچي.تڏهن اياز منهنجو ”نوٽ بوڪ“ گهريو هو.ٻڌايومانس ته ”منهنجي شعرن واري ڪاپي ته تنوير عباسي وٽ آهي.“چيائين:تنوير....ٺيڪ آهي....پر پوءِ ٻه نوٽ بوڪ ٺاهه....شاعر آهي ڪاٿي گم نه ڪري ڇڏي.“
    پوءِ اياز مون کي منهنجا شعر ٻڌائڻ لاءِ چيو هو....اياز جهڙي مهان ڪويءَ آڏو مان پنهنجا شعر ٻڌائيندي شڪي پئي ٿيس...پر جڏهن نظم ٻڌائڻ شروع ڪيم،تڏهن بي انتها فخر نحسوس ڪيم.”ڪالهه مون اياز جا شعر ٻڌا پئي ۽ اڄ اياز منهنجا شعر ٻڌي پيو!“
    اياز موڪلائڻ مهل بابا کي چيو هو”ڪڪي سٺي شاعري ٿي ڪري مون سندس سامهاون ساراهه ان ڪري نه ڪئي ته ڪٿي فخر نه ٿئيس.اڃا ننڍي آهي 7 هن وهيءَ ۾ پنهنجي ذات تي ايمان لاءِ هاڃيڪار ٿيندو.“
    ميرپور ۽ خيرپور ٻه ننڍا شهر سو ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به وڏي اهميت اختيار ڪري وٺنديون هيون ۽ هڪ ڀيرو جو سرڪار جي اک ۾ اچي ويو سو ڇٽو.بابا کي سي آئي ڊي رپورٽن جي ڪري چند مهينن کان مٿي ڪٿي به ٽڪڻ نٿي ڏنائون.نه ته ڪڏهن اهڙو به وقت هو،جو ٽي چار سال ساڳي هنڌ رهي اسين بيزار ٿي پوندا هئاسين ۽ باب کان پڇندا هئاسين ته ڀلا پنهنجو ٽرانسفر ڇو نه ٿو ٿئي؟“سو خيرپور مان جلد ٽپڙ ٻڌنداسين.وڃڻ کان اڳ سکر منهنجي ماسي جي گهر وياسين.اتان ئي ٽيليفون تي ياسمين ۽ روحيءَ(ايازجون ڌيئرون)سان ڳالهايم۽ شام جو پراڻي سکر وياسين.جيتوڻيڪ اڳي سکر ۾ رهڻ دوران کوڙ ڀيرا بابا جي دوستن جي گهر پراڻي سکر ويا هونداسين.پر اڄوڪو وڃڻ ڪجهه اور هو.ڳاڙهو سج سنڌوءَ جي بند تان پنهنجا شفق رنگا ڪرڻا پکيڙي رهيو هو.۽ اسان ايازجي ڳاڙهين سرن سان ٺهيل اوچي گهر آڏو بيٺا هئاسين.جنهن ننڍڙي ڪمري ۾ اسان کي(مون کي ۽ امي کي)ويهاريو ويو هو.ان ڪمري ۾ سڀ کان سٺو لڳو هئم.جنڊيءَ جو ننڍڙو پينگهو ۽ مان ان ڳاڙهي پينگهي تي اڪريل انيڪ رنگن جا چٽ،گل ڏسي رهي هيس.تڏهن هڪ لمحي لاءِ اياز ڪمري ۾ آيو ۽ پنهنجو ”نوٽ بوڪ“ جنهن ۾ سندس تازا شعر لکيل هئا.منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ويو مون”نوٽ بوڪ“ وٺندي مرڪي چيو هو”منهنجي لاءِ“ مرڪي وراڻيائين ”نه صرف پڙهڻ لاءِ؟“
    ۽ پوءِ موڪلائڻ کان اڳ ۾ اياز مون کي مٿي پنهنجي لائبريريءَ ۾ وٺي ويو هو.هيڏي وڏي هال ۾ چوڌاري اوچي ڇت تائين ڪٻٽ ئي ڪٻٽ ۽ انهن ڪٻٽن ۾ سٿيل،ڳتيل ڪتاب،مان ڪنڌ کڻي ڪيتري ئي دير چوڌاري ڪتابن کي ڏسندي رهيس.ڪتابن جو هيڏو وڏو پرائيويٽ ڪليڪشن مون ڪٿي ڪونه ڏٺو هو.ان مهل مون جاڳندي اکين سان هڪ خواب ڏٺو هو.ان لائبريريءَ ۾ موجود سمورن ڪتابن کي پڙهڻ جو خواب،ان لائبريريءَ ۾ ويهي ڪجهه سرجڻ جو سپنو،اياز وٽ جو ڪجهه آهيسو سڀ سکڻ جو سپنو.
    ۽ پوءِ ملاقات جو هڪ سلسلو آهي هڪ ڀيري جڏهن اياز پنهنجي ڌيئرن کي پهريون ڀيرو سکر کان ٻاهر وٺي نڪتو هو ۽ اهي حيدرآباد آيون هيون.تڏهن اياز چيو هو”منهنجون ڌيئرون مون کي چون ٿيون ته سحر شاعري ڪري ٿي ۽ اسين جو هيڏي وڏي شاعر جون ڌيئرون آهيون.اسان کي شاعري نه ٿي اچي.توهان اسان کي شاعري ڇونه سيکاري؟۽ مون انهن کي چيو ته پٽ شاعري سيکارڻ سان نه ايندي آهي.اها ته ڏات آهي.“ها سو اياز جون ڌيئرون جڏهن حيدرآباد آيون هيون.تڏهن منهنجو گهر،جويو صاحب جي گهر ۾ فاران هوٽل هڪ ٽڪنڊو هو.۽ حيدرآباد جو هر رستو ان ٽڪنڊي تان گذرندو هو.
    1973ع ۾ منهنجي ۽ امداد جي شاديءَ کان پوءِ ان ساڳي فاران هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ اسين ترسيا هئاسين ۽ اسان جي ڀرواري ڪمري ۾ اياز ترسيل هو.سانول رات ٿي مون چيو هو ته اياز اتيئي ترسيل آهي.سو صبح جو ساڻس ملڻ هلنداسين.صبح جو نيرن ڪري اياز کي فون ڪيوسين ته اسين ساڻس ملڻپيا اچون.اياز جي ڪمري ۾ ان مهل غلام رباني به موجود هو.اياز سان ڳچ دير ڪچهري ٿي.امداد جي شاعري بابت پڇندي،سندس مجموعي اچڻ جي ضرورت تي زور ڏنائين.تڏههن ٻڌايوسين ته مجموعو ڇپجي پيو نالو پڇيائين ته ٻڌايومانس ”امداد آهي رول“تڏهن اياز پنهنجي مخصوص مرڪ مرڪندي چيو هو Imdad is vagabondاهو وري ڇا؟”امداد آهي رول“ڇو؟امداد آهي ڍول“هئڻ کپي.
    کڻي چيم ته پوءِ ته Imdad is drumٿي ويندو“
    ”ان ئي گڏجاڻي ۾ اياز فڪرمند ٿيندي چيو هو ”توهان کي هاڻي گڏ رهڻ کپي.“
    تڏهن منهنجي نوڪري ڪراچيءَ ۾ هئي۽ مان”سوجهرو“جي ايڊيٽري جو ڪم ،سب ايڊيٽر جي نالي ۾ ادا ڪندي هيس.ان ملاقات کان ڪجهه مهينا پوءِ مون”سوجهري“ لاءِ پنهنجو آخري انٽريو ڪيو هو.شيخ اياز سان ان”سامي سج وڙاءِ“ اسان اهو انٽرويو ”سوجهرو“انتظاميه سان منهنجي جهيڙي جي ابتدا به هو ته انتها به.اهو انٽرويو”سوجهرو“ لاءِ منهنجي آخري تحرير هو.ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هونئن ”سوجهري“ لاءِ منهنجي آخري تحرير خود منهنجو انٽرويو هو.هاڻ مان اها سحر نه هيس جا اياز جي عظمت جي اهسانن هيٺ هن سان گڏگڏ هلڻ جي باوجود به ڪجهه ڳالهائي نه سگهي هيس.هينئر مان هڪ مختلف سحر هيس.وڌيڪ بولڊ وڌيڪ پراعتماد ۽ وڌيڪ ميچور.مون اياز جا ڪتاب ٻيهر پڙهيا ۽ اياز جي مختلف سٽن،ڳالهين۽ا حساسن کي سوالن جو روپ ڏنو ۽ ساڻس انٽرويو ڪرڻ پهچي ويس.اياز ٻئي ڏينهن سکر وڃڻو هو ۽ ٽائيم نه مون وٽ هونه ئي اياز وٽ.انڪري اهو انٽرويو بيحد شارٽ نوٽس تي ٿيو هو.بلڪ اهو شارٽ نوٽيس به اياز کي نهپر فون تي آفيس کي ڏنو هئم ته”مان اچان پئي“ ان ئي ڏينهن انٽرويو وٺي رات سڄي ويهي ان کي ارينج ڪيم.فيئر ڪيم ۽ صبح جو اهو انٽرويو پبلشر کي ماڻي نوڪري ٿڏي،مان ته گهر وڃي آرامي ٿي هيس.پر ان انٽرويو پڙهڻ کان پوءِ اڃ جو احساس ٿيو هيم.۽ مان ان انٽرويو جي ٻئي versionجي تخليق جي انت پاتال کان آڪاس تائين ڦهليل ڪئنواس جو مڪمل احاطو ڪري سگهي.
    انٽرويو کان پوءِ جيسمن ڪافي پيئندي اياز هڪ ڀيرو وري به سانول جي ۽ منهنجي هڪ ٻئي کان هيڏو دور ۽ الڳ رهڻ تي ڳڻتي ڏيکاري هئي.”توکي حيدرآباد ۾ نوڪري ڪرڻ کپي“ائين جيئن هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءَ لاءِ فڪرمند ٿيندو هجي.”رائيٽرز مخدوم صاحب کي چون .ان تي زور بار رکنته ربانيءَ واري پراڻي پوسٽ توکي ڏي.جيئن توهان جا ٻئي مسئلا حل ٿين.نوڪريءَ جوبه ۽ پري رهڻ جوبه.“
    اهو اياز جڏهن وائيس چانسلر ٿيو هو.تڏهن مون کي چيو هئائين ”سنڌي ڊپارٽمنٽ“ ۾ ڪائي پوسٽ ناهي ۽ جي هجي ها ته منهنجي پنهنجي شڪارپور جي ڇوڪري ويٺي آهي.مان نوڪري هن کي نه ڏيان ها.“
    ان مهل مون سوچيو هو:ڪاش مان ڪجهه نه هجان ها.فقط شڪارپور جي هڪ ڇوڪري هجان ها.ان مهل پهريون ڀيرو محسوس ڪيو هئم ته سڀ ڪجهه اجايو آهي.اهم فرق اهو آهي ته توهين حيدرآبادي آهيو،سنائي آهيو،ٽکرائي آهيو،ڪه شڪارپوري آهيو.(اسين انهن کي جيڪي دهلوي آهن،بريلوي آهن،امروهوي آهن،بجنوري ۽ انبالوي آهن هروڀرو ٿا چئون.پر پوءِ مون سوچيو هو ان مهل اهو جملو مون کي شاعرشيخ اياز نه پر وائيس چانسلرشيخ اياز چيو هو.ڪمزوريون ۽ خاميون ته انسان جي سرشت ۾ شامل آهن پر اسين ماڻهن کي جڏهن Idealizeٿا ڪندا آهيون.تڏهن انهن کي فرشتن جي پدري عطا ڪندا آهيون.جڏهن ته ايازخود به چيو آهي ته ”شاعر فرشتو نه آهي ۽ اسان کي جيڪڏهن فرشتن جي تلاش آهي ته اسان شايد انهن کي غلط جاءِ تي تلاشي رهيا اهيون.پر اڳتي هلي اياز ائين به چئي ٿو ته ”فرشتو به ته شاعر نه آهي.اتي اياز شاعر کي اتم پد عطا ڪري ٿو.اياز جي اهائي خودي انسانيت ۽ هن جي هيڏي سگهاري”مان“ئي هن کي ٻين کان مختلف ۽ منفرد ڪري ٿي۽ مون سوچيو هو:ڪيڏي نه بد نصيب آهي سنڌي قوم جنهن ۾ اياز جهڙو مهان ڪوي آهي ۽ اياز جي وجود کي به مڃڻ لاءِ تيار ناهي .اياز جنهن جي شاعري پاتال مان ڦٽي آهي ۽ جو کنڀيءَ وانگر هن ڌرتيءَ جو ڄائو ناهي.
    اياز سان هينئر مان پورن ڏهن سالن کان پوءِ مليس.ان وچ ۾ اياز جڏهن جڏهن حيدرآباد آيو هوندو.مون هن سان ملڻ لاءِ تانگهايو هوندو.اياز جي هڪ ٻئي انٽرويو وٺڻ جي خواهش پنهنجي پوري شدت سان اڀري آئي هوندي.پر ڪيترائي مسئلا ڪارڻ(اڪارڻ)جو چاهيندي به ملي نه سگهيس ۽ هينئر جڏهن ڏهن سالن پوءِ اياز سان مليس.تڏهن به اياز لاءِ منهنجي عقيدت ۾ ڪا ڪمي نه ٿي هئي.پر واڌارو ئي ٿيو هو.اهي ٽي ساڍا ٽي ڪلاڪ اياز ئي ڳالهايو هو.اسان فقط ٻڌو هو اياز جي نئين خوبصورت اپارٽمينٽ ۾هن جي نئين سيٽ ٿيل لائبريري ۾،ڪتابن کي ڦلوريندي،اياز جي سکر واري گهر جي لائبريري ۾ ڏٺل سپنو اکين ۾ وري جاڳي پيو هو.
    اياز مون کي ڏاڍو اڪيلو لڳو هو.هونئن ته هر ڏاهو فنڪار پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ئي هوندو آهي.پر هيل اياز ڪجهه وڌيڪ ئي اڪيلو هو.هن جو دوست ته شايد ڪوبه نه هجي.پر هن جي عمر ۾ هن کي سٺي ڪمپنيءَ جي يقينن ضرورت آهي.ڪو اهڙو ذهين شخص جيڪو هن جون يادگيريون ،هن جا تجربا ،هن جو مطالعو هن جو مشهادو،هن جا احساس شيئر ڪري سگهي.محض ٻڌڻ جي حد تائين ئي سهي.هونئن ته ڳالهائڻ لاءِ ڀتيون به کوڙ آهن پر اياز کي ڀتين جي نه،انسانن جي ضرورت آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز بابت اوهان پاران ونڊ ڪيل مختلف اديبن ۽ شاعرن جون لکڻيون پڙهڻ وٽان آهن ۔۔۔۔ لاجواب سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو