• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين رشيد صاحب جي خدمت ۾ وعدي مُطابق

Sindhi Media

سينيئر رڪن
1۔فقير عبدالغفور ڄم حيدرآباد 1990ع ، پهرين ماچيس تي ۽ پوءِ ،يڪتارو ۽ چپڙي کڻي ڳائيندو هو، گذر سفر ٽانگو هلائي ڪندو هو. لٺ بازيِ ۽ جھيڙي ۾ ماهرهو، سنڌي سرائڪيءِ کان علاوه اردو، پنجابي، فارسي ۽ گُجراتيءِ ۾ به ڳايو اٿس. آمريڪا، جاپان، جرمنيءَ ۽ دُبئيءَ ۾ فن جو مُظاهرو ڪيائين.. شهيد زوالفقار علي ڀُٽو کي سندس ڳايل راڻو ڏاڍو وڻندو هو. شهيدڀُٽو راڻي ٻُڌڻ کان پهرين ”سنڌڙيءَ تان سر ڪير نه ڏيندو“ ڳارائي ٻُڌندو هو. وفات 22 جولاءِ 1986 ۾.

سيد سُليمان شاه، جو والد سيد عبدالله شاه بخاري، ايران کان لڏي ضلعي ٺٽي ۾ جاتي ويجھو تڙ خواجه ۾ رهيو جتي 1933ع ۾کيس سيد سُليمان شاه ڄائو، سنڌ ۾ جڏنهن ممبئيءَ مان لاڏاڻو ڪري، نالي وارو ڪٿڪ ڊانسر اي. جي پروانو آيو ۽ هُو اچي ،پهرين سنڌي فلم ايڪتا جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڳوٺ ماتليءَ ۾ رهيو، هُن يعني پرواني صاحب هتي لڪي اسٽار ٿيٽر ڪمپني ٺاهي، جنهن جو ڊائريڪٽر پاڻ هو ۽ هُن سان ڀائيوار سيد سُليمان شاه هو. اها ڪمپني، سڄي سنڌ جي ميلن ۾ ٿيٽر لڳائيند هُئي، جتان سُليمان شاه پهرين اداڪاريءَ جو به آغاز ڪيو. ۽ پوءِ راڳ ۽ ناچ جي تربيت وٺي فن جو مُظاهرو ڪندو هو. سندس وفات 18 آگسٽ 1996 ۾ ٿي پر سندس ورثي پهرين ربيع الثاني جيڪو وفات ڏينهن هو اُن تي ملهائي ويندي آهي.

غزاله رفيق: سندس ڏاڏو صادق علي ميرن جي دئور ۾ هندستان جي علائقي سهارن پور مان لڏي خيرپور رياست ۾ آباد ٿيو، سندس پيءَ غلام نعمان انصاري سنڌ ۾ ڄائو، سندس رهائش شڪارپور ۾ زمينون قمبر ۾ هُيون . غزاله قمبر علي خان ۾ 1939 ۾ پئدا ٿي، سندس اصل نالو بلقيس هو، پاڻ اُڙدو توڙي سنڌي ڊرامن جي بهترين اداڪاره هُئي، پاڻ ڳائيندي به سُٺو هُئي، ، بهترين ڪمپيئر هُئي، ، سند ڪمپيئرنگ ۾ سنڌي پروگرام پارس ڏاڍو مشهور ٿيو، جيڪو سندس زندگيءَ جو آخري ٽي وي پروگرام هو. سندس پهريون ٽي وي ڊرامون زينت هو ۽ اُردو ۾ مرزا غالب بهترين ڊراما هُئا. سنس پهريون اڙدو ڊرامون گُڙيا گھر هو. سندس وڇوڙو 24 جنوري 1977ع ۾ ٿيو
 
Back
Top