اعلى ڪي انسان ٿين ٿا

قادر بخش منگسي​

اعلى ڪي انسان ٿين ٿا،
سارو جڳ جهان ٿين ٿا

ڏوهي ڇو ابليس رڳو آ،
ماڻهو بي شيطان ٿين ٿا bhali kareaya

غير تي ناهي ڏک ڏوراپو،
پنهنجن تي ارمان ٿين ٿا

سنڌي سڀ سوڀارا ليڪن،
ڪي ڪي دريا خان ٿين ٿا

سار لهن ٿا يارٻين جي قادر،
ماڻهو سڀ مرجان ٿين ٿا.
 
جواب: اعل ڪي انسان ٿين ٿا

سنـڌي سڀ سوڀارا ليــــڪن،
ڪي ڪي دريا خان ٿين ٿا۔

ادا ! قادر مگسي صاحب
حق موجود؛
يار معاف ڪجو اوهانجو نالو ڏسي اسانکي ترقي پسند قادر مگسي ياد ٿو اچي ۔۔۔؟؟؟
پر يار جڏهن شاعري پڙهي ته محسوس ٿيو ته هي اسانجو قادر بخش آهي، بهرحال تمام سٺا خيال آهن ۔۔۔
ڪجه سماجي ۽ ڪجه قومي جذبا سمايل هنن ٻولن ۾ جيڪو سبق آهي سو انتهائي اهم آهي ۔۔۔

رب العالمين اسانکي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين ۔۔۔


shal judy hujeen

shal judy hujeen
 
Back
Top