سيد اياز علي شاه
سينيئر رڪن
پاڪستان کي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ساڍا ڇهه ڏهايون گذري چڪيون آهن پوءِ به اسان جو معاشرو نه اسلامي ٿي سگهيو نه جمهوري؛ پر حقيقت هيءَ آهي ته اسان انساني معاشري کان به پري وڃي چڪا آهيون. انهيءَ خراب نظام جي باعث ئي اسين زوال پزير آهيون. جنهن معاشري ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ دنيا ڀر مان ايندڙ امدادي سامان کاڌو وڃي، ڪمبل، ڪپڙا مارڪيٽن ۾ سرِعام وڪامجن ۽ هيءِ ارڙهن ڪروڙ عوام سڀ ڪجهه ڏسندي وائسندي خاموش تماشائي ٿي ڪري ويٺل هجي ته ڇا ان معاشري کي اسلامي، جمهوري يا انساني چئجي؟ جنهن معاشري ۾ زلزلي ۾ شهيد ٿيڻ وارن جي مائون ڀيڻون ۽ ڌيئون جي هٿن مان زيور لاٿا وڃن ۽ قوم گههرن کان ٻاهر احتجاج لاءِ پير نه ڪڍي ته پوءِ ان سوسائٽي کي اسلامي يا جمهوري يا انساني چئون؟
ان معاشري کي ڇا چوندو جنهن ۾ پئ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڪهي ڇڏي ۽ پنهنجي ڌيءَ سان بدڪاري ڪري؟ خودڪشيون ۽ ماتم واري حالت بڪثرت تمام گھڻي هجي. جنهن جي اوڙي پاڙي ۾ قتل ٿين ۽ ڪنهن جي اک ۾ ڳوڙهو به نه اچي، حالانڪه اسان 1947 ۾ ائين ته نه هئا سين. انهن هٿرادو جمهوري اڳواڻن ۽ فوجي ڊڪٽيٽرن آهسته آهسته هن معاشري کي هٿ ٺوڪي جمهوريت جي پاڇي ۾ تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي، جنهن ۾ نه اسلامي قدرو قيمت بچي آهي نه جمهوريت ۽ نه ئي وري انسانيت ئي بچي.
ڇا پاڪستان آزاد ملڪ آهي؟
سڄي قوم جي گاڏي ۾ تيل آهي ئي ڪون، سڄي قوم جا چلها بند پيا آهن، سڄي صوم جي عزت لٽجي پئي، جان ۽ مال محفوظ ناهن رهيا، قومي سالميت وڪامجي چڪي آهي. پاڪستان هينئر ڪالوني بڻجي ويو آهي، هن وٽ ڪا به آزادي ۽ خودمختياري باقي ناهي رهي. حڪمرانن جي پاران هي آزادي ۽ خودمختياري جون ڳالهيون سڀ سياسي بيان آهن جيڪي صرف ڪوڙ، مڪاري ڌوڪو ۽ فريب آهي. هيءَ ه بدقسمت ملڪ جي سياستدانن جي عياري آهي جو قوم لي هميشه ڌوڪي ۾ رکيائون ۽ ماڻهن کي خيالي انگورن جو شراب پياريندا رهيا آهن.
انهن دين کي وڪڻي ڇڏيو، انهي جو نظريو، ان جو نسل ايترو ئي نه پر ان جو مستقبل به وڪڻي ڇڏيو اٿن. هاڻي توهان وٽ هيءَ زمين آهي ۽ ڏسڻ لاءِ ڪجهه عمارتون يا وري اهي رقمون جيڪي غير ملڪي قرضن ۽ امداد جي شڪل ۾ اينديون آهن جنهن کي کائڻ وارا ڱائي پي ويندا آهن. هاڻي ته هڪ رستو اهو آهي ته انهيءَ اسٽيٽس ڪيو تي گذارو ڪيون ۽ انهي طرح گذارو ڪرڻ جو انجام اڃا وڌيڪ خراب هوندو آهي. ٻيو رستو اهو آهي ته ماڻهن کي گھٽ ۾ گھٽ انهيءِ خوفناڪ واقع ٿيڻ واري حقيقت کان آگاه ڪيو وڃي جيڪا مڪمل طرح قومي تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي.
خطرناڪ قومي مرضن جي سڃاڻپ
هن وقت پاڪستاني قوم جنهن وڏين ۽ خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا آهي ان جو خلاصو ڪجهه هيٺ آهي.
اسان هڪ منتشر ۽ ذرو ذرو قوم ٿي ويا آهيون. اسان کي اتحاد ۽ ٻڌي جي سخت ضرورت آهي. ان کي يڪجاءِ ڪرڻ جي لاءِ ٻڌي ضروري آهي ان لاءِ تبديليءِ گھرجي.
قوم مايوس ٿي چڪي آهي، هي قوم مايوسي مان ڪئين نڪرندي، اميدن ۽ يقين جو نور انهن جي چهرن تي ڪئين واپس ايندو؟ ان لاءِ به بنيادي تبديليءِ جي ضرورت آهي.
بدقسمتيءِ سان هيءِ قوم بي مقصديت جو شڪار ٿي چڪي آهي. هن قوم جي سامهون ڪو نصب العين ناه رهيو، جيڪو ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي منتشر ٿيل نٿن کي ڳنڍي هيڪڙائي ۾ وري بحال ڪري سگهي. جيڪو قوم جي ڪڙوڙين ماڻهن کي جيئڻ مرڻ جو ڍنگ سيکاري سگهي. هن بي مقصد قوم کي هاڻي مقصد ۽ آگاهي جو شعور ڪئين ملندو، انهي لاءِ به تبديليءِ جي ضرورت آهي.
اهڙي طرح هيءَ قوم بي طرفي ٿي وئي آهي. ڪراچي کان خيبرپختونخواه تائين، ڪشمير کان چمن جي سرحدن تائين بين الاقومي ڪا سمت ئي ناهي. هن جون سوچون، وفاداريون، ٻوليون، مفادات، ترجيحون ۽ ايجنڊا سڀ متضاد آهن. اڙهن ڪڙوڙن جو عوام هڪ قوم ٿي ڪري، هڪ وحدت ۽ ٻڌي ڪري، هڪ مقصد سان گڏ هڪ طرف هلي پوي، پر اهو ڪئين ممڪن ٿيندو؟ ان لاءِ به تبديلي کپي.
جمهوريت ۽ عدليه
انتخابات جي نتيجي ۾ جيڪي حڪومتون ٺهيون انهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ بي انتحا بدعنوانيون ڪيون، فرقه وارانه قتل، دهشتگردي به پلبي رهي. اهي سياسي دور ئي هئا جنهن ۾ سپريم ڪورٽ تي حمله ٿيا، پوءِ ٻه سپريم ڪورٽون ٺهيون. ۽ هي به سياسي دور ئي آهي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد روڪيو ويو. اڄ سپريم ڪورٽ فيصلا ڪرڻ ۾ ته آزاد آهي مگر عمل درآمد ڪرائڻ ۾ ڪمزور آهي. سپريم ڪورٽ قيدي وڃي بچي آهي انمهي جي ڪنهن به فيصلي جو عملي احترام ناهي، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ وچ ۾ ضد ۽ جهيڙي جي هوا اڄ به هن جمهوري دور ۾ موجود آهي. سپريم ڪورٽ وٽ اها اٿارٽي يا مينڊينٽ ناهي جو اها حڪومت کي عمل ڪرئڻ تي مجبور ڪري.
اهو به الميو آهي ته مختلف مسئلن تي سپريم ڪورٽ رڳو تجريزون ۽ سفارشون ڏيندي آهي؛ اهو ته واعظ ڪرڻ مترادف ٿيو، عدل ۽ انصاف ڏيڻ ته نه ٿيو. جيستائين انهن تي عمل درآمد نه ٿئي ته انهن کي عدالتي احڪام ڪئين ٿو چئي سگھجي؟ جڏهن ته عمل درآمد انهن بااثر حڪومتي طبقن جي هٿن ۾ آهي جنهن لاءِ ڪراچي جي واقعن جي تحقيقات دوران سپريم ڪورٽ خود لکيو ته انهن مان هر هڪ جماعت وٽ دهشتگردن جي مسلح تنظيمون آهن جيڪي خود دهشتگرسي ۽ قتل و غارت، تباهي، هلاڪتن جا ذميوار آهن. عمل درآمد ڪير ڪندو؟ جنهن سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل درآمد نه ٿئي ان ڪورٽ جي آزادي ڪهڙي آزادي آهي؟ هاڻ اگر اسين چئون ته سپريم ڪورٽ آزاد آهي ته ان کان وڏو مذاق ٻيو ڪهڙو هوندو؟ اها هڪڙي جمهوري معاشري جي قيام ۾ ڪئين متحرڪ ۽ فيصلاڪن ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي؟
آزاد ميڊيا جي بي توقيري
هتي بااختيار ماڻهو پريس ۽ ميڊيا جي آزادي جي ڳالهه ڪندي ٿڪبا نه آهن ته ملڪ ۾ ميڊيا مڪمل طرح سان آزاد ۽ طاقتور آهي. هي ڪهڙو جمهوري نظام آهي جو ميڊيا وارا ڳالهائي ڳالهائي بي وس ٿي وڃن پر ڪنهن جي ڪن تي جونءِ نه ٿي رڙهي؟ درجن کان وڌيڪ ٽي وي چينلز صبح شام ڳالهائيندا آهن، جيڪو چاهيندا ڳالهائيندا رهندا پر ميڊيا جي ڪو نه ٻڌندو. مغربي جمهوري ملڪن ۾ جيڪڏهن هڪ به اسٽوري ڪنهن ايم اين اي يا ايم پي اي جي خلاف ڇپجي يا ڪنهن ٽي وي چينل تي اهڙي خبر اچي وڃي ته ان ئي وقت انڪوئري ٿيندي آهي ۽ اگر الزام ثابت ٿي وڃي اهو فرغ ٿي ويندو آهي. اصل ۾ انهيءِ کي ته ميڊيا جي آزادي چئبو آهي جنه جو اثر به ٿئي اگر اثر نه ٿئي ته اهڙي آزادي مان ڇا حاصل؟
اِفراطِ زر ۽ پاڪستان
اِفراطِ زر تسلسل سان پاڪستان ۾ وڌي رهيو آهي چاهي جمهوري دور هجي يا فوجي دور. مثال طور 2004 ۾ 4.6 ۽ 2005 ۾ 9.8 تائين هئو جيڪو 2011 ۾ وڌي 16.1 فيصد کان وڌي چڪو آهي. 2004 جي مقابلي ۾ چار دفعا وڌيڪ اِفراطِ زر ٿي ويو آهي. عاوم کي ڪهڙي خبر ته حقائق ڇا آهن! اعداد و شمار جا ماهر ماڻهو جيئن چاهين بيان ڪندا آهن. جڏهن ته مالي سال 2011 ۾ هول سيل پرائس انڊيڪس تي مهنگائي جي شرح 26 يڪڙو رهي جيڪو صنعتن کي جيئري دفن ڪرڻ مترادف آهي.
قرضن جو مقدار
قرضن جو مقدار 1999 ۾ 3200 ارب هئو. جڏهن پرويز مشرف جو دور ختم ٿيو ته قرضن جو مقدار وڌي 6691 ارب روپيه ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي مطابق پاڪستان جا ٽوٽل قرض 14570 ارب روپين کان وڌي چڪا آهن جيڪي 2008 ء کان هينئر تائين تقريبا 110 سيڪڙو کان به وڌيڪ اظافي آهي. انهن انگ اکرن مطابق پاڪستان جو هر ماڻهو 80،894 روپين جو قرضي آهي. ان جي وجهه اها ته ٻاهرين ملڪن جي سرماياڪاري جو نه هجڻ آهي، قرض ڪرپشن ۾ هليا ٿا وڃن، احتساب ۽ پڪڙ آهي ڪون، پاليسيون شفاف آهن ڪون، اختيارات مفاد پرستن وٽ آهن، قانون تي عمل درآمد ڪونهي، فوري انصاف ملي نه ٿو ۽ ماحول سرماياڪارن کي سهولت نه ٿو ڏئي. هتي امن نالي ڪا شئ ناهيملڪ جي تقدير دهشتگردن ۽ انتها پسندن جي هٿ ۾ آهي جنهن کي چاهين جيڏي مهل چاهين ماري ڇڏين. اهڙي صورتحال ۾ ڪير سرمايو آڻيندو ڪٿي لڳائيندو.
بيروزگاري ۽ پاڪستان
بيروزگاري ۾ به پاڪستان جو گراف ڏاڍو هيٺ ڪري پيو آهي غير سرڪاري انگ اکرن مطابق هن وقت ملڪ ۾ بيروزگاري 16 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي. ان جي برعڪس اسان جي پاڙيسري ملڪن کي ڏسجي ته بنگلاديش ۾ 5.1 سيڪڙو آهي اسان جي بيروزگاري جو گراف بنگلاديش کان 4 سيڪڙو وڌي چڪو آهي. سارڪ جي ننڍي ملڪ ڀوٽان ۾ بيروزگاري 4 سيڪڙو آهي، سريلنڪا ۾ 4 سيڪڙو، نيپال ۾ 4.6 سيڪڙو، منگوليا ۾ 5.6 سيڪڙو، ملائيشا ۾ 4.1 سيڪڙو ۽ ڪازقستان ۾ 5 سيڪڙو آهي. آفريڪي ملڪ گھانا ۾ 11 سيڪڙو، تنزانيا ۾ 6.8 سيڪڙو ۽ نائجيريا ۾ 21 سيڪڙو بيروزگاري آهي. ان سڄي جائزي مان خبر پئي ته پاڪستان ۾ بيروزگاري ننڍن ترقي پذير ملڪن کان به وڌيڪ آهي. سبب ڇا آهي؟ هن ملڪ ۾ بي انتها عياشي آهي، هتي عياشين تي خرچ پيو ٿئي ۽ ڪير پڇڻ آکڻ وارو ناهي.
پاڪستان جو تعليمي بجٽ
گذريل مالي سال 2011-2012 ۾ تعليم تي اسان جوٽوٽل خرچ جي ڊي پي جو 2.7 سيڪڙو هئو. جڏهن ته ترقي پذير ملڪن ۾ هي شرح 3 کان 4 سيڪڙو تائين آهي. سرڪاري انگن اکرن جا جادوگر تعليمي شرح 54 سيڪڙو ٻڌائيندا آهن پر پاڪستان جي چپي چپي جي زميني حقيقتن کان هرڪو واقف آهي. سنگاپور ۾ تعليمي شرح 93 سيڪڙو، جاپان ۾ 100 سيڪڙو، ۽ سريلنڪا ۾ 91 سيڪڙو تائين آهي. عوام کي تعليم ۽ شعور کان پاسيرو ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته ڪٿي ماڻهو هن نظام جي خلاف علمِ بغاوت بلند نه ڪري وجھن، جيڪو صرف ڪرپٽ ماڻهن، وڏيرن، جاهلن ۽ بدمعاشن جي سپورٽ ڪندو ۽ تحفظ مهيا ڪندو آهي. اسان هن جائزي ۾ اياران ۽ ٻين ملڪن کي شامل ناهي ڪيو جنهن جو تعليمي بجٽ تمام گھڻو آهي بلڪه ان سلسلي ۾ سرڪ ۽ آفريڪا جي ڪجهه غريب ملڪن کي شامل ڪيو آهي. جڏهن اسين پنهنجي تعليم تي خرچ نه ٿا ڪرڻ چاهيون ته جمهوريت ڪٿان ايندي؟ ڪهڙي عجيب منطق آهي جو عوام کي جاهل رکي اسان جمهوريت جا خواب ٿا ڏسون!
قومي بجٽ ۽ صحت
صحت تي اسان جو خرچ جي اين پي جو صرف 0.84 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي جو 2.6 سيڪڙو آهي. اهو مکيه سبب آهي جو ماڻهو صحت کان محروم آهن ۽ مرن پيا. پندرهن سالن کان وٺي اهو ساڳيو بجٽ هلندو پيو اچي. جڏهن ته بنگلاديش جي صحت جو بجٽ اسان کان ڪافي وڌيڪ آهي يعني 4.3 سيڪڙو. نيپال جو 6 سيڪڙو، ڀوٽان جو 5.5 سيڪڙو، سريلنڪا جو 4 سيڪڙو، مالديپ جو 5.6 سيڪڙو، منگوليا جو 9 سيڪڙو، قازقستان جو 4 سيڪڙو، ڪيوبا جو 12 سيڪڙو، ڪينيا جو 12 سيڪڙو، گهانا جو 10.6 سيڪڙو، ايٿوپيا ۽ حبشه جو 3.6 سيڪڙو آهي. توهان اندازو ڪيو ته آفريڪا جي پٺتي پيل ملڪن جو تعليم ۽ صحت تي خرچ اسان کان وڌيڪ آهي. ملڪي ترقي لاءِ سڀ خرچ وڌيڪ آهن. اسان جا خرچ ڪاڏي پيا وڃن؟ اسان جا خرچ عياشين، ملڪيتن ٺاهڻ ۽ ڪرپشن ۾ پيا ٿين.
ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ مطابق هڪ سال جي ٻارن جي مرڻ جي شرح 82 في 1000 آهي، جڏهن ته اها شرح سريلنڪا ۾ 16 في 1000 آهي. چين ۾ 30 في 1000 آهي ۽ ملائيشا ۾ صرف 8 في 1000 آهي.
رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 5 لک ماڻهو هيروئن جو نشو ڪن ٿا ۽ ملڪ جو مستقبل ۽ اسان جو اميدن جا ڏيئا. 38 سيڪڙو ٻار گھٽ وزن ٿين ٿا جنهن جي هٿن ۾ اسان امت مسلمه جي واڳ ڏينداسين. جڏهن ته سريلنڪا ۾ 21 سيڪڙو، ڀوٽان ۾ 12 سيڪڙو، چين ۾ 9 سيڪڙو، ڪينيا ۾ 17 سيڪڙو ۽ زمبابوي ۾ 14 سيڪڙو ٻار گھٽ وزن ٿين ٿا.
غربت
ورلڊ بئنڪ مطابق جن ماڻهن جي آمدني سوا ڊالر روزانو يعني گھٽ ۾ گھٽ 125 روپيه روزانو کان به گھٽ آهي اهو غربت جي علمي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ آهن. تازو سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ غربت جو ريشو(تناسب) 58 سيڪڙو آهي. جڏهن ته سريلنڪا ۾ اهو ريشو 9 سيڪڙو، قازقستان ۾ 8 سيڪڙو ۽ ملائيشا ۾ 4 سيڪڙو آهي.
سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ “قومي غذائي سروي” مطابق پاڪستان جو شمار انتهائي بک جي شڪار ملڪن ۾ ٿئي ٿو. رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ گذريل پنجن سالن ۾ ”فوڊ باسڪٽ” جي قيمت 1000 روپين کان وڌي 1790 روپيه ٿي وئي آهي جيڪو 79 سيڪڙو واڌ آهي. جڏهن ته 29.6 سيڪڙو ماڻهو هڪ وقت جي ويلي تي جيئرا آهن. هڪ ٻي سرڪاري رپورٽ مطابق 11 ڪروڙ ماڻهون کاڌي جي حوالي سان عدم تحظ جو منهن پيا ڏسن. حڪومتي انگن اکرن مطابق جي ڊي پي جو 7.4 سيڪڙو غربت جي خاتمي تي خرچ ڪيو پيو وڃي، جيڪو 2012 ۾ گھٽجي صرف 6.9 سيڪڙو رهجي ويو.
ڳڻتي واري حالت
اچو ته هاڻ موجوده پارليامينٽ کان پڇون ته جنهن پنج سال پورا ڪيا، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ٻئي حڪومتون شامل هيون، انهن هن قوم کي ڇا ڏنو؟ توهان جي حڪومت جا پروگرام ڪهڙا آهن ۽ ڪيتري عرصي ۾ توهان جا ترقياتي منصوبه پورو ڪرڻ جو ٽائم فريم آهي.
اڙهن ڪروڙ عوام کي بجلي ن پئي ملي، پاڻي نه پيو ملي، اٽو نه پيو ملي، کاڌو نه پيو ملي، روزگار نه پيو ملي، ماڻهن جون عزتون، جان ۽ مال محفوظ ناهن، هر وقت رت جي راند کيڏي پئي وڃي. عوام کي ان پارليامينٽ جي قانونسازي ڇا ڏنو؟ اسيمبلين ۾ ترميمن ۽ قانوني راند روند صرف پنهنجي سياسي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ، پنهنجي ڪرپشن کي محفوظ رکڻ لاءِ هونديون آهن. ان لاءِ حڪومتي پاليسين ۾ تسلسل نه آهي. هڪڙي حڪومت ويندي آهي ته ان سان لاڳاپيل تمام منصوبه ۽ اداره پاڙون ڪڍي سمنڊ ۾ غرق ڪيا ويندا آهن. پوري دنيا ۾ ائين ڪٿي به ناهي ٿيندو ته حڪومتون بدلجڻ سان ملڪ جو اسٽيرنگ ئي ڪڍي ڇڏجي پوءِ ڊائريڪشن جي ڪا به پت نه هجي. جمهوري ملڪن ۾ سياسي حڪومتون بدلبيون آهن پر قومي ڊائريڪشن ساڳي هوندي آهي. خاص عهدن ۾ سياسي مداخلت ناهي هوندي، نه مقرري ۾ نه برطرفي ۾. قومي سلامتي جا اهم منصوبه بدستور جاري رهندا آهن، پر پاڪستان ۾ قومي سطح تي ڪنهن به اداري جي اهڙي سيٽ نه آهي جنهن تي حڪومت تبديل ٿيڻ سان ان جو سربراه نه بدليو هجي. نئي حڪومت ايندي ته سڀني ادارن جا هيڊ بدلجي ويندا ۽ اهم سيٽن تي نيون مقرريون ٿينديون، ماتحت بدلجي ويندا، سڀ هلندڙ منصوبه تعطل جو شڪار ٿي ويندا. هر پنجن سالن کان پوءِ نئون پلان جاري ڪيو ويندو. جيڪو ڪم ٽن چئن سالم ۾ مڪمل ٿيڻو هوندو اهو وري نئي سر شروع ٿي ويندو آهي. ائين ملڪ هر ٽئين چوٿين سال زيرو تي اچي بيهندو آهي. ڇا هن قوم ڪڏهن ڪا پڇا ڳاڇا ڪئي ته سياسي حڪومتن کي ڪهڙو حق آهي جو هو پنهنجي مرضي سان قومي منصوبن کي ائين برباد ٿا ڪن؟
مثال طور هي مسلم ليگ ن جي حڪومت آهي هر هنڌ انهن جا ليڊر اچي ويندا، پيپلز پارٽي جا لڳايل سڀ ماڻهو هٽايا ويندا. هيٺ تائين نيون ڀرتيون ٿينديون، پٺيان ماڻهون برطرف ۽ نوڪرين به ختم. پوليس ۽ ٿاڻن ۾ نوڪريون پنهنجي مرضي سان مقرريون به پنهنجي مرضي سان ٿينديون آهن. آءِ جي، سيڪريٽري، ۽ عدليه تائين تقرريون ڪرڻ ۾ مداخلت ڪندا آهن. اهڙي طرح انهن تمام ادارن جي آزادانه ۽ غير جانبدارانه حيثيت ختم ٿي چڪي آهي. اهڙو تماشو مشرق کان مغرب تائين ترقي ۽ جمهوريت جو نالو وٺڻ وارن ملڪن ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. اتي قومي پاليسيون برقرار رهنديون آهن. پنهنجي روشن ميتقبل جي لاءِ سالانه منصوبه بندي ٿيندي آهي. هتي ته اهو به نظر نه ٿو اچي. هر سياسي جماعت وٽ هڪ پنج ساله منصوبه بندي هوندي آهي ته جئين اليڪشن جي ذريعي هو پنج سالن لاءِ اقتدار ۾ اچن ته جئين هو پنجن سالن ۾ اهو ڊليور ڪري سگھن. پر هتي نه ڪو ڊليور ڪرڻ وارو آهي نه وري ڪو پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارو. جڏهن قوم ۾ پڇڻ جو شعور پيدا ٿيندو آهي ته انهن جو ڌيان ٻئي پاسي ڇڪرائڻ لاءِ بم بلاسٽ ڪرايو ويندو آهي. قتل عام جون وارداتون ڪرايون وينديون آهن ته جيئن قوم ۽ ميڊيا جوسڄو ڌيان انهئ پاسي لڳي وڃي. حقيقت ۾ اسان جو پورو سکڻو نالي وارو جمهوري نظام هڪ بليڪ ميلنگ جو نظام آهي. هي هڪ تمام گندي راند آهي جيڪا سياسي قيادتون تسلسل سان اڙهن ڪروڙ عوام سان کيڏيو پيو وڃي. ته جيئن اصل مسئلن تي ڌيان ئي نه وڃي. وري جڏهن تنگ ٿي عوام روڊ رستن تي احتجاج لاءِ نڪرندو آهي ته ڪجهه دير لاءِ بجلي جي سهولت ڏئي انهن جو غصو ٿڌو ڪيو ويندو آهي ۽ اهي پنهنجي گهر هليا ويندا آهن. چا پنج ڏينهن بعد وري ساڳا لاٽون ساڳا چڳهه اها حالت.