عزت لٽندي رهي.. ۽ جن نڪرندو رهيو...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ملڪ ۾ پِيرن کان جن ڪڍرائڻ جو راوج عام آهي۔۔ خاص طور تي سنڌ ۾ پِيرن سان عقيدت ڪجهه وڌيڪ آهي۔۔ حيرت آهي ته اسان جا عام ماڻهون ان ڳالهه تي ته ڪڏهن غور ئي نه ڪندا آهن ته ڀلا جن رڳو عورتن کي ئي قابو ڇو ڪندا آهن۔۔۔؟ بس هوڏانهن ڪنهن شڪ ڏيکاريو ناهي جن هجڻ جو ۽ هوڏانهن ڊوڙ شروع هوندي آهي پيرن (عاملن) جي ڳولا جي۔۔ ۽ پوءِ اهڙا عامل بند ڪمري ۾ ڇوڪرين جا ”جن“ ڪيئن ڪڍندا آهن۔۔؟ اها ڳالهه ڇوڪرين جا والدين ڇو ۽ ڇالاءِ ڄاڻڻ چاهن۔۔۔!
    هي قصو آهي ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي هڪ پير جي روحاني شيطانيت جو۔۔ جنهن کي نماز پڙهڻ ته ماڳهين نه اچي پر جن ڪڍڻ خوب اچي۔۔ هوُ جن ڪڍڻ جي نانء تي ڪيترين ئي ڇوڪرين کي حوس جو نشانو بڻائي چڪو آهي۔۔۔ انهن مان گهڻيون ڇوڪريون ته پنهنجي رهيل سهيل عزت بچائي خاموش ئي رهڻ کي مناسب سمجهنديون آهن۔۔۔۔ پر ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي هن ڇوڪريء پنهنجي عزت جي نيلامي جي داستان ڏسي هُن شيطان صفت ”پير“ کان باقي ڇوڪرين جي عزت لٽڻ کان بچائي ورتي۔۔
    ڇوڪري نالي ”ڪرن“ هڪ مهيني کان کان عامل ”ڪاشف شاهه“ کان علاج ڪرائيندي رهي۔۔ ڇوڪري جو چوڻ آهي ته ”مون تي ڪنهن وزني شيء جو پاڇو هيو۔۔ اسان جي پاڙي ۾ هڪ ڇوڪرو رهندو هو۔۔۔ جيڪو ان پير جو شاگرد هيو۔۔ ۽ هن منهنجي والد کي ان پير جو ڏس پتو ڏنو۔۔ پير صاحب گهر ايندي ئي هيڏانهن هوڏانهن جو ماحول ڏٺو ۽ ڪرن کي ڏسندي ئي چيو ته هن ڇوڪري تي جن جو پاڇو آهي۔۔ گڏ علاج لاءِ تسلي ڏني پر شرط هڪ ئي رکيو ته مون کي هن جو اعلاج اڪيلي ۾ ڪرڻو آهي۔۔۔۔“
    ۽ پوءِ ڪيئن ڪرن ان جعلي پير جي حوس جو نشانو بڻي ۔۔۔ ۽ ان پير جو اصلي چهرو ڪيئن بي نقاب ٿيو ۔۔۔ اهو اڙدو ٽي وي پروگرام ”جرم بولتا هي۔۔“ جي 17 جولائي 2013 جي تحقيقي وڊيو ۾ ان گذارش سان لڳائجي ٿو۔۔ ته پروگرام جي اڙدو هجڻ کي نظر انداز ڪيو ويندو۔۔۔۔

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڏک رڳو انهن پيرن جو ناهي نه وري ملال جي حد رڳو انهن ڏي ويندڙن تي آهي۔ پر حيرت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اهڙي حالت تي به ڪُجهه لک ته الزام لڳن ته اوهان لهابيت، وهابيت تي لٿل آهيو۔
    بس الله سڀني کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ سوچ سمجهه ڏي۔ باقي پير فقير ته بس نالي جا آهن سندن عمل اهي آهن جو اوهان واري ڳالهه ته نماز به ڪانه اچي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اهڙن شيطانن کي سر عام ڦاهي چاڙهڻ گهرجي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ھنن کي پير يا بزرگ چوڻ مناسب نه آھي، ھي شيطاني ماڻھون آھن جن جو مقصد ئي عورتن کي پنھنجي حوس جو نشانو بڻائڻ ھوندو آھي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو