ملڪ ۾ پِيرن کان جن ڪڍرائڻ جو راوج عام آهي۔۔ خاص طور تي سنڌ ۾ پِيرن سان عقيدت ڪجهه وڌيڪ آهي۔۔ حيرت آهي ته اسان جا عام ماڻهون ان ڳالهه تي ته ڪڏهن غور ئي نه ڪندا آهن ته ڀلا جن رڳو عورتن کي ئي قابو ڇو ڪندا آهن۔۔۔؟ بس هوڏانهن ڪنهن شڪ ڏيکاريو ناهي جن هجڻ جو ۽ هوڏانهن ڊوڙ شروع هوندي آهي پيرن (عاملن) جي ڳولا جي۔۔ ۽ پوءِ اهڙا عامل بند ڪمري ۾ ڇوڪرين جا ”جن“ ڪيئن ڪڍندا آهن۔۔؟ اها ڳالهه ڇوڪرين جا والدين ڇو ۽ ڇالاءِ ڄاڻڻ چاهن۔۔۔!
هي قصو آهي ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي هڪ پير جي روحاني شيطانيت جو۔۔ جنهن کي نماز پڙهڻ ته ماڳهين نه اچي پر جن ڪڍڻ خوب اچي۔۔ هوُ جن ڪڍڻ جي نانء تي ڪيترين ئي ڇوڪرين کي حوس جو نشانو بڻائي چڪو آهي۔۔۔ انهن مان گهڻيون ڇوڪريون ته پنهنجي رهيل سهيل عزت بچائي خاموش ئي رهڻ کي مناسب سمجهنديون آهن۔۔۔۔ پر ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي هن ڇوڪريء پنهنجي عزت جي نيلامي جي داستان ڏسي هُن شيطان صفت ”پير“ کان باقي ڇوڪرين جي عزت لٽڻ کان بچائي ورتي۔۔
ڇوڪري نالي ”ڪرن“ هڪ مهيني کان کان عامل ”ڪاشف شاهه“ کان علاج ڪرائيندي رهي۔۔ ڇوڪري جو چوڻ آهي ته ”مون تي ڪنهن وزني شيء جو پاڇو هيو۔۔ اسان جي پاڙي ۾ هڪ ڇوڪرو رهندو هو۔۔۔ جيڪو ان پير جو شاگرد هيو۔۔ ۽ هن منهنجي والد کي ان پير جو ڏس پتو ڏنو۔۔ پير صاحب گهر ايندي ئي هيڏانهن هوڏانهن جو ماحول ڏٺو ۽ ڪرن کي ڏسندي ئي چيو ته هن ڇوڪري تي جن جو پاڇو آهي۔۔ گڏ علاج لاءِ تسلي ڏني پر شرط هڪ ئي رکيو ته مون کي هن جو اعلاج اڪيلي ۾ ڪرڻو آهي۔۔۔۔“
۽ پوءِ ڪيئن ڪرن ان جعلي پير جي حوس جو نشانو بڻي ۔۔۔ ۽ ان پير جو اصلي چهرو ڪيئن بي نقاب ٿيو ۔۔۔ اهو اڙدو ٽي وي پروگرام ”جرم بولتا هي۔۔“ جي 17 جولائي 2013 جي تحقيقي وڊيو ۾ ان گذارش سان لڳائجي ٿو۔۔ ته پروگرام جي اڙدو هجڻ کي نظر انداز ڪيو ويندو۔۔۔۔