توهان آفيس ۾ ڪم ڪندا هجو يا گهر ۾ اڪثر توهان جا دوست ۽ واقف ڪار ٿوري وقت لاءِ توهان جو ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت گهرندا آهن۔۔۔۔ ۽ پنهنجو ڪمپيوٽر سندن حوالي ڪرڻ کان اڳ يقينن توهان پنهنجي ڪمپيوٽر تي کليل ويب سائيٽس يا مختلف پروگرام جهڙوڪ ميسينجر يا پنهنجي اي ميلز واري ونڊوز کي نه صرف لاگ آئوٽ ڪرڻو پوندو پر انهن کي بند ڪرڻو پڻ پوندو ۔۔۔۔ جڏهن ته توهان جو عزيز جلدي ۾ هوندو آهي ۽ توهان جو سست ڪمپيوٽر اهي سڀ عمل ڪرڻ ۾ دير لڳائيندو آهي ۔۔۔۔ مان کڻي آيو آهيان ان جو بهترين حل۔۔۔ هي هڪ مفت جو سافٽويئر آهي جنهن جي مدد سان توهان صرف ڪنٽرول بٽڻ کي دٻائي رکي سمورين ونڊوز کي محفوظ طريقي سان منيمائيز ڪري سگهندو۔۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن توهان جو دوست توهان جا منيمائيز ٿيل پروگرام يا ونڊوز کولڻ (ميڪسيمائز) ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته کائنس پاسورڊ پڇيو ويندو۔۔۔۔۔ لاڪ دِس نالي هي ٽول تقريبن سمورين ايپليڪيشنز تي ڪم ڪندو آهي ۔۔۔۔ پر ان باوجود فائرفاڪس تي مڪمل ڪنٽرول ڪري نه سگهندو آهي۔۔۔ هن ٽول جو ڊيفالٽ پاسورڊ LockThis آهي ۔۔۔۔ ان ڪري انسٽاليشن دوران پاسورڊ تبديل ڪرڻ نه وساريندا۔۔۔۔ لاڪ دِس ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔ تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ادا رشيد توهان جي مهرباني
جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔ ادا رشيد ! سٺو پروگرام آهي، اسان جو ته توهان مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو، مهرباني، لک ٿورا پروگرام شيئر ڪرڻ جا.
جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔ بهترين ونڊ آهي ادا۔۔۔۔ واقعي اهڙا سافٽ ويئر پرائيوسيءَ لاءِ اهم آهن
جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔ سائين رشيد جو ونڊ هميشه هر دلعزيز هوندو آهي هر ڪو چوندو آهي ته هڪ دفعو آزمائي ڏسان سو مون به انسٽال ڪري آزمائي به ڏٺو واقعي تمام بهترين سافٽوئير آهي۔ الله تعالي سائين ئي وڏي حياتي ڏئي جو اسان کي اهڙيون نيون شيون ڏيندا رهن۔