بايو ميڊيڪل انجينيئرنگ - انساني صحت ڪاڻ هڪ جديد تخليق

'مقالا' فورم ۾ Asad Ali Siyal طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2013۔

  1. Asad Ali Siyal

    Asad Ali Siyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2011
    تحريرون:
    42
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    بايو ميڊيڪل انجينيئرنگ - انساني صحت ڪاڻ هڪ جديد تخليق
    - اسد علي سيال
    بايو ميڊيڪل انجينيئرڱ شعبو، مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو
    جِيا طِب انجينيئرڱ ڇا آهي؟
    جيا طب انجينيئرڱ، انجينيئرڱ سائنس جو ھڪ اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ ميڊيڪل ۽ انساني صحت سان لاڳاپيل مسئلن کي انجينيئرڱ جي روشني ۽ اصولن تحت حل ڪيو وڃي ٿو. انساني صحت سان متعلق سڀ تڪنيڪي (Technical) مسئلا جيا طب انجينيئرڱ جي مدد سان حل ڪيا وڃن ٿا. جيا طب انجينيئرڱ، هڪ ئي وقت ۾ انجينيئرڱ ۽ ميڊيڪل جي اصولن سان طبع آزمائي ڪري ٿو.
    [​IMG]
    جيا طب انجينيئرڱ شعبي جو مقصد اھڙا پيشه ور ۽ ماھر انجينيئر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي انساني صحت ۽ ان سان لاڳاپيل بيمارين ۽ انهن جي تشخيص (Diagnosis) کان ويندي ويندي آپريشن ۽ سرجري تائين جي سڀني مسئلن سان لھ وچڙ ۾ اچن ۽ انهن در پيش مسئلن کي پنهنجي قابليت ۽ انجينيئرڱ سائنس جي اصولن جي روشني تحت حل ڪن. جيا طب انجينيئرڱ شعبي ۾ حياتيات (Biology) ۽ طِب (Medicine) جي تعليم کي انجينيئرڱ جي اصولن سان گڏوگڏ پڙھايو وڃي ٿو. جيا طب انجينيئرڱ ھڪ نھايت ئي دلچسپ شعبو آهي جتي شاگردن کي نه صرف ميڊيڪل ۽ انجينيئرڱ پر ان سان گڏوگڏ فزڪس، ڪيمسٽري، اليڪٽرانڪس، بائيوٽيڪنالاجي ۽ ٻين کوڙ سارين تڪنيڪي اڀياسن (Technical Studies) سان روشناس ڪيو وڃي ٿو ته جيئن پيدا ٿيندڙ جيا طب انجينيئر پنهنجي فيلڊ تي ٽئڪنيڀياسي عبور حاصل ڪري ميڊيڪل ۽ انجينيئرڱ ٻنھي کي درپيش ايندڙ مسئلن کي منھن ڏئي سگھن. تنھنڪري هڪ جيا طب انجينيئر لاء اھو تمام ضروري آھي ته کيس انھن سڀني اڀياسن جي خاصي ڄاڻ ھُئڻ گھرجي.
    [​IMG]
    بائيو ميڊيڪل (جيا طب) انجينيئر جو ڪردار:
    جھڙي ريت ھڪ اسپتال ۾ ھڪ ڊاڪٽر / جراح جو اھم ڪردار ھوندو آھي، بلڪل اھڙي طرح ھڪ جيا طب انجينيئر جو ڪردار اھم آھي. جيا طب انجينيئر، ھڪ اسپتال ۾ ڪرنگھي جي ھڏيء جي حيثيت رکي ٿو. ھڪ سٺي اسپتال، بنا جيا طب انجينيئر ۽ جيا طب انجينيئرڱ شعبي جي ھلي نه ٿي سگھي.
    [​IMG]
    جيا طب انجينيئر اسپتالن ۾ پنھنجا فرض نڀائن ٿا. اسپتالن ۾ استعمال ھيٺ ايندڙ اوزار / مشينون جھڙوڪ الٽراسائونڊ، ايڪس ري، ڪمپيوٽر ٽوموگرافي (C.T.ECG، MRI، ڊائلاسز مشينون، تشخيصي (Diagnosis) مشينون، فزيوٿراپيڪل ۽ سرجيڪل مشينون ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين انيڪ مشينن کي جيڪي انساني صحت سان درپيش ايندڙ مسئلن لاء استعمال ٿين ٿيون اُھي سڀ ھڪ جيا طب انجينيئر جي خدمتن عيوض ھلي رھيون آھن. انھن مشينن / اوزارن جي ھلڻ، نظرثاني ۽ مرمت کان ويندي ويندي سموري Repair and Maintenance، Operating ھڪ جيا طب انجينيئر جي ذمي ھجي ٿي. ھڪ جيا طب انجينيئر انساني قدرن کي سمجھندي صحت سان لاڳاپيل سمورن مسئلن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ٿو. اسپتالن کان علاوه ڪيئي جيا طب انجينيئر مختلف جيا طب (Bio-Medical) ڪمپنين ۾ پڻ پنھنجا فرائض سر انجام ڏين ٿا، جتي ھُو پنھنجي قابليت ۽ ھنر استعمال ڪري انجينيئرڱ جي مدد سان اڄڪلھ اھڙا جديد برقي سرڪٽس ۽ ڳڻپيوڪر سافٽويئر ٺاھي / متعارف ڪرائي رھيا آھن، جيڪي جيا طب (بائيو ميڊيڪل) انسٽريومينٽيشن ۾ ھڪ ننڍڙي Pacemaker (ھٿراڌو مصنوئي دل) کان ويندي جديد ۽ وڏين پيچيده (Complex) اميجنگ ٽيڪنڪس (Imaging Techniques) جھڙوڪ Conventional and Digital X-Ray، Computed Tomography (CT)۽ Magnetic Resonance Imaging (MRI) ۾ استعمال ٿين ٿا. نه صرف ايترو پر جيا طب انجينيئر اڄوڪي دور ۾ اھڙين جديد وائرليس ٽيڪنالاجيز تي پڻ ڪم ڪري رھيا آھن جيڪي مفاصلن کي گھٽائيندي، ڊاڪٽرن ۽ مريضن وچ ۾ رابطا وڌائي رھيون آھن. ڏُور طب (ٽيليميڊيسن) ۽ برقي صحت (اليڪٽرانڪ ھيلٿ) پڻ اھڙن ئي سلسلن جي ڪڙي آهي. ترقي يافته ملڪن، جتي ٽئڪنيڀياسي گھرجون ۽ انھن جو استعمال عروج تي آھي اُتي جا جيا طب انجينيئرسيليولر ۽ ماليڪيولر ليول تي انساني سيل (جيو گھرڙي) ۽ ٽشوز (تاندورن) جي اندر ٿيل ڪنهن به قسم جي زخم کي نئنوتئڪنالاجي جي ذريعي ختم ڪري انھن جي نئين سر پيوندڪاري جي تحقيق ۾ رُڌل آھن. ڪجھ جيا طب انجينيئر مئٿميٽيڪل (رياضياتي) ۽ اسٽيٽسٽيڪل (شمارياتي) ذريعن سان دل، دماغ ۽ ڏورن (Muscles) جي اندر پيدا ٿيندڙ اشارن (Signals) کي پڙھڻ ۽ ماپڻ جي تحقيق ۾ پڻ ڪوشان آھن. اھا تحقيق سڌي سنئين سگنل ۽ سرشتا جي فيلڊ ۽ انهن جي اصولن جي زمري ھيٺ اچي ٿي.

    جڏھن ته قصو اِتي ئي ختم ناهي، ڪافي جيا طب انجينيئر مصنوعي عضون(Artificial Organs) ٺاھڻ ۾ پڻ رڌل آھن. انھن مصنوعي عضون ۽ انھن جي پيوندڪاري کي (Prosthetics and Artificial Limbs) پڻ چيو وڃي ٿو، جيڪي ڪنھن به حادثي دوران ناڪاره يا خراب ٿيل عضوي جي نعم البدل طور استعمال ڪري سگھجن ٿا.
    [​IMG]
    ان کان علاوه جيا طب انجينيئر درس و تدريس جي شعبي سان پڻ سلھاڙيل رھن ٿا، جتي ھو مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ادارن ۾ شاگردن کي جيا طب انجينيئرڱ شعبي جي تعليم ۽ ڄاڻ بابت روشناس ڪن ٿا ۽ انجينيئرڱ جي وسيع ميدان ۾ جديد ٽئڪنالاجي جي استعمال تي تحقيق پڻ ڪن ٿا. جيا طب انجينيئرڱ شعبي کي به جيڪڏهن ”مسيحائي شعبو“ چئجي ته وڌاء نه ٿيندو ڇا ڪاڻ ته جھڙي ريت ھڪ ڊاڪٽر مريض جي زندگي بچائي ٿو بلڪل ساڳي طرح جيا طب انجينيئر جو پڻ اھم ۽ نمايان ڪردار آهي جيڪو صحت جي شعبي سان لاڳاپيل اسپتالن ۾ استعمال ٿيندڙ مشينن، پرزن ۽ اوزارن جي ڏيک ڀال ڪري ٿو. سندس خدمتن عيوض ئي اھي مشينون ڪاميابي سان ھلن ٿيون جن سان صحت جون سھولتون يقيني بڻجن ٿيون ۽ زندگي جي خاصيت (Quality of Life) بھتر بڻجي ٿي. جيڪڏھن سندس خدمتون نه ھجن ھڪ ڊاڪٽر اڌورو آهي ۽ سندس ڪردار بنا، سچ ته جھڙو طبي شعبي ۾ اوندھ آهي.
    [​IMG]
    اڄوڪي ٽئڪنيڀياسي دور ۾ جتي سڄي دنيا ڄاڻ ۽ ٽئڪنيڀياس (Information and Technology) جي چرخي تي گھمي رھي آهي اُتي ھڪ جيا طب انجينيئر جو قدر واضح ۽ روشن آھي. ھن صدي کي محققن پاران جيا ڀياسي صدي (Biological Century) ڪوٺيو ويو آھي سو جيئن جيئن ڄاڻ ۽ ٽئڪنيڀياس (Information andTechnology ) ۾ جدت ۽ نواڻ ايندي ويندي تيئن تيئن شعبو جيا طب انجينيئرڱ واڌ ويجھ ڪندو ويندو ۽ انساني صحت جي مسئلن کي چڱي ريت حل ڪري زندگي جي خاصيت کي بھتر بڻائيندي مستقبل جي جيا طب انجينيئرن لاء ترقي جون راھون کولي ھن شعبي ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندو.
    [​IMG]
    اسد علي سيال
    شعبو جيا طب انجينيئرڱ، مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو
    link: http://www.dailyibrat.com/beta/pages/jpp_21072013071341.jpg
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا تمام بهترين معلومات سمايل هن آرٽيڪل ۾، خاص ڪري ڪجهه انگريزي لفظن جو سنڌي ۾ هجڻ نئون تجربو گذريو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جو اهو ليک ڪالهه اخبار ۾ به پڙهيم ۔۔۔ تمام سٺو لکيو اٿو۔ اميد ته لکڻ جو اهو سلسلو جاري رهندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو