سنڌ تي حملي ڪرڻ جا اسباب :

'تاريخ جي دري' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2013۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    حضرت عمر رضه جي زماني ۾ هڪ لشڪر هند سنڌ جي ساهلي علائقن کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو ، پر خليفي هن مهم جي مشڪلاتن ۽ گهڻي خرچ کي مدنظر رکندي پيش قدمي روڪي ڇڏي . ٻيو لشڪر حضرت عثمان رضه جي زماني ۾ روانو ڪيو ويو ، تنهن جي قيادت عبدالله بن عمر بن ربيع ڪئي ۽ هن ڪرمان ۽ سيستان علائقن کي فتح ڪيو ، تنهن کان پوءِ هو مڪران ڏانهن وڌيو ۽ مڪران ۽ سنڌ جي راجائن ڪي گڏيل فوج کي شڪست ڏني ، حضرت امير معاويه رضه جي خلافت ۾ هن مهم لاءِ هڪ فوج موڪلي وئي ۽ مشرقي افغانستان کي اسلامي حڪومت جو حصو بنايو ويو پر اها سوڀ ديرپا رهي نه سگهي .
    جڏهن وليد بن عبدالمالڪ اقتدار ماڻيو ۽ فتح جا سلسله شروع ٿيا ته سڄي دنيا ۾ اسلامي پرچم ڦڙڪڻ لڳو ، مسلمان جرنيلن هر طرف سوڀ ماڻيا ، موسى بن نصير مشرقي افريقه کي زير ڪيو ، طارق بن زياد اسپين فتح ڪئي ، قتيبه وچ ايشيا ۾ اسلامي پرچم ڦڙڪايو ، فارس (ايران) جو ڪافي علائقو تسخير ٿيو.
    سنڌ تي حملي ڪرڻ جا اسباب :
    مڪران جي مقامي ماڻهن هتان گورنر کي قتل ڪيو ويو ۽ سنڌ جي راجه ڏاهر وٽ پناه ورتي . جڏهن راجه ڏاهر کي هن ڳالھ ڏانهن توجه ڏياري وئي ته هن سولي ورندي نه ڏني ۽ قاتلن کي واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيو .
    هڪ ٻيو ناگوار واقعو تاريخ پيش آيو جنهن حجاج بن يوسف کي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ، واقعو اهو هو ته لنڪا (سرانديپ) ۾ ڪجه عرب تاجر هئا ، جنهن مان هڪ تاجر انتقال ڪيو ، لنڪا جي راجه جو مسلمانن سان سٺو ورتاو جو خواهشمند هو ، فوت ٿيل تاجر جي اهل عيال جن ۾ ڪيتريون عورتون به هيون ، جهاز وسيلي روانو ڪيو ۽ قيمتي تحفه تحائف پڻ وليد ڏانهن موڪليا ، هن جهاز ۾ ڪي حاجي به هئا . ديبل ويجهي سنڌ قزاقن جهاز تي حملو ڪري سڄو سامان ڦري ورتو ۽ عورتن کي پڻ گرفتار ڪيو ، راجه ڏاهر کي پيغام ڏنو ويو ته عورتن کي واپس ڪيو وڃي * قزاقن ڪي پڻ سزا ڏني وڃي تنهن تي راجه ڏاهر جواب ڏنو ته اهو ڪم قزاقن ڪيو آهي ۽ منهنجي انهن تي دسترس نه آهي تنهن ڪري آءُ مجبور آهيان .
    هڪ ٻيو واقعو اهو پيش آيو جو ڪجه باغي سردار حجاج جي حدود مان نڪري راجه ڏاهر وٽ پناه ورتي ۽ حجاج انهن باغين جي حوالگي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر راجه ڏاهر انڪار ڪيو .
    راجه ڏاهر وڏو ظالم ۽ سفاڪ ماڻهو هو ، هو پنهنجي خاندان کان سواءِ حڪومت جي حد اندر ڪنهن جي مٿي ته پڳ ٻڏڻ برداشت نه ڪندو هو ، گهوڙن تي عام سواري تي پابندي هئي ، راجه ڏاهر جي حڪومت ۾ ٻڌ مذهب وارن تي وڏا ظلم ڪيا ويندا هئا ، تنهن ڪري اهي به ساڻس کان ناراض هئا ، غرض ته راجه ڏاهر جي هٽ ڌرمي سندس ظلم ۽ تشدد سنڌ تي حملي جو ڪارڻ بڻيو .
    تاريخ اسلام مولانا اڪبر شاھ نجيب آبادي
    تاريخ پاڪ وهنڌ انوار هاشمي
    فتوح البلدان
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    قزاقن ڪي پڻ سزا ڏني وڃي تنهن تي راجه ڏاهر جواب ڏنو ته اهو ڪم قزاقن ڪيو آهي ۽ منهنجي انهن تي دسترس نه آهي تنهن ڪري آءُ مجبور آهيان .
    هڪ ٻيو واقعو اهو پيش آيو جو ڪجه باغي سردار حجاج جي حدود مان نڪري راجه ڏاهر وٽ پناه ورتي ۽ حجاج انهن باغين جي حوالگي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر راجه ڏاهر انڪار ڪيو .
    راجه ڏاهر وڏو ظالم ۽ سفاڪ ماڻهو هو ، هو پنهنجي خاندان کان سواءِ حڪومت جي حد اندر ڪنهن جي مٿي ته پڳ ٻڏڻ برداشت نه ڪندو هو ، گهوڙن تي عام سواري تي پابندي هئي ، راجه ڏاهر جي حڪومت ۾ ٻڌ مذهب وارن تي وڏا ظلم ڪيا ويندا هئا ، تنهن ڪري اهي به ساڻس کان ناراض هئا ، غرض ته راجه ڏاهر جي هٽ ڌرمي سندس ظلم ۽ تشدد سنڌ تي حملي جو ڪارڻ بڻيو ۔۔

    بلڪل ادا افتخار، مرحوم نالي واري اديب محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن والد صاحب جن جي حوالي سنڌ جي فتح عربي ٻولي وارو جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن پاڻ عربي ۾ ترجمو ڪرايو هو، ۽ ان جي ڪمپوزنگ الحمد لله هن عاجز جي حصي ۾ آئي، سي ۾ پڻ ساڳيو ئي احوال عربي ٻولي ۾ آهي۔
    بهترين ليکڪن جا بهترين ليک پيش ڪرڻ لا ٿورا۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو