جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ هاهاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔سائين رحم۔۔۔۔۔بابابا۔۔۔عاشق کي هاڻي کلي کلي مٿي ۾ ٿو سور پئي۔:d:d
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ ادا عاشق۔۔ تنهنجي ان ڦرندڙ گهرندڙ سُور کان مولا پناهه ڏئي۔۔۔ ها ها ها
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ سائين ! توهان جون ٻليون ڏسي مان سوچان ٿو ته اسان سنڌي اهڙا ٿي ويا آهيون جو ٻلين کي اهڙو رکي سگهون ٿا؟
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ [justify]اڙي ادا پايس، يار نه پڇ ۔۔۔ ڇو ٿو ڏکيل رڳ تي هٿ رکين ۔۔۔؟ اهي ٻليون باقاعدي موجن ۾ آهن ۽ هوءَ شونا ٻلي (باقي ٻلين جي ماءُ) جي لِڇَ روس سان ملي ٿي سو ماني يا ڪو گهر ۾ بچيل سچيل کائي ئي نه، جيستائين ڪڪڙ جون بڪيون يا جيرا کيس اٻاري نه ڏنا وڃن ۔۔۔ اصل بک مرندي ٻيو ڪجهه کائيندي ئي نه هئي ۔۔۔۔ خئير جڏهن آءُ هن دفعي موڪل تي سنڌ آيس ته کيس هر هفتي 100 روپئي جون بڪيون ۽ جيرا کائيندي ڏسي، منهنجا جيرا ۽ بڪيون سڙڻ لڳيون، سو مون به ڪئي مانس ڪامريڊي ڪار ۔۔۔ کيس آهستي آهستي جيرن ۽ بڪين ۾ ملاوٽ شروع ڪري کارائڻ شروع ڪيو ۽ ٻن مهينن جي محنت کانپوءِ سڀ ڪجهه کائڻ شروع ڪيائين ۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته انهن ننڍڙن ٻچڙن مان هڪ ٻلونگڙو روهڙيءَ پهچي ويو آهي، منهنجي نياڻيءَ جي ڪلاس ميٽ ڇوڪريءَ پنهنجي ڀيڻ کي تحفو ڏنو آهي ۔۔۔ سو اڙي ادا! ٻارن جا شوق آهن، ۽ اهي جانور به آهن ته انساني سماج جو حصو، رب العالمين ڪيترن ئي جانورن کي انسان دوست ٺاهيو آهي ۽ انهنجي هجڻ سان ڪافي سٺو به لڳي ٿو ۔۔۔ خئير في الحال ته ائين آهي ۔۔۔!!! ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔[/justify]
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ يار اسان کي کلي کلي هٿن ۾ سور پوندو توهان کي وري پيرن ۾ سور ٿيندو آهي هاهاهاهاها
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ اڙي يار مينڌرا! مان پاڻ ان ڳولها ۾ آهيان ته اها دشمني ڪنهن ڪئي آهي، مون واريون نياڻيون ڪنهن سهيليءَ جي گهر مان کڻي آيو هيون، کڻي ته هڪ آيون هيون پر اها وڏي ٿي ته چار ٿي ويون آهن ۔۔۔ هاڻ آءُ ان سهيلي ۽ انجي والدين جي ڪڍ آهيان ته کانئن بدلو وٺان ۔۔۔ وڌيڪ ست خئير ۔۔۔
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ دوستو! مون ڪجهه ڏينهن اڳ عرض ڪيو هو ته منهنجي گهر تي هڪ ٻلي قبضو ڪري ورتو آهي، هي ڏسو ٻلي جا حال ۔۔۔ هاڻ هڪ بهترين ڪرسي جي سامهون ويهي ٽي وي ڏسڻ جا شوق پورا ڪري رهي آهي ۔۔۔ منهنجي گهران دانهن ملي آهي ته پنهنجي پسند جا پروگرام ڏسي ٿي ۽ جي اسين چينل مٽايون ٿا ته اصل وڙهي ٿي بلڪه ڪاوڙجي ٿي وڃي ۔۔۔ هاڻ ڪيو حساب ته ماڻهون ته ماڻهون ٻليون به قبضا خور ٿين ٿيون ۔۔۔ پاڻ ڏسو!
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو هڪ صحابي هو ٻلين سان گهڻو پيار هوس هر وقت ٻلين سان گڏ هوندو هو،جو پاڻ ڪريم جن ان ڪري ان جو نالو ئي ابو هريره رکي ڇڏيو.
جواب: ڪنهنجي ٻلي وڌيڪ چالاڪ آهي؛ جي ادا طاهر، حضرت ابو هريره رضي الله عنه جي آکاڻي پڙهي ته مون به صبر ڪيو آهي، نه ته ڪڏهوڪر اهي ٻليون هجن ها ڪاسائيءَ جي حوالي، انڪري جو هڪ ڪاسائي جنهنکان گوشت وٺندا آهيون ان چيو هو سائين هت ڇڏي وڃو موجن مون هونديون ۔۔۔ پر وري حضرت ابوهريره ۽ پاڻ ڪريمن جو ٻلين سان پيار ڏسي منهنجا هٿ به رڪجي ويندا آهن ۽ ٻلين کي پيار ڪري سنت پوري ڪندو آهيان ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔