سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني نتيجن ۾ ڦير ڦار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سيد اياز علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2013۔

  1. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني نتيجن ۾ ڦير ڦار ٿيڻ جو انڪشاف ٿي ويو، اڳوڻي ڪميشن ميمبر ابرار مرزا اهڙي قسم جو انڪشاف ڪيو.
    2003ع جي ڪميشن ۾ فيل ٿيل اميدوار هن وقت سڻڀين پوسٽن تي مقرر، پاس ٿيل اميدوارن کي مارڪون گھٽ ڪري فيل ڄاڻايو ويو هو. ايس پي ايس سي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪنٽرولر محمد عمر زنئور ۽ ايڊيشنل ڪنٽرولر اعجاز جعفري سليڪشن ڪميٽي کي پاڻ سان ملائي ڪامورن ۽ بااثر سياستدانن جي پٽن ۽ مائٽن کي پاس ڪرائڻ لاءِ نتيجا تبديل ڪيا ۽ لکت ۾ ناپاس ٿيل اميدوارن جا انٽرويو وٺي پاس ڪري کين سڻڀين پوسٽن سان نوازيو ويو ۽ اهليت تي پاس ٿيندڙ اميدوارن جون مارڪون گهٽائي ناپاس ڄاڻائي ڇڏيو. ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته جاچ ڪميٽي پاران ڏوهي قرار ڏنل محمد عمر زنئور ۽ اعجاز جعفري کي سياسي پٺڀرائي حاصل هئڻ ڪري اينٽي ڪرپشن آجو قرار ڏئي ڇڏيو. اڃا تائين ايس پي ايس سي جي اعلى عهدن تي ويٺل آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اختيارين پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ شامل ميمبر ابرار مرزا عوامي آواز کي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي جوڙيل جاچ ڪميٽي پاران معاملي جي مڪمل طور تي جاچ ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو آهي ته 2003ع جي ورتل امتحانن ۾ ڪامورن ۽ سياستدانن جي پٽن ۽ مٽن مائٽن توڙي پنهنجي پسند جي اميدوارن کي پاس ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي ڪنٽرولر محمد عمر زنئور، ايڊيشنل ڪنٽرولر اعجاز جعفري ۽ سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن لکت ۾ ورتل امتحانن جا نتيجا تبديل ڪيا. سندس چوڻ هو ته هسٽري آف سنڌي لٽريچر چيڪ ڪندڙ حاجي هارون جون جعلي صحيحون ڪري هڪڙن اميدوارن جون مارڪون وڌايون ويون ۽ ٻين اميدوارن جون مارڪون گهٽايون ويون. هن چيو ته جوابي ڪاپيون ۽ جيڪو اڌوگابرو رڪارڊ هٿ آيو، ان مان معلوم ٿيو آهي ته جن اميدوارن 15 مارڪون کنيون تن کي 150 مان 120 ۽ 130 مارڪون ڏنيون ويون ۽ جن اميدوارن پنهنجي اهليت جي بنياد تي بهتر مارڪون کنيون تن جون مارڪون گهٽايون ويون. هن چيو ته جاچ ڪميٽي کي جاچ دوران معلوم ٿيو ته ان وقت سمورو رڪارڊ ۽ جوابي ڪاپيون سنڀالڻ جو ذميوار ۽ سيل انچارج اعجاز جعفري هو، جنهن رڪارڊ سان هٿ چراند ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته جاچ ڪميٽي کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين محمد حسن ڀٽو جي پٽ ايان مصطفى ڀٽو ۽ سيڪريٽري سروس هاشم لغاري جي پٽ نثار لغاري جون جوابي ڪاپيون ئي نه ملي سگهيون، جيڪي رڪارڊ روم مان گم ڪيون ويون هيون. جاچ ڪميٽي جي ميمبر ابرار مرزا عوامي آواز کي وڌيڪ ٻڌايو ته شاهه منصور عالم، لغاري ۽ مون سميت ٽن ميمبرن ٻڌل جاچ ڪميٽي پاران جوڙيل اهڙي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ چيف سيڪريٽري وٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ واضح طور تي ڄاڻايو ويو آهي ته ايس پي ايس سي جي آفيسرن محمد عمر زنئور، اعجاز جعفري، فاروق نور ۽ سليڪشن ڪميٽي هن بدعنواني ۾ ملوث آهي، پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هن وقت تائين انهن ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ بجاءِ کين وڏن عهدن تي رکيو ويو آهي ۽ اينٽي ڪرپشن کي لکڻ باوجود انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ ڪميٽي پاران هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جيڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿي وڃي ته ايڏي وڏي بدعنواني ۾ ملوث آفيسر ابتا ٽنگجي ويندا، پر ايئن ٿيندي نظر نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته کين وڏن بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪميٽي ري ڪاسٽ رزلٽ ۾ اها تجويز ڏني آهي ته لکت ۾ امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کان ٻيهر انٽرويوز ورتا وڃن ته جيئن ميرٽ ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ عوامي آواز کي ذريعن کان وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2003ع جي امتحانن ۾ جعلي مارڪن وسيلي پاس ٿيندر ايس پي ايس سي جي اڳوڻي چيئرمين محمد حسن ڀٽو جو پٽ ايان مصطفى ڀٽو گهرو کاتي ۾ اهم پوسٽ تي مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته اڳوڻي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي ويجهو عزيز نور محمد کيڙو جو پٽ شعيب احمد کيڙو انگلش هسٽري پيرڊ ٽو، اسلامڪ هسٽري پيرڊ ون سميت 4 سبجيڪٽن ۾ فيل ٿيو، تنهن هوندي به کيس پاس ڪري نوڪري ڏني وئي. ان کانسواءِ سکر جي ڪمشنر عبدالغفار سومرو جو پٽ فواد غفار اردو مضمون، جنرل پيپر اردو ۽ انٽرنيشنل رليشن ۾ فيل ٿيڻ باوجود کيس سليڪٽ ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌي مضمون ۾ 5 مارڪن جنرل ناليج واري پرچي ۾ 3 مارڪن تان لکت ۾ واري امتحان ۾ فيل ٿيل ميمونا شاهه کي پڻ سيڪشن آفيسر بڻايو ويو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ٿيل بدعنواني جي حوالي سان 25 جون 2012ع تي ايم پي اي نجم الدين ابڙو پاران سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ ان وقت جي اينٽي ڪرپشن جي وزير عبدالحق ڀرٽ اسيمبلي جي فلور تي جواب ۾ چيو هو ته اينٽي ڪرپشن پاران غيرقانوني طور تي پاس ٿيل اميدوار ۽ ايس پي ايس سي جي عملي سميت 55 ڄڻن تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، پر هن اهو نه ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ايس پي ايس سي جي ڪنٽرولر عمر زنئور، ايڊيشنل ڪنٽرولر اعجاز جعفري ۽ محمد حسن ڀٽو تي اينٽي ڪرپشن حيدرآباد سٽي ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر جي او 2009/8 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو پر جوابدار بااثر هئڻ ڪري انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.

    (عوامي آواز جي ٿورن سان)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وٽ ته هاڻي شايد ڪو اهڙو ادارو بچيو هجي جنهن لاء چئجي ته اتي ماڻهو چٽا ڀيٽي ذريعي اچن ٿا۔

    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ارباب دور ۾ پنهنجي ساک بري طرح وڃائي هئي ۽ پوء اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي۔ بلڪه اڃان وڌيڪ چوٽ چڙهيو آهي۔ نتيجي ۾ نوجوان مايوس آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    ادا سليمان صاحب اسان ڪهڙو ٻين کي ڏوهه ڏيون! اسان جا پنهنجا رئيس وڏيرا سياستدان مالدار ماڻهو آهن جن کي اسان هٿ وٺي اڳتي ڪندا آهيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو