
گوگل هونئن ته ٽيڪنالاجي خاص ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ورتي آهي، خاص ڪري سندس مفت سروسز ۽ ڪيئي سهولتن مان اسان به فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون۔
گوگل پنهنجي مد مقابل ايپل جي مقابلي ۾ هاڻي سستي ڪروم ڪاسٽ ڊوائس جي نالي سان نئين ٽي وي سروس شروع ڪري ڏني آهي۔ اهن ڊوائيس کي ٽيليويزن جي ايڇ ڊي ايم آءِ پورٽ ۾ لڳائڻ کانپوءِ ٽي وي تي يوٽيوب ۽ نيٽ فليڪس کان سڌو سنئون وائرليس انٽرنيٽ ذريعي وڊيو ڏسي سگهجن ٿيون. هن ڊيوائس کي آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جي شروعاتي قيمت 35 ڊالر آهي. هي سروس اڃان ٻين ملڪن ۾ شروع ناهي ڪئي وئي۔
ياد رهي ته ان کان اڳ 2010ع ۾ گوگل سوني سان گڏ هڪ سيٽ باڪس ٺاهي ٽي وي دنيا ۾ داخل ٿي هئي پر مهناگي هجڻ سبب ان کي ڪاميابي ملي نه سگهي۔ 2010ع ۾ به گوگل ٽي سروس شروع ڪئي هئي پر ان سروس کي به مختلف ملڪن ۾ بلاڪ ڪيو ويو هو۔
گوگل وارن کي يقين آهي ته هي نئين ڊونگل ڊوائس سروس گهڻي ڪاميابي حاصل ڪندي۔ ان جو هڪ سبب ڊونگل ڊوائس جو سستو هجڻ به آهي۔