• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوگل جي نئين ٽي وي سروس

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jAbxadLZGorkv.jpg

گوگل هونئن ته ٽيڪنالاجي خاص ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري ورتي آهي، خاص ڪري سندس مفت سروسز ۽ ڪيئي سهولتن مان اسان به فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون۔

گوگل پنهنجي مد مقابل ايپل جي مقابلي ۾ هاڻي سستي ڪروم ڪاسٽ ڊوائس جي نالي سان نئين ٽي وي سروس شروع ڪري ڏني آهي۔ اهن ڊوائيس کي ٽيليويزن جي ايڇ ڊي ايم آءِ پورٽ ۾ لڳائڻ کانپوءِ ٽي وي تي يوٽيوب ۽ نيٽ فليڪس کان سڌو سنئون وائرليس انٽرنيٽ ذريعي وڊيو ڏسي سگهجن ٿيون. هن ڊيوائس کي آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جي شروعاتي قيمت 35 ڊالر آهي. هي سروس اڃان ٻين ملڪن ۾ شروع ناهي ڪئي وئي۔

ياد رهي ته ان کان اڳ 2010ع ۾ گوگل سوني سان گڏ هڪ سيٽ باڪس ٺاهي ٽي وي دنيا ۾ داخل ٿي هئي پر مهناگي هجڻ سبب ان کي ڪاميابي ملي نه سگهي۔ 2010ع ۾ به گوگل ٽي سروس شروع ڪئي هئي پر ان سروس کي به مختلف ملڪن ۾ بلاڪ ڪيو ويو هو۔

گوگل وارن کي يقين آهي ته هي نئين ڊونگل ڊوائس سروس گهڻي ڪاميابي حاصل ڪندي۔ ان جو هڪ سبب ڊونگل ڊوائس جو سستو هجڻ به آهي۔
 
سائين اسلام عليڪم

ادا وعليڪم سلام

سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت تي تعارف ڪيئن شيئر ڪجي، سنڌ سلامت تي پنهنجو مواد ۽ تصويرون ڪيئن موڪلجن، ان باري ۾ اوهان سنڌ سلامت فورم جي سکيا جو ڀيرو ڀريو۔


سنڌ سلامت تي تصوير اپلوڊ ڪرڻ جو طريقو


سنڌ سلامت تي موضوع موڪلڻ هاڻي بلڪل آسان
 
سائين گوگل وارن ته الائي ڇا ڇا ايجاد ڪيو آهي پر اهي مهانگا ٿا ڏين
بحرحال سٺي ايجاد آهي گوگلن وارن جي
 
Back
Top