توهان جيڪڏهن مختلف آفيسن جو وزٽ ڪيو هجي ته توهان کي ڪمپيوٽر مانيٽر تي يادگيري واري چٽون ته لڳل ضرور ڏٺيون هونديون۔۔۔۔ مون ته اهڙين ڦڪي رنگ وارين چٽن سان پنهنجو مانيٽر ڀري ڇڏيو آهي ۔۔۔۔ ڇا ڪجي جو ڪا ڳالهه ياد ئي نه ٿي رهي۔۔۔۔
اچانڪ منهنجي صاحب منهنجي آفيس جو دورو ڪيو ته مانيٽر جو اهڙو حشر ڏسي ڪافي دير تائين کلندو رهيو۔۔۔ مون کي پڻ شرمندگي محسوس ٿي۔۔۔
پر گوگل تي سرچ ڪرڻ سان آخر ڪار مون کي اهڙو ٽول ملي ئي ويو ۔۔۔۔ سوچيم سنگت کي به ڏسيان۔۔۔۔
هي آهي مفت جو سافٽويئر Sticker Lite جنهن جي ذريعي توهان لاجيڪلي اهڙيون رنگين چٽون بڻائي ڊيسڪٽاپ تي لڳائي سگهو ٿا۔۔۔ اهو طريقو ڪم کي ياد رکڻ جو بهترين عمل آهي۔۔۔
هي سافٽويئر انسٽال ٿيڻ کان پوءِ سسٽم ٽري (جتي گهڙي ٿيندي آهي) تي آئڪان جي صورت ۾ هوندو آهي جتي ڪلڪ ڪري پروگرام لانچ ڪيو۔۔۔ توهان هڪ ئي وقت ۾ 10 مختلف رنگن وارين چٽن تي پنهنجا ڪم لکي سگهو ٿا۔۔۔ چٽ تي تاريخ ۽ وقت به ڏئي سگهو ٿا۔۔۔ ۽ ياد ڪرائڻ لاءِ ان تي وقت سيٽ به ڪري سگهو ٿا۔۔۔ چاهيو ته چٽ جي زندگي جو وقت به مقرر ڪري سگهو ٿا جنهن کان پوءِ چٽ پاڻ مرادو ختم ٿي ويندي۔۔۔
چاهيو ته سيٽنگ ۾ وڃي فونٽ ۽ چٽ جو رنگ به تبديل ڪريو ۔۔۔ ۽ چاهيو ته پنهنجي لاءِ لکيل چٽ ڪنهن دوست کي ميل ڪري ڇڏيو۔۔۔
هن زبردست سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔