ڪم کي ياد رکڻ جو دلچسپ طريقو۔۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جيڪڏهن مختلف آفيسن جو وزٽ ڪيو هجي ته توهان کي ڪمپيوٽر مانيٽر تي يادگيري واري چٽون ته لڳل ضرور ڏٺيون هونديون۔۔۔۔ مون ته اهڙين ڦڪي رنگ وارين چٽن سان پنهنجو مانيٽر ڀري ڇڏيو آهي ۔۔۔۔ ڇا ڪجي جو ڪا ڳالهه ياد ئي نه ٿي رهي۔۔۔۔
    اچانڪ منهنجي صاحب منهنجي آفيس جو دورو ڪيو ته مانيٽر جو اهڙو حشر ڏسي ڪافي دير تائين کلندو رهيو۔۔۔ مون کي پڻ شرمندگي محسوس ٿي۔۔۔
    پر گوگل تي سرچ ڪرڻ سان آخر ڪار مون کي اهڙو ٽول ملي ئي ويو ۔۔۔۔ سوچيم سنگت کي به ڏسيان۔۔۔۔
    هي آهي مفت جو سافٽويئر Sticker Lite جنهن جي ذريعي توهان لاجيڪلي اهڙيون رنگين چٽون بڻائي ڊيسڪٽاپ تي لڳائي سگهو ٿا۔۔۔ اهو طريقو ڪم کي ياد رکڻ جو بهترين عمل آهي۔۔۔

    [​IMG]

    هي سافٽويئر انسٽال ٿيڻ کان پوءِ سسٽم ٽري (جتي گهڙي ٿيندي آهي) تي آئڪان جي صورت ۾ هوندو آهي جتي ڪلڪ ڪري پروگرام لانچ ڪيو۔۔۔ توهان هڪ ئي وقت ۾ 10 مختلف رنگن وارين چٽن تي پنهنجا ڪم لکي سگهو ٿا۔۔۔ چٽ تي تاريخ ۽ وقت به ڏئي سگهو ٿا۔۔۔ ۽ ياد ڪرائڻ لاءِ ان تي وقت سيٽ به ڪري سگهو ٿا۔۔۔ چاهيو ته چٽ جي زندگي جو وقت به مقرر ڪري سگهو ٿا جنهن کان پوءِ چٽ پاڻ مرادو ختم ٿي ويندي۔۔۔
    چاهيو ته سيٽنگ ۾ وڃي فونٽ ۽ چٽ جو رنگ به تبديل ڪريو ۔۔۔ ۽ چاهيو ته پنهنجي لاءِ لکيل چٽ ڪنهن دوست کي ميل ڪري ڇڏيو۔۔۔


    هن زبردست سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪم کي ياد رکڻ جو دلچسپ طريقو۔۔۔۔

    سائين تمام بهترين ڳالهه ڪئي اٿوَ اڄ ڪلهه جي دور ۾ حافظو وڃي ٿو ڪمزور ٿيندو ليڪن اوهان جهڙا پيارا ساٿ ۾ هوندا ته اهڙيون ٽِڪون ڏسي ان نقص کي به حتي الامڪان پوري ڪرڻ ۾ مدد ملندي رهندي۔ الله تعالي توهان کي سلامت رکي۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪم کي ياد رکڻ جو دلچسپ طريقو۔۔۔۔

    ادا سائين اهو ته توهان تمام سٺو سافٽ ويئر شيئر ڪيو آهي.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪم کي ياد رکڻ جو دلچسپ طريقو۔۔۔۔

    سائين سافٽ ويئر ته تمام بهترين آهي پر ڇو نه اسان سائين حڪيم محمد يوسف کتري کي حافظي تيز ڪرڻ لا۽ درخواست ڪيون ته سنگت سان ڪو اهڙو نسخو شيئر ڪري جنهن سان حافظي ۾ تيزي اچي


    لاجواب سافٽ ويئر آهي ادا رشيد

    بهترين
     
  5. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: ڪم کي ياد رکڻ جو دلچسپ طريقو۔۔۔۔

    محترم ادا رشيد صاحب !!
    سنگت لاءِ تمام لاجواب سافٽويئر ونڊ ڪيو اٿوءَ مونکي اهڙي قِسم جي سافٽويئر جي ڳولا هئي
    سا اوهانجي ٿورن سان پوري ٿي اهڙي بهترين ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا لک قُرب
    ســـــــدا آبـــاد هـــجو ثـــــم آمــيـن۔


    ســـــنڌ ســــــلامت ســــاٿ ســـــلامت
     
  6. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ڪم کي ياد رکڻ جو دلچسپ طريقو۔۔۔۔

    واه اڙي سوپر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو