26 July 2013 at 15:43 عبدالرشيد انصاري لاڙڪاڻو ڪوشش 26 جولاءِ 2013ع سائين! توهان سنڌ جا بزرگ قوم پرست اڳواڻ آهيو ۽ ساڳئي وقت توهان کي اهو به شرف حاصل آهي ته توهان “ٽين دنيا” جا دانشور به آهيو، مان ڊگھي عرصي کان توهان جو پرستار رهيو آهيان ۽ خاص طور تي توهان جون لکڻيون پڙهيون اٿم، انهن لکڻين ۽ اوهان جي اڄلڪهه جي ڳالهين ۾ تمام وڏو فرق آهي. جسمم جي ڪجهه سابقه دوستن توهان جي پارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي، توهان کي مبارڪون هجن پر هاڻ اهو جيئي سنڌ جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي ته پارٽيون مٽائي ٻين پارٽين ۾ وڃجي ۽ پوءِ ڪجهه به نه ..........!ـ خير! مان ڪنهن تي الزام هڻڻ نٿو چاهيان پر ڇا اهي دوست جيڪي جسمم ۾ رهيا ۽ اڄ توهان جي سٿ جا ساٿي بڻجي ويا آهن، سي ايترو ٻڌائي سگھن ٿا ته انهن جسمم کي الوداع ڇو ڪيو آهي؟ ۽ انهن سنڌي نوجوانن کي جيڪي خواب ڏيکاريا، انهن جي تعبير کان اڳ انهن کي رتورت ڇو ڪيو ڪيو آهي؟ ۽ ڇا توهان اهو ٻڌائي سگھو ٿا ته انهن دوستن کي ڪهڙي بنياد تي قبول ڪيو ويو آهي؟ مڃون ٿا ته اهي پراڻا قومي ڪارڪن آهن پر جسمم جي جدوجهد جو جيڪو رنگ آهي، ان ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي شامل ڪري پوءِ پاڻ وري پاسيرو ٿي وڃجي ته ڀلا! اها ڪهڙي قوم دوستي ٿي سگھي ٿي؟ـ منهنجو بحث ته اهو به ناهي پر ان موقعي تي ڊگھڙي ۾ توهان جيڪي “گوهر افشانيون” ڪيون، اهي اخبارن ذريعي اسان پڙهيون آهن. توهان فرمايو آهي ته “اڄڪلهه سائين جي ايم سيد ۽ آجپي جي نالي تي سنڌ جي نوجوانن کي گمراهه ڪري ڏوهاري بڻايو پيو وڃي. ان عمل کي روڪڻو پوندو. سنڌ کي مدبر قيادت جي ضرورت آهي جيڪا قوم کي بچائي سگھي ٿي”. سوال اهو آهي ته اوهان کان وڌيڪ مدبر ڪير ٿي سگھي ٿو؟ جنهن تي سائين جي ايم سيد وڏو اعتماد ڪيو پر ڇا اوهان ان اعتماد تي پورا لٿا آهيو ۽ قوم کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيو؟ هاڻ اوهان عمر جي اهڙي ڏاڪي تي آهيو، جنهن تي اعتبار ڪجهه گھٽ ڪري سگھجي ٿو. پوءِ ڇا هاڻ به اوهان انهن ماڻهن جا نالا نٿا ٻڌائي سگھو جيڪي سنڌ ۽ سيد جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي ڏوهار بڻائي رهيا آهن؟؟ قومي تحريڪ جي اڪثر ڪارڪنن جو اهو خيال آهي ته سائين جي ايم سيد جيڪا زميواري اوهان جي مٿان رکي ويو، سا توهان نڀائي نه سگھيا آهيو ۽ هاڻ توهان کي هر ڳالهه ۾ سازش نظر ٿي اچي. جيڪڏهن هن موقعي تي به اوهان اهڙن سازشي ماڻهن کي وائکو نه ڪيو ۽ نالا کڻي قوم کي نه ٻڌايا، جيڪي سنڌ نوجوانن کي ڏوهاري بڻائي رهيا آهن ته منهنجي نظر ۾ اها به هڪ سازش ئي هوندي. گستاخي معاف ڪجو! پر هاڻ قومي ڪارڪنن وٽ ڪنهن به غلطيءَ جي گنجائش باقي ناهي، ان ڪري اوهان سان مخاطب ٿيڻ جي خطا ڪئي آهي. ـ
زبردست ادا باغي۔۔اهڙا خط هر ان ليڊر ڏانهن لکڻ گهرجن جيڪي اسان جي قوم جي اڳواڻِي ته ڪن پيا پر انهن وٽ ڪا راهه، ڪو منزل تي پهچڻ جو موثر طريقو نه آهي۔ بس فضول سنڌ جي نوجوانن کي گمراهه ڪري پنهنجي دڪان کي ڄمائڻ ۾ مصروف آهن۔۔۔۔
ادا ممتاز اڄ جي نوجوان قومي ڪارڪنن کي کپي ته پنهنجي ليڊرن کان انهن جي ڪارڪرگي بابت هر مهيني سوال ڪن ۽ ڪارڪردگي رپورٽ وٺن ۽ پنهنجن ليڊرن جو احتساب ڪن ته ڪلهه توهان وٽ ڪرايو نه هو اڄ لينڊ ڪروزر ڪٿان آئي؟؟ڪلهه توهان وٽ ڳوٺ ۾ ڀوگي نه هئي اڄ توهان وٽ ڪراچي جهڙي مهانگي شهر ۾ بنگلا ڪٿان آيا؟؟پوء ئي ڪا وڃي اسان جي راهه نڪرندي نه ته بس۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اليڪشن دوران هڪ عجيب خبر پڙهي هئم ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون پاڪستان ۾ آهن۔ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ملڪن کان به وڌيڪ سياسي پارٽيون هن ملڪ ۾ آهن۔۔اها خبر پڙهندي اهو احساس ٿيو ته هتي جو عوام انهن سياسي پارٽين کي ڪيئن نه پالي نپائي وڏو ڪرڻ ۾ پورو آهي۔ اڄ ان جو ئي نتيجو آهي جو عوامي نمائنده سڏائيندڙ اهي نام نهاد سياسي ليڊر ۽ اهم ڪارڪن پنهنجي پنهنجي سياسي پارٽي کي روزگار جو ذريعو سمجهن ٿا۔بد قسمتي سان اسان جا اڪثر ليڊر حرام کائو ليڊر آهن۔ ڪڏهن به محنت ۽ حق حلال جي ڪمائي سندن پيٽن ۾ نه وئي آهي ڇو جو اهي نسل در نسل ليڊر آهن۔ يعني نسل در نسل ڪرپٽ۔۔۔!! اڄ سياست پاڪستان جو هڪ فائيديمند ڪاروبار بڻجي چڪو آهي۔ ليڊرن وٽ هاڻ ايترو مال ملڪيت گڏ ٿي چڪو آهي جو ڪيترن ليڊرن جا ته ٻاهرين ملڪن ۾فليٽ، ريسٽورنٽ ۽ دڪان ۽ پلازه به آهن۔۔!!!
تمام سٺو خط ۽ اهم سوال اٿاريل آهن۔ اسان جا اڳواڻ پنهنجي موقف کي بدلائڻ جي وضاحت به ڪن ۽ پارٽين مٽائڻ بابت بهٻڌائيندا رهن ته سبب ڪهڙا آهن۔ اهو سلسلو اتي ختم ٿيڻ نه گهرجي پر هر جلسي ۽ گڏجاڻين ۾ هر پارٽي جا ڪارڪن پنهنجي اڳواڻن کان سوال جواب ڪندا رهن۔
اسا سليمان اسان وٽ احتساب آهي ئي ڪونه هر ڪو پيو پنهنجي ليڊر جيون خوبيون بيان ڪندو ڪير به ڪنهن جي خراب پهلو تي ڳالهائڻ لئه تيار ناهي۔۔۔اهو عمل اسان کي قومي شعور طور ڪمزور ڪري رهيو آهي۔۔۔