باغي عليم
سينيئر رڪن
26 July 2013 at 15:43
عبدالرشيد انصاري
لاڙڪاڻو
ڪوشش 26 جولاءِ 2013ع
سائين! توهان سنڌ جا بزرگ قوم پرست اڳواڻ آهيو ۽ ساڳئي وقت توهان کي اهو به شرف حاصل آهي ته توهان “ٽين دنيا” جا دانشور به آهيو، مان ڊگھي عرصي کان توهان جو پرستار رهيو آهيان ۽ خاص طور تي توهان جون لکڻيون پڙهيون اٿم، انهن لکڻين ۽ اوهان جي اڄلڪهه جي ڳالهين ۾ تمام وڏو فرق آهي. جسمم جي ڪجهه سابقه دوستن توهان جي پارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي، توهان کي مبارڪون هجن پر هاڻ اهو جيئي سنڌ جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي ته پارٽيون مٽائي ٻين پارٽين ۾ وڃجي ۽ پوءِ ڪجهه به نه ..........!ـ
خير! مان ڪنهن تي الزام هڻڻ نٿو چاهيان پر ڇا اهي دوست جيڪي جسمم ۾ رهيا ۽ اڄ توهان جي سٿ جا ساٿي بڻجي ويا آهن، سي ايترو ٻڌائي سگھن ٿا ته انهن جسمم کي الوداع ڇو ڪيو آهي؟ ۽ انهن سنڌي نوجوانن کي جيڪي خواب ڏيکاريا، انهن جي تعبير کان اڳ انهن کي رتورت ڇو ڪيو ڪيو آهي؟ ۽ ڇا توهان اهو ٻڌائي سگھو ٿا ته انهن دوستن کي ڪهڙي بنياد تي قبول ڪيو ويو آهي؟ مڃون ٿا ته اهي پراڻا قومي ڪارڪن آهن پر جسمم جي جدوجهد جو جيڪو رنگ آهي، ان ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي شامل ڪري پوءِ پاڻ وري پاسيرو ٿي وڃجي ته ڀلا! اها ڪهڙي قوم دوستي ٿي سگھي ٿي؟ـ
منهنجو بحث ته اهو به ناهي پر ان موقعي تي ڊگھڙي ۾ توهان جيڪي “گوهر افشانيون” ڪيون، اهي اخبارن ذريعي اسان پڙهيون آهن. توهان فرمايو آهي ته “اڄڪلهه سائين جي ايم سيد ۽ آجپي جي نالي تي سنڌ جي نوجوانن کي گمراهه ڪري ڏوهاري بڻايو پيو وڃي. ان عمل کي روڪڻو پوندو. سنڌ کي مدبر قيادت جي ضرورت آهي جيڪا قوم کي بچائي سگھي ٿي”. سوال اهو آهي ته اوهان کان وڌيڪ مدبر ڪير ٿي سگھي ٿو؟ جنهن تي سائين جي ايم سيد وڏو اعتماد ڪيو پر ڇا اوهان ان اعتماد تي پورا لٿا آهيو ۽ قوم کي بچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيو؟ هاڻ اوهان عمر جي اهڙي ڏاڪي تي آهيو، جنهن تي اعتبار ڪجهه گھٽ ڪري سگھجي ٿو. پوءِ ڇا هاڻ به اوهان انهن ماڻهن جا نالا نٿا ٻڌائي سگھو جيڪي سنڌ ۽ سيد جي نالي تي نوجوانن کي ورغلائي ڏوهار بڻائي رهيا آهن؟؟ قومي تحريڪ جي اڪثر ڪارڪنن جو اهو خيال آهي ته سائين جي ايم سيد جيڪا زميواري اوهان جي مٿان رکي ويو، سا توهان نڀائي نه سگھيا آهيو ۽ هاڻ توهان کي هر ڳالهه ۾ سازش نظر ٿي اچي. جيڪڏهن هن موقعي تي به اوهان اهڙن سازشي ماڻهن کي وائکو نه ڪيو ۽ نالا کڻي قوم کي نه ٻڌايا، جيڪي سنڌ نوجوانن کي ڏوهاري بڻائي رهيا آهن ته منهنجي نظر ۾ اها به هڪ سازش ئي هوندي. گستاخي معاف ڪجو! پر هاڻ قومي ڪارڪنن وٽ ڪنهن به غلطيءَ جي گنجائش باقي ناهي، ان ڪري اوهان سان مخاطب ٿيڻ جي خطا ڪئي آهي. ـ