اسلام عليڪم دوستو! دوستو خبر ناهي ڇو منهنجي ڪمپيوٽر جو سي ڊي روم غائب ٿي ويو آهي ، جنهن سبب آئون ڪا به سي ڊي نه پيو هلائي سگهان مون وٽ ونڊوز ايڪس پي لڳل آ ، مهرباني ڪري ان جو حل ڏسيندا ۔
پهريان ته اهو چيڪ ڪريو ته توهان جي سي ڊي رام ڪمپيوٽر جي مدر بورڊ سان درست طريقي سان ڳنڍيل به آهي يا نه۔۔۔ ان کان علاوه اهو به جانچ ڪريو ته سندس ڊيٽا ڪيبل ۾ رڳو سي ڊي رام ڳنڍيل آهي يا هارڊ ڊسڪ به ساڳي ڊيٽا ڪيبل سان ڳنڍيل آهي۔۔ جي هارڊ ڊسڪ به ڳنڍيل آهي ته انهن جي جمپر سيٽنگ کي درست ڪريو۔۔۔ جي مٿين ٻنهي ڳالهين کان مطمئن آهيو ته مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ ذهن ٺاهيو جو ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ توهان کي رجسٽري ۾ ڪجهه تبديلي ڪرڻي پوندي۔۔۔ (جيئن ته ڪم نازڪ آهي ان ڪري احتياط سان ڪجو ۔۔۔ ٻي صورت ۾ ونڊوز به خراب ڪري سگهو ٿا۔۔۔) سڀ کان پهريان Start تي ڪلڪ ڪري ” Run “ پروگرام کوليو جتي REGEDIT لکي ڪيبورڊ تان انٽر پريس ڪريو۔۔۔۔ توهان اڳيان رجسٽري ايڊيٽر کلي ايندو۔۔۔ هتان کاٻي پاسي موجود لسٽ مان هيٺين فولڊرس کي انهن جي اڳيان موجود پلس (+) جي نشان تي ڪلڪ ڪندا کوليندا وڃو۔۔۔ HKEY_LOCAL_MACHINE SYSTEM CurrentControlSet Control Class {4D36E965-E325-11CE-BFC1-08002BE10318} آخري فولڊر تي ڪلڪ ڪريو جيڪو دراصل سي ڊي يا ڊي وي ڊي روم جي سيٽنگ بابت آهي۔۔۔ هاڻي ان جي سامهون ساڄي پاسي موجود ڪيز تي نظر وجهو ۽ ڏسو ته انهن ڪيز ۾ هيٺين ڪيز مان ڪا هڪ يا وڌيڪ ڪيز ته موجود ناهن۔۔۔۔۔ UpperFilters LowerFilters UpperFilters.bak LowerFilters.bak جي موجود ملن ته انهن تي مائوس سان سڄي پاسي ڪلڪ ڪري ڊيليٽ ڪريو۔۔۔ ونڊوز کي بند ڪريو ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ اميد ته ونڊوز جي کلي اچڻ سان هن دفعي سي ڊي جو آئڪان موجود ملندو۔۔۔
سائين لک قرب جواب ڏيڻ جا۔۔۔۔ سائين رجسٽري وارو طريقي تي ته ڪم ڪونه ٿو ٿئي ، هاڻ ڏسون ته مدر بورڊ سان لڳل به آهي يا نه