سي ڊي روم آئڪان غائب ٿي ويو

عبدالعزيز سمون

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو!
دوستو خبر ناهي ڇو منهنجي ڪمپيوٽر جو سي ڊي روم غائب ٿي ويو آهي ، جنهن سبب آئون ڪا به سي ڊي نه پيو هلائي سگهان مون وٽ ونڊوز ايڪس پي لڳل آ ، مهرباني ڪري ان جو حل ڏسيندا ۔
 
پهريان ته اهو چيڪ ڪريو ته توهان جي سي ڊي رام ڪمپيوٽر جي مدر بورڊ سان درست طريقي سان ڳنڍيل به آهي يا نه۔۔۔ :)
ان کان علاوه اهو به جانچ ڪريو ته سندس ڊيٽا ڪيبل ۾ رڳو سي ڊي رام ڳنڍيل آهي يا هارڊ ڊسڪ به ساڳي ڊيٽا ڪيبل سان ڳنڍيل آهي۔۔ جي هارڊ ڊسڪ به ڳنڍيل آهي ته انهن جي جمپر سيٽنگ کي درست ڪريو۔۔۔:)
جي مٿين ٻنهي ڳالهين کان مطمئن آهيو ته مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ ذهن ٺاهيو :) جو ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ توهان کي رجسٽري ۾ ڪجهه تبديلي ڪرڻي پوندي۔۔۔ (جيئن ته ڪم نازڪ آهي ان ڪري احتياط سان ڪجو ۔۔۔ ٻي صورت ۾ ونڊوز به خراب ڪري سگهو ٿا۔۔۔:))
سڀ کان پهريان Start تي ڪلڪ ڪري ” Run “ پروگرام کوليو جتي REGEDIT لکي ڪيبورڊ تان انٽر پريس ڪريو۔۔۔۔ توهان اڳيان رجسٽري ايڊيٽر کلي ايندو۔۔۔
هتان کاٻي پاسي موجود لسٽ مان هيٺين فولڊرس کي انهن جي اڳيان موجود پلس (+) جي نشان تي ڪلڪ ڪندا کوليندا وڃو۔۔۔
HKEY_LOCAL_MACHINE
SYSTEM
CurrentControlSet
Control
Class
{4D36E965-E325-11CE-BFC1-08002BE10318}
آخري فولڊر تي ڪلڪ ڪريو جيڪو دراصل سي ڊي يا ڊي وي ڊي روم جي سيٽنگ بابت آهي۔۔۔ هاڻي ان جي سامهون ساڄي پاسي موجود ڪيز تي نظر وجهو ۽ ڏسو ته انهن ڪيز ۾ هيٺين ڪيز مان ڪا هڪ يا وڌيڪ ڪيز ته موجود ناهن۔۔۔۔۔
UpperFilters
LowerFilters
UpperFilters.bak
LowerFilters.bak

2012-02-13_060647_regedit-dvd.jpg

جي موجود ملن ته انهن تي مائوس سان سڄي پاسي ڪلڪ ڪري ڊيليٽ ڪريو۔۔۔ ونڊوز کي بند ڪريو ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ اميد ته ونڊوز جي کلي اچڻ سان هن دفعي سي ڊي جو آئڪان موجود ملندو۔۔۔ :)
 
Back
Top