چاچو حفيظ قريشي : سنڌ جو سچو وڪيل
جميل گاد
سنڌ جي ثقافتي شهر هالا جو رهواسي ايڊووڪيٽ حفيظ قريشي، جنهن کي جيئي سنڌ جا نوجوان ”چاچو حفيظ“ ڪري سڏيندا هئا. حفيظ قريشي سائين جي ايم سيد جو گِهرو پر حجتي دوست هيو، هُو خوددار بيباڪ، بي ڊپو، معتبر، ڏاهو، مقرر، مدبر، قانون دان، قوم دوست، عاشقِ سيد ۽ سنڌ هُيو، پاڻ پيشي جي لحاظ کان وڪيل هيو، ان ڪري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کان وٺي عام جلسن تائين هو خطاب ۾ سنڌ جو ڪيس اهڙو وڙهندو هو جو حفيظ قريشي جي وڇوڙي کان هِن مهل تائين سنڌ جو اهڙو سچو ۽ کرو وڪيل پيدا ناهي ٿي سگهيو. حفيظ قريشي کي اردو ڳالهائيندڙن جي تعصب پرست طبقي تي ڏاڍي چڙ هوندي هئي، چوندو هو ته آئون پنجاهه سالن کان حيدرآباد جي ريشم گهٽي اندر رهائش پذير آهيان اهي ڪڏهن به سنڌين سان سچا ڪو نه ٿيندا. ان ڪري حفيظ قريشي جڏهن به تقرير ڪندو هو ته پاڻ پنجاب جي ڏاڍاين سان گڏ اردو آبادي جي تعصب پرست طبقي جي منافقين کي به سختي سان ننديندو هيو، جنهن ڪري هڪ ڀيرو سن ۾ سائين جي ايم سيد جي موجودگي ۾ سالگرهه جي تقريب دوران ڪراچي سان واسطو رکندڙ اردو ڳالهائيندڙن جو آيل هڪ نمائندو علي مختار رضوي سخت ڪاوڙجي پيو هو.
1988ع ۾ حيدر منزل ڪراچي تي جنگ اخبار سميت مختلف اردو اخبارن جا نمائنده سائين جي ايم سيد کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ آيا هئا ته ان دوران اردو اخبارن جي رپورٽرن سان رسمي ڪچهري ڪندي حفيظ قريشي اردو ميڊيا وارن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”هم سنڌي انتي سادي هين ڪَي سچ ڪو ڀي سچ ثابت نهين ڪر سڪتي، ليڪن آپ اردو ميڊيا والي اتني چالاڪ هو ڪه جهوت ڪو ڀي سچ ڪر ليتي هو“
حفيظ قريشي حساس دل وري ايترو هيو جو ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۽ سنڌين جي حالت تي روئي پوندو هو. تقريرن ۾ مثال طور ڪي عجيب ڳالهيون ڪندو هو، جنهن مان ڪنهن ڳالهه تي نوجوان بي اختيار ٿي ٽهڪ ڏيڻ لڳندا هئا ته کيس اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ اهڙي حالت ۾ نوجوانن کي چوندو هو ته ”کِلو کِلو اڃا ڪاٿي آ، اڃا اوهان کي ته نُهُنڊ به ناهي آئي، پر آئون ڏسان پيو اوهان سنڌين مٿان اهڙا مشڪل ڏينهن اچڻ وارا آهن جو اوهان جا پرڪار ڏسي مستقبل ۾ اوهان مون کي رڳو رئندي نظر ٿا اچو“.
سدائين سادا ڪپڙا ۽ بغير جورابن جي بوٽ پائيندڙ ۽ اڌ تقرير انگريزي ۾ ڪندڙ حفيظ قريشي جي سائين جي ايم سيد تمام گهڻي عزت ڪندو هو، ڪوشش ڪندي سندس ڪنهن ڳالهه کي رَدِ نه ڪندو هو. سائين جي ايم سيد جي 1989ع واري اتر سنڌ جي دوري دوران جڏهن شڪارپور جي خانپور شهر ۾ سائين جي استقبال لاءِ ڪجهه ڪارڪنن ڌڙاڌڙ فائرنگ شروع ڪئي ۽ اڳواڻن جي روڪڻ باوجود هُو نه پئي مُڙيا ته سائين جي ايم سيد سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو هو، ڇو ته سيدُ عدم تشدد جو حامي هيو ۽ هروڀرو جي هٿيارن جي نمائش وغيره جي سخت خلاف هيو، ان ڪري هزارين ماڻهن جي جلسي ۾ سائين جي ايم سيد جلسي ۾ تقرير ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو هو. ڪيترن ئي اڳواڻن سيدَ کي چيو ته ڇوڪرا نادان آهن مهرباني ڪري اوهان تقرير ڪيو پر سائين ڪنهن جو به چيو نه مڃيو نه آريسر جو نه جکراڻي جو!: اتي به جڏهن نوجوانن جي چاچي حفيظ قريشي سائين کي عرض ڪيو تڏهن سائين جي ايم سيد خطاب شروع ڪيو ۽ ڪارڪنن کي تاڪيد ڪندي چيو ته ”اوهان شاهه لطيف ڀٽائي جهڙي مهذب انسان جي قوم آهيو، ان ڪري اوهان کي اهو نه ٿو سونهين ته جنهن شهر مان گذرون ۽ جتي به جلسو ڪيون اوهان اتي هٿيارن سان ٺش ٺش ڪندا وَتو. ”سائين جي ايم سيد خطاب دوران پختون خواه جي پاسي جو واقعو ٻُڌايو ته“ هڪ ڀيري اسين پشاور خان غفار خان وٽ وياسين ته اتي اسان جي پڄڻ شرط پٺاڻن اسان جي استقبال ۾ هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا، جڏهن کانئن مون پڇيو ته اهو ڪهڙو رواج آهي ته اڳواڻن جواب ڏنو ته انگريزن جي حڪومت ۾ جڏهن ڪو وڏو ماڻهو يا ليڊر ايندو هو ته اُن کي توبن جي سلامي ڏني ويندي هئي، ان کي ڏسي هاڻي اسان وري پنهنجن معزز مهمانن جي آمد تي ان کي هٿيارن سان سلامي ڏيندا آهيون ته مُون خدائي خدمتگار خان غفار خان کي چيو ته خان صاحب هي ڪهڙو طريقو آهي؟ خان غفار خان ويچارگي سان جواب ڏنو ته سائين ماڻهن کي روڪيون ٿا ته به مُڙن ئي ڪو نه ٿا! سو اوهان جيئي سنڌ جا ورڪر به پٺاڻن وارو رستو اختيار نه ڪيو جيڪڏهن رهبر مڃيو ٿا ته پوءِ چيو به وٺو“.
ان ئي دوري دوران جڏهن پي پي سرڪار سائين جي ايم سيد کي سکر ايئرپورٽ تي پاڪستان جي جهنڊي ساڙڻ ۽ جلسن، جلوسن دوران مختلف هنڌن تي جيئي سنڌ جي ڪارڪنن پاران ڪيل فائرنگ ڪيس ۾ ڪشمور مان گرفتار ڪيو ته حفيظ قريشي اتي موجود ڪجهه هليڊرن وانگر سيدَ کي اڪيلو ڇڏي ڀڄي وڃڻ بجاءِ سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو ۽ پاڻ به گرفتاري ڏنائين جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ ٻه سال سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو، پر وڏي ڳالهه ته سيد جي هن پختي ساٿي ۽ هن هيڏي وڏي پائي جي انسان سان به جهنڊي ڪيس ۾ گرفتار ٻين اڳواڻن سُٺو ورتاءُ نه ڪيو، اهي جيل جا قصا حفيظ قريشي شهيد بشير خان قريشي ۽ اسان آڏو بيان ڪيا هئا. سائين جي ايم سيد، حفيظ قريشي کي جيئي سنڌ جي اعليٰ اختياراتي اداري سپريم ڪائونسل جو ميمبر به ڪيو هو ۽ سيد اڪثر ڪري مشڪل وقت ۽ حالتن ۾ صلاح مشوري لاءِ حفيظ قريشي کي ئي گهرائيندو هيو، مگر جڏهن 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو ته ان کانپوءِ جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ وچ ۾ انضمام ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ”جيئي سنڌ قومي محاذ“ جو وجود عمل هيٺ آيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي ان وقت جي شروع وارن اڳواڻن چاچي حفيظ قريشي کي بنهه ياد نه ڪيو ۽ آخري ڏينهن ۾ حفيظ قريشي اهڙو ذڪر ڪندي روئي ويهندو هو ته ”افسوس جو مون کي سيد جي نون جانشينن ڌِڪي ڌڻ کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي“.
ان کان علاوه حفيظ قريشي پنهنجي پونئيرن کي اها وصيعت ڪئي هئي ته مون کي مَرڻ بعد سائين جي ايم سيد جي ڀَر ۾ جڳهه ڏجو، ڇو ته جيئري به هر وقت ۽ هر حال ۾ جي ايم سيد سان گڏ رهيو آهيان ۽ ڌرتي اندر به سيد جي پاسي ۾ آرامي ٿيڻ ٿو چاهيان، پر نه ڄاڻ ڪهڙي سبب ڪري سندس پونئيرن هن جي وصيعت کي پورو نه ڪيو ۽ کيس هالا پراڻا جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
دعا آهي ته شل موجوده وقت ۾ به حفيظ قريشي جهڙا سچا، بيباڪ انسان، ديش پريمي ۽ قانوندان پيدا ٿين جيڪي بغير ڪنهن لالچ، خوف ۽ غرض جي حفيظ قريشي وانگر سنڌ ڌرتي جو ڪيس وڙهن.
عوامي آواز جي ٿورن سان